”وسيع تر قومي مفاد“ ۾ عظيم تر مفاهمت !!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هن ملڪ جي عوام کي ضرور پنهنجن سمورن سياسي اڳواڻن تي فخر ڪرڻ گھرجي جو اهي عظيم تر قومي مفاد ۽ وسيع تر ملڪي ترقيء لاء رات وچ ۾ هڪ صفحي تي گڏ ٿي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا ۽ پنهنجون سموريون مشغوليون ۽ مصروفيتون ترڪ ڪري،پنهنجا سمورا سياسي اختلاف وساري ۽ پنهنجون سموريون رنجشون دفن ڪري آرمي چيف جي مقرري جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي ” ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز” جو منظر پيش ڪيو آهي.پر سمجهه ۾ اهو نه آيو ته اوچتو ئي اوچتو ڪهڙي جادوء جي لٺ هلي جنهن انهن سمورن اڳواڻن جون دليون هڪٻئي خلاف موجود ڪيني ۽ ڪدورت کان ڌوئي پاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اهو ڪهڙو قدرتي ڪرشمو ٿيو جو انهن جا ماضيء جا سمورا موقف مٽائي سندن پنهنجا ئي بڻايل اصولن جا بلند مينار مسمار ڪري وڌا. گذيل وقت ۾ انهن جا جاري ٿيل لاڳيتا بيان ڏسو،سندن ڌمڪيون ۽ دهمان ڏسو،هڪ ٻئي تي لڳايل الزام ۽ تقريرون ۽ تنقيدون ڏسو.ڪجهه ئي وقت پهرين هاڻوڪا حڪمران ” سليڪٽيڊ ” ۽ ”جعلي“ هئا،ڪي خفيه هٿ هئا جيڪي هنن حڪمرانن کي بااصول سياستدانن خلاف استعمال ڪري رهيا هئا ان ڪري هاڻوڪن حڪمرانن کي هر صورت ۾ هر قيمت تي استيعفا ڏياري گھر موڪلڻو هو ۽ جيڪي انهن حڪمرانن جي حفاظت ڪري رهيا هئا انهن سان به اعلان جنگ ٿيل هو پوء هي اوچتو ڇا ٿي ويو جو انهن ئي حڪمرانن جي وڇايل دسترخوان تي سڀ جا سڀ خوشيء وچان ٺينگ ٽپا ڏيندا،هنبوڇيون هڻندا،ڇلانگون ماريندا ۽ هڪ ٻئي کي لتاڙيندي ۽ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي جدوجهد ۾ نيٺ مڙي مٺ ٿي ويا يعني ” پهنچي وهان پي مٽي جهان ڪا خمير ٿا”.ڏاڍو سٺو اسان جي انهن دور انديش ۽ محب وطن سياستدانن جي عظيم ڏاهپ ۽ دانشمنديء سبب ملڪ ۽ قوم هڪ وڏي بحران ۽ قومي خطري کان بچي ويا.اهو معاملو جيڪر حل نه ٿئي ها ته خبر ناهي ڇا جو ڇا ٿي وڃي ها.ماڻهو بکن وگھي تڙپي تڙپي مري وڃن ها،زمين ڦاٽي پوي ها ۽ آسمان ڪري پوي ها.عوام وڏي عذاب ۽ آفتن جو شڪار ٿي وڃي ها.پڪ سان هاڻي سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو،هر مسئلو حل ٿي ويندو.هر مصيبت ٽري ويندي ۽ سڀ آسانيون ٿي وينديون.جمهوريت پنهنجو جوڀن ماڻيندي ۽ آئين ۾ چار چنڊ لڳي ويندا.جيڪي ملڪ دشمن جمهوريت خلاف سازشون ڪري رهيا هئا اهي هاڻي رت روئندا ۽ ملڪ ۾ خوشحاليء جو راڄ هوندو. ان ڪري جو اسان جا اڳواڻ هاڻي مفاهمت جي ٻيڙي تي سوار ٿي چڪا آهن.اها مفاهمت جيڪا ”عظيم تر قومي مفاد“ ۾ آهي.اعتبار نٿو اچي ته هيء اها ئي ”سليڪٽيڊ“ حڪومت جي ترجمان مائي آهي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت مخالف سياستدانن خلاف بيانن جي بمباري ڪري رهي هئي پر هاڻي اها سڀني جي ساراهن جا ڍڪ ڀريندي نٿي ڍاپي.فواد چوڌري جيڪو ڪالهه تائين پنهنجي پارٽي اڳواڻن سواء ٻين سڀني کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو هو اهو هاڻي اپوزيشن کي ”ذميدار ۽ دانشمند” هئڻ جي اعزازن سان نوازي رهيو آهي.” زمين گل کلاتي هي ڪيا ڪيا...بدلتا هي رنگ آسمان ڪيسي ڪيسي“جو منظر اکين سان ڏسڻ جهڙو ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.هي ڇا ٿيو جو سمورا سخت لهجا مٺا مصريء جهڙا بڻجي ويا؟اصولن جا اختلاف پنهنجا سڀ سنڌا وڃائي ويٺا.سليڪشن توڙي اليڪشن وارا ڀاڪرين ڀڪوڙجي ويا.ڏوهاري سڏيا ويندڙ ۽ ڏوهاري سڏيندڙ سڀ هڪ ٿي ويا.هتي هاڻي مجنون اڪيلو ناهي،مجنن جي قطار لڳي ويئي آهي جيڪي ڪنهن جي قرب ۾ دل ۽ جان قربان ڪرڻ لاء آتا آهن، جنون جي هر حد لنگھڻ لاء تيار آهن،محبت ۾ هر مچ مٿان مڙڻ لاء بيقرار آهن.وسيع تر قومي مفاد جي شمع تي فدا ٿيندڙن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي ووٽ کي عزت ڏيو جا ترانا ڳائيندا رهيا ۽ اهي به جيڪي عوامي بالادستيء جا نعرا بلند ڪندا رهيا.هزارين حڪايتون ۽ سوين شڪايتون، ڪڏهن آهون ته ڪڏهن ڏوراپا پر ڇا ڪجي انهن هزارين حسرتن جو جيڪي دل ۾ گھٽجي ڪري رهيل ۽ سوين خواهشون جيڪي روح کي رهنڊي رهيون آهن،ڪيئي خوبصورت خواب جيڪي ترت تعبير جي انتظار ۾ آهن.پڪ سان سڀ جون سڀ اميدون جنهن ميخاني سان ڳنڍيل آهن انهيء سان پنهنجو ناتو ٽوڙڻ ڪا عقلمندي ته نه چئبي! اصولن جي ڳٺڙي پنهنجي جڳهه تي پر ”آبيل مجهي مار“ وارو بينر ڳچيء ۾ ٽنگڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي.جڏهن عوام جي دلين ۾ جڳهه جڙيل نه هجي ته پوء عوامي بالادستيء جا نعرا هڻڻ فضول آهن.نعرا هڻجن به سهي پر رڳو پنهنجو مناسب حصو پتي حاصل ڪرڻ لاء. اها ئي سياست آهي جنهنجي مئل جسم ۾ مفاهمت جو روح ڦوڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهن کي مسميرائيز ڪري وقت تي ووٽ کسيا ويندا آهن.جڏهن اصول پنهنجا هجن ته جيڪرڪو پنهنجن اصولن جي نڙيء تي لت ڏئي ٿو ته ٻين کي اعتراض ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي. ڪو ماڻهو ڪيترو به بهادر،اٽل ۽ ارڏو ڇو نه هجي پر ڪو هنڌ اهو به آهي جتي اهو چوڻو پوندو آهي ته ” دل ڪيا چيز هي هم جان ڀي نڇاور ڪردين“.

    پر ڪيڏي نه وڏي ستم ظريفي ٿيندي جيڪر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ ايترا پاپڙ ويلڻ باوجود به اها سڀ ڪرت اجائي وڃي، اصل معاملو حل نه ٿي سگھي ۽ وري ڪٿي نه ڪٿي ٽنگجي پوي جنهن جا گھڻا امڪان نظر اچي رهيا آهن ۽ ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگھجي ته چاهيندي يا نه چاهيندي به سپريم ڪورٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح مطئمن ته ضرور ڪرڻو پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو