شاگردن لاءِ تقريرون، تقرير جو فن ڄاڻيندڙ، عبدالحلیم سومرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    تقرير جو فن ڄاڻيندڙ، عبدالحلیم سومرو...!
    فقير محمد سنڌي
    ڪنھن ڏاهي جون سٽون آهن ته :ادب ۽ آرٽ ۾ ماڻهن جي دلين ۽ دماغ کي متاثر "ڪرڻ جي طاقت سمايل آهي، فنڪار چوائڻ جو حق صرف انھن ليکڪن کي آهي جي انهيءَ تاثر کي سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ عام ڪن ٿا، ماڻهن جي روح ۾ سونهن ۽ سرت پيدا ڪن ٿا " اهڙو ئي فني ڪم استاد عبدالحلیم سومرو شاگردن لاءِ تقريرون جو ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريء جو 41هون ڪتاب آهي، جيڪو اسڪولي شاگردن، عام پڙهندڙ ۽ مقررن لاءِ انتهائي ڪارائتو ڪتاب آهي. شاگردن لاءِ تقريرون جي ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر، ادیب، تعليم دان ۽ محقق پروفيسر مختيار سمون لکيو آهي، مختيار سمون لکي ٿو ته : ٻار جي اهڙي بهترين تعليم ۽ تربيت ڪرڻ هڪ استاد جو ئي منصبي فرض هوندو آهي، سٺو استاد ٻار جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ سندس حال ۾ معني ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي شاگرد ۾ پنهنجي اولاد نظر ايندي جنهن ڪري سندس ڪردار ۾ استاد سان گڏ والدين وارو جذبو به شامل ٿي ويندو آهي انهي حوالي سان جڏهن هو، علم ڏيڻ کي پيغمبري پيشو سمجھي فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته پوءِ ئي هو هڪ ڪامل استاد جي رتبي تي پهچندو آهي.
    پروفيسر ستار سومرو، مَنَ اندر جون ڳالهڙيون ۾ لکي ٿو ته : دنيا جي وڏن ڏاھن، تقرير بازن، مقررن، شعله بيان خطيبن، اديبن، فلاسفر، سياستدان تقريرن، ۽ تحريرن ۾ ستل ذهنن کي سجاڳ ڪري، اتساهه جو روح ڦوڪي سماج کي تبديل ڪرڻ جا مضبوط ۽ سگھارا بنياد رکيا. اداري پاران عيسي ميمڻ لکيوآهي ته : تقرير انساني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انسان جڏهن لکڻ جو فن نه سکيو هو تڏهن ڳالھ ٻول جي ذريعي ئي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو هو. ڪتاب جي ارپنا لکيڪ پنهنجي اولاد جي نالي ڪئي آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر صبا ناز، ملھار( اسد)، تصور حسين، شاھ زيب حسن ۽ زين عباس شامل آهن. استاد عبدالحلیم سومرو جو ڪتاب ۾ تعارف پڻ شامل آهي، جيڪو ادب جي پانڌيئڙا لاءِ اتساهه سسب آهي. ڪتاب جي حصي پهرين ۾ 32 شاندار تقريرون شامل آهن جنهن ۾ پهرين تقرير خيرالوري'، شمس الضحي'، سيدالثقلين احمد مجتبي، محمد مصطفي ﷺ جي شان ۾ عقيدت جا گل نڇاور ٿيل آهن، ٻئين تقرير سنڌي ٻوليءَ جي وارث شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، سچ، صداقت ۽ پيار جي پيغام تي آڌاريل آهي.
    ڪاتب! لکين جيئن لايو لام الف سين،
    اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾. ( شاهه )
    مضمون نويسي، نثري اها صنف آهي جنهن ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، مختصر مضمون ۾ زندگيءَ جي جامع ڳالھ ٿيل آهي. اهڙو ئي تحقيقي، اصلاحي ۽ تجرباتي ڪم استاد عبدالحلیم سومري به سٺي مھارت سان پيش ڪيو آهي. مضمون نويسيءَ جي بنيادي عنصرن ۾ ٻوليءَ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ، جملن جي درست جوڙجڪ ۽ انهن جو صحيح استعمال، بيھڪ جي نشانين جي ڄاڻ جا سڀ پاسا عبدالحلیم سومري شامل رکيا آهن. حصي پهرين جي تقريرن ۾ ڪرپشن سماج ۾ نوجوان جو ڪردار ۽ آخري سنڌي تقرير وڌندڙ آدمشماري جو معيشت تي اثر شامل آهي، جيڪو سڄي دنيا لاءِ مسئلو آهي، آدمشماري تي عبدالحلیم سومرو لکي ٿو ته، جڏهن فطرت جي خوبصورت تخليق هن ڌرتيءَ جي معيشت لاءِ ٻوجھ، وزن ۽ بار ٿي پوي ته پوءِ انسان کان وڌيڪ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ٻيو ڪونه پر خود انسان ئي ٿي پوي ٿو،يعني وڌندڙ آبادي جنهن جو بيلنس نه رکي سگھجي ڪنهن کي نوڪرين ۾ مشغول نه رکجي، جنھن لاءِ موقعا ميسر نه هجن ته پوءِ ظاهر آهي ته معيشت تي منفي اثر ئي پوندا. عبدالحلیم سومرو مسلسل محنت ڪري تقريرن ۾ خوبصورت رنگ ڀريا آهن، جيڪي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن تي پنهنجو اثر ضرور ڇڏيون، تقريرن جي حصي ٻئين ۾ اردو تقريرون شامل آهن، جنھن جو تعداد به آهي جنهن ۾ پهرين تقرير ماءُ جي عنوان سان آهي، ان مختصر تقرير ۾ ماءُ جي عظمت، فضيلت ۽ عزت تي جامع نموني روشني وڌي وئي آهي. ٻنهين جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو فرمان عاليشان بيان ٿيل آهي ته، جيڪڏهن مونکي نماز ۾ منهنجي ماءُ سڏي ته مان نماز ترڪ ڪري ماءُ وٽ پھچي وڃان. اهڙي طرح پنهنجي ملڪ لاءِ لکيو آهي ته، پاڪستان مانگ رها هي، يوم دفاع، 6 سيپٽمبر۽ يوم آزادي سان گڏ کوڙ سارن مضمونن کي هن سيڪشن ۾ جاءِ ڏني آهي.
    ڪتاب ٽئين ۽ آخري پورشن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ تقريرون شامل آهن جنهن ۾ زندگي جي هر مسئلي تي قلم کنيو ويو آهي 14 تقريرن جا اسم شامل ڪري شاگردن جي اڃان وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري ليکڪ ساجد مسڻ لکيو آهي جنهن ۾ عبدالحلیم سومري کي لفظن جي ڀيٽا هن ريت پيش ڪئي آهي ته، هر تقرير گهرائي سان لکيل آهي جنھن ۾ لفظ ائين ترتیب سان وڏ ڦڙي مينھن وانگر وسن ٿا، جيڪي ماڻهوءَ جي جيءَ کي جهوري وجهن ٿا، جيڪا ڳالھ تقرير لکڻ واري جو ئي ڪمال آهي. آخر ۾ عبدالحلیم سومرو لاءِ عجب شيخ جون هيءُ سٽون ته :
    عشق! تنھنجي حضور ۾ آهيان،
    مان صدين کان سرور ۾ آهيان.
    يادگيرين جي باھ ڀڙڪي ٿي،
    روز پهچندو تَنُور ر ۾ آهيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو