مفادن جي ٽياس تي ٽنگيل اصولن جا لاش !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    703
    ورتل پسنديدگيون:
    638
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    “ووٽ کي عزت ڏيو” جو اعلان بغاوت غير مشروط مفاهمت ۾ بدلجي ويو ۽ “سول سپرميسي” جا سرندا وڄائڻ وارن جا اصول وري ڪنهن مفادن جي ديويء مٿان صدقي ٿي ويا.سول سپريميسي جي خواب ڏيکاريندڙن عين تعبير جي ڪنڌيء تي خطرناڪ يوٽرن ورتو جنهن سان نه رڳو سندن نعرن پويان هلندڙ عوام جي دل ٽٽي پيئي بلڪه خان صاحب جي يوٽرن وٺڻ جا سمورا ريڪارڊ به ٽٽي ويا. جمهوريت جي بالادستيء جا پاروٿا خواب ڏيکاريندڙ عادي منڪر آهن،اهي اڳ به ڪئين ڀيرا جمهوريت جي بالادستيء جا عهد ڪري صراط مستقيم کان ٿڙيا ۽ ڪئين ڀيرا توبه تائب ٿي پاڻ سنڀاليائون،ٿڙڻ ۽ سنڀالڻ جو اهو ڊرامو ماضيء ۾ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي پر ڇا اڄ جي عوام جي سياسي شعور ۽ بيانيي جي جنگ وڙهندڙ نوجوان ووٽرز جي اکين ۾ ڏينهن ڏٺي ايئن ڌوڙ وجھي اهي سياسي جماعتون پنهنجي سياست بچائي وٺنديون؟ پاڪستان ۾ سول سپرميسيء جو نعرو ڪڏهن به آئوٽ آف فيشن نٿو ٿئي.اهو نعرو اصولي آهي جنهن ۾ ڪي ٻه رايا ٿي نٿا سگھن پر اهو سٽ سدائين منجھهيل رهيو يا منجھايو ويو ته ڇا سياسي جماعتون سول سپرميسيء جو نعرو اصول جي بنياد تي لڳائين ٿيون يا عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاء انهيء کي ضرورت مطابق استعمال ڪن ٿيون؟ بهرحال اهو نعرو ڪڏهن ڏاڍيان ته ڪڏهن ڍڪيل ڇپيل لفظن ۾ سدائين سياسي بيانيي جو حصو رهيو آهي.سول سپرميسي جي منزل طرف گذريل هڪ ڏهاڪي کان جيڪا اڳڀرائي ٿي هئي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪ جي سياسي قيادت کي ان اڳڀرائيء کي حقيقت ۾ بدلائڻ جو موقعو ڏنو پر سياسي جماعتن گڏجي اهو موقعو وڃائي ڇڏيو.ان سموري سوديبازيء ۾ صرف جي يو آئي پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۾ ڪامياب ويئي.تحريڪ انصاف جي ڳالهه ڪجي ته بجاء ان جي جو هاڻوڪي چيف آف آرمي اسٽاف لاء خاص گنجائش پيدا ڪرڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف رسا ڪشيء جو اهو باب هميشه لاء بند ڪرڻ جو سوچي ها،ان پورو زور لڳائي اهو معاملو سدائين لاء تڪراري بحث جو عنوان بنائي ڇڏيو.هاڻي هر آرمي چيف جي نوڪريء واري مدي مڪمل ٿيڻ تي اهو تڪرار هر وار مٿو کڻندو.ان معاملي ۾ پي ٽي آئي جي سياسي ڪردار تي ڪو سوال اڀو ڪرڻ غير ضروري آهي.عمران خان يو ٽرن وارو نظريو متعارف ڪرائي پنهنجن سياسي فيصلن کي اصولن جي هر قيد کان اڳ ۾ ئي آزاد ڪري ڇڏيو هو.گذريل هڪ ڏهاڪو سول مليٽري لاڳاپن جي حوالي سان نهايت ئي اهم رهيو.اشارن ڪناين ۾ فوج جي سياسي مامرن ۾ ٽنگ اڙائڻ جو قصو ميڊيا تي زور شور سان بحث هيٺ اچڻ لڳو.سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ان بحث ۾ عام ماڻهن جا آواز ۽ رايا به شامل ٿي ويا.عوامي راء عامه جڙڻ سان سياسي جماعتن کي به پنهنجن گناهن ڌوئڻ جو موقعو مليو.تاريخي طور تي سياسي جماعتن پنهنجن ناڪامين جو گند هميشه فوج جي حڪومت ۾ مداخلت ۽ اقتدار تي قبضو ڪرڻ کي ئي ڄاڻايو آهي. پنهنجي ڪاميابيء لاء انهن سياسي جماعتن سول سپرميسي جي خواب ۾ وري رنگ ڀرڻ شروع ڪيا.لفظن جي حد تائين اهو خواب ڏاڍو وڻندڙ هو پر جڏهن به پنهنجي چيل شين تي عمل ڪرڻ جو وقت آيو ته روايتي مفاد ۽ اقتدار جي سياست سدائين ان بيانيي تي بازي کڻي ويئي.نواز ليگ جو قصو سڀ کان عجيب آهي.توڙي جو اها پراڻي جماعت آهي پر اها جماعت نئين نئين“ نظرياتي” بڻي آهي.سول سپرميسي جي نئين سر وضاحت جو نعرو لڳائي ئي نواز شريف نظرياتي سياست جي ميدان ۾ پير پاتو.مريم نواز جي سياست جو مرڪز ۽ محور به اهو ئي نعرو هو.اهو مونجھارو رڳو دوکو آهي ته ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جا بيانيا جدا جدا آهن.وڏي ۽ ننڍي ميان واري رام ڪهاڻي به فراڊ آهي.مريم نواز جيڪر ان سڄي قصي ۾ پنهنجي ڪا الڳ سياسي راء رکي ٿي ته هن کي ميان صاحب جي بيماريء جو بهانو بنائي ان راء کي ڪنهن ايندڙ وقت لاء سانڍي نه رکڻ گھربو هو ڇو ته بعد ۾ هوء ووٽ کي عزت ڏيو وارو نعرو لڳائڻ جي قابل ئي نه رهندي.اهو ئي حال بلاول ڀٽو زرداري جو آهي.پنهنجي عملي سياست جي ڪيريئر جي شروع ۾ ئي اهڙي اهم معاملي ۾ موقف بدلائڻ جو داغ سندس سياسي مستقبل لاء سٺو سوڻ ناهي.اصولن جي سياست جي حوالي سان بد قسمتيء سان روشن مثال اسان جي سياسي تاريخ جو حصو ناهن.ان جي باوجود انهن جماعتن تي عوام جو ويساهه ڪرڻ هڪ عجيب معاملو رهيو.اهل نظر اهو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ۾ رهيا ته هي عوام معصوم آهي،درويش آهي،سادو آهي، بيوقوف آهي يا شايد سڀ ڪجهه آهي.اهو عوام جن جي مسئلن جي حل لاء اهي ڪلف لڳل سياستدان پنهنجي ڪنڌ ۾ سريو هڻي پارليامينٽ ۾ اچن ٿا ان عوام جي مسئلن تي قانون سازيء لاء ڪڏهن به ان عظيم ايڪتا جو نظارو قوم کي ڏسڻ لاء ناهي مليو جيڪو کين فوجي عدالتن ۽ آرمي ايڪٽ تي قانون سازيء دوران نظر آيو.ٻارن جي تحفظ جو بل هجي،زينب الرٽ بل هجي،تعليمي سڌارن جي ايجنڊا هجي يا وري بي روزگاري ۽ معاشي بد حاليء جو حل ڳولهڻ جو معاملو، انهن سياستدانن کي ڪڏهن به هڪ زبان ٿي ڳالهائڻ جي توفيق نصيب نه ٿي پر جتي مفادن جي بچاء جو سوال آيو،جتي پارٽيء جي اڳواڻي گھربل رهي،جتي وزارت عظميٰ جي ڪرسيء جي ڪشش ڪم ڏيکاريو،جتي پنهنجي خلاف قائم ڪيسز کان بچڻ جي گھرج پيش آئي اتي بنان ڪنهن هٻڪ ۽ پشيمانيء جي سڀ معاملا ايئن طيء ٿي ويا ڄڻ ته ڪو تڪرار هوئي نه. جتي پنهنجن مفادن تي لت آئي اتي سڀ جا سڀ جوش خطابت ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳا ۽ شوق بغاوت کي ڄڻ نانگ سونگھي ويو.مسئلو اسٽيبلشمينٽ جي طاقتور هئڻ جو ناهي،مسئلو عوامي مسئلن تي سياست ڪرڻ وارن جي لڪيل ڪمزورين جو آهي.آخر اها ڪهڙي مجبوري آهي،ڪهڙي لڪيل ڪمزوري آهي جيڪا سدائين انهن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿي.سياسي جماعتن کي پنهنجن لڪيل ڪمزورين کي هاڻي عوام سامهون آڻڻو پوندو.نون ليگ سٺي ۽ خراب ٻار واري سياست هاڻي وڌيڪ کيڏي نه سگھندي.وڏو ۽ ننڍو ميان ٻن بيانين سان هڪڙي جماعت هلائي نه سگھندا.اهو عوام جيڪو سوشل ميڊيا تي پرجوش تقريرون ڏسي پنهنجي راء جوڙي رهيو آهي اهو ان نظريه ضرورت هيٺ قومي مفاد لاء قرباني جي ڄار ۾ ڦاسڻ وارو ناهي. ماضيء ۾ جڏهن مفادن جي سياست ٿيندي هئي ته سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلز جو نه هئڻ رحمت هو.تمام ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هئا ته ڪڏهن ڪهڙو “مرد حر“ ريتيء جي ديوار ثابت ٿيو ۽ ڪهڙن مفادن تي ڪهڙا اصول ڦاهي کائي ويا.اصل سچائي بند ڪمرن مان ڏهاڪن بعد ٻاهر نڪرندي هئي ۽ پوء ٿورڙي هل هنگامي بعد دٻجي ويندي هئي پر هاڻي اها سهولت موجود ناهي جوڪابه جماعت ذاتي مفادن لاء عوامي جذبن جي وڪري کي لڪائي سگھي. بند دروازن جي پويان يا اونداهين ڪنڊن ۾ جتي به اها سوديبازي ٿئي ٿي اهو نه رڳو سڀ ڪجهه عوام کي نظر اچي ٿو پر انهن وٽ پنهنجي اڻ تڻ ۽ بي چينيء جي اظهار جا به ڪيترائي ذريعا موجود آهن.نون ليگ جي نئين نئين نظرياتي سياست تي ويساهه آڻيندڙ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مايوسيء جو اظهار ڪري رهيا آهن.انهن جماعتن وڏي واڪي بلند دعوائون ڪري سول سپرميسي جي نعري کي عوامي سوچن جو حصو بنايو پر جڏهن پنهنجي نظرياتي سياست تي بيهڻ جو وقت آيو ته اهي اهڙو ٿڙيا جو هاڻي شايد هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجو پاڻ سنڀالي نه سگھن.اصولن تي ڊگھا ڀاشڻ ڏيندڙ بلاول ڀٽو زرداري ان سڄي قصي ۾ جيڪي ترجيحون ۽ توجيهون پيش ڪيون انهن به ساڻس محبت رکندڙن کي گھڻو مايوس ڪيو.ان شڪست کي ٻئي جماعتون حالتن جي نزاڪت چون يا ملڪي مفادن لاء ڏنل قربانيء جو نالو ڏين پر انهن جماعتن پاران سوشل ميڊيا تي جنگ وڙهندڙن جو ويساهه گھڻو لڏي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي سول سپرميسي جي بيانيي جي جنگ وڙهندڙ نوجوانن ان خواب جي تعبير کي ملڪ جي پراڻين سياسي پارٽين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان ڳنڍيو ۽ هاڻي سندن چهرن تي مايوسين جا ڪڪر پسي سگھجن ٿا.آئين ۽ جمهوريت جي بالادستيء جا سهڻا سپنا ڏسندڙ ڏک،ڪرب ۽ حيرت وچان انهن اڳواڻن کي تڪي رهيا آهن ۽ پارليامينٽ جي فلور تي ”ڪجهه شرم ٿيندو آهي ،ڪا حيا ٿيندي آهي“ جا اعلان بلند ڪندڙ گھڻو خاموش نظر اچن ٿا. انهيء خاموشيء پويان دل جو اطمينان آهي يا ضمير جي پشيماني؟ انهيء سوال جواب انهن سواء ٻيو ڪير ڏيئي سگھي ٿو! ، ’
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو