سوچ کي هڪ حد محدود نه رکو

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    *سوچ کي هڪ حد محدود نه رکو*

    تحرير ظھير حسين ملوڪاڻي

    ھڪ طالب علم پنھنجيءَ استادياڻيءَ کي درخواست ڪئي تہ مان ڪلاس کان پوءِ توهان سان ڪا ڳالھہ ڪرڻ چاھيان ٿو استادياڻيءَ ڪلاس کان پوءِ ملاقات جو ھڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيو ۔
    انھن ٻنهي جي وچ ۾ ھن ريت سوال ۽ جواب جو سلسلو شروع ٿيو ۔
    استادياڻي : - "توھان ڪھڙي ڳالھہ ڪرڻ چاھيو ٿا؟"
    طالب علم:- " مان سمجهان ٿو تہ مان ڪافي ذھين آھيان ۽ مون کي وڏي ڪلاس۾ ھئڻ گھرجي ۔ ڇا توهان مون کي ھن کان وڏي ڪلاس ۾ موڪلي سگهو ٿيون؟"
    استادياڻي ان جي ھن درخواست کي اسڪول جي ڊائريڪٽر تائين پهچايو ۽ ڊائريڪٽر طالب علم جي صلاحيت کي پرکڻ لاءِ ھڪ انٽرويو ورتو۔
    ڊائریڪٽر : - "3 ضرب 4 ڪيترا ٿيندا؟"
    طالب علم:- " 12 ".
    ڊائريڪٽر : - " ٺيڪ، 6 ضرب 6 ڪيترا ٿيندا؟"
    طالب علم:- "36".
    ڊائريڪٽر: - "جاپان جي گاديءَ جو هنڌ ڪٿي آهي۔ ؟"
    طالب علم: - "ٽوڪیو"
    ڊائريڪٽر تقریبن ڪلاڪ سوال جواب ڪيا ۽ طالب علم ھڪڙي ڀيري بہ جواب ڏيڻ ۾ ڪابہ غلطي نہ ڪئي ۔
    پوءِ استادياڻيءَ کي چيو اگر توهان ڪجھہ پڇڻ چاھيو ٿيون تہ پڇي سگهو ٿيون ۔
    استادياڻي :- " ٺيڪ ، ٻڌايو تہ اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا ڳئون کي چار آهن ۽ مون وٽ ٻہ آھن ؟"
    (ڊائريڪٽر حيرت ۾ استادياڻيءَ کي ڏٺو )۔
    طالب علم:- " ڄنگهون استاد محترم!"
    استادياڻي :- " بلڪل صحیح ، ھاڻي ٻڌايو تہ اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا تنھنجي پتلون ۾ آهي ۽ منھنجي پتلون ۾ نہ آھي ؟ "
    (ڊائريڪٽر حيران ٿي ويو ۽ شرمندو ٿيو)۔
    طالب علم : - "کيسو"
    استادياڻي : - "عورتن کي ڳنڊيارا وار ڪٿي ھوندا آھن ؟ "
    (ڊائريڪٽر حیران ۽ پریشان ٿي ويو)۔
    طالب علم: -"آفریقا ۾ "
    استادياڻي :- " اھا نرم شيءِ ڇا آهي جيڪا عورتن جي ھٿ تي سخت ٿي ويندي آهي ؟ "
    (ڊائريڪٽر جي دل جي ڌڙڪڻ بند ٿيڻ لڳي)۔
    طالب علم:- " نیل پالش".
    استادياڻي : - "عورتن ۽ مردن جي ڄنگهن جي وچ ۾ ڇا ھوندو آھي؟" (ڊائريڪٽر جو تہ آوازبند ٿي ويو)۔
    طالب علم: - "گوڏا "
    استادياڻي : - " ڏاڍو سٺو ! ھاڻي ٻڌايو تہ اھا ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا شادي شده عورت وٽ ڪنواري عورت کان وڏي ھوندي آھي ؟"
    (ڊائريڪٽر جو تہ بدن ئي شل ٿي ويو )۔
    طالب علم:- " کٽ".
    استادياڻي :- "منھنجي جسم ۾ اھا ڪھڙي جاءِ آھي جتي پاڻياٺ سڀ کان وڌيڪ ھوندي آھي؟"
    (ڊائريڪٽر آسمان طرف نھاريو ۽ اللہ کان مدد گھرڻ لڳو)۔
    طالب علم : -"زبان آهي استاد محترمہ!"
    اھو سڀ ٻڌڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر چيو : -
    "مان پنھنجي غلط سوچ تي لعنت ڪيان ٿو ۔ توهان یونیورسٽي وڃو ۽ مان پرائمري اسڪول وڃان ٿو ۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو