محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻين جي ڪتاب مان انسان ٿيندس تي سرسري نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻين جي ڪتاب
    ” مان انسان ٿيندس “ تي سرسري نظر ...
    جيئند علي مھر .
    ”ھيلو ...ها ، امان کي فون ڏي ...
    هلو ...امان ...
    جي ابا ...
    امان طبيعت ڪيئن آ ...
    ها ابا هاڻي ڪجھ ٺيڪ آھي ...
    امان بلڊ پريشر سان ھِيڻائيءَ جون گوريون به موڪليون اٿم ...رات جو هڪ کير سان کائيندي ڪر ...
    ٻيو امان ! ... ڳالھ ڪٽجي ٿي شايد ،ڳوٺ ۾ سنگنلس جو مسئلو آ ...سڀاڻي ڪال ڪندس ...
    ابا ...توکي ڏٺي ڏينهن ٿيا ھِن ...اکين کي سڪ لڳي آ ابا ...ساھَ تي ڪهڙو اعتبار... ٻچا ... هن ڀيري گوريون ڀلي نه موڪلجان ...تون چڪر ڏئي وڃجان ابا پٽَ ...“
    هي درد آ هي سورُ جي ڪِرڀ ـ ڪاتي آ ...ڇا ته احساس جي نالي ڪهاڻي سرجيل آھي ، جنهن ۾ ماءُ جو سينو پٽ جي سڪ جي ڇڪ جهڪي نٿو سگهي ، ممتا جو اندر ڦاٽي ٿو پوي ، امڙ جو عشق ٻچن سان سدائين اهڙو ئي رهيو آھي ، جهڙو مٿي مختصر ڪهاڻي ۾ سٽون سونَ ۾ تورڻ جهڙيون رشتن جي روحَ جي اوسي پاسي ۾ ويهي لکيل آھن.
    جيئن خدا جي تلاش۾ ڪو مصور ...سنگتراش رنگن جا جسمَ تراشيندو رهي ٿو تيئين ئي انسان جي اکين ۾ لمحن جي صورت ۾ اڇا ڪارا عڪس چٽجي ٿا وڃن ...جيڪي ڏينهن پٺيان راتيون بڻجي ٿيون پون . زندگيءَ جا لاھا چاڙھا ڪيڏا نه اندر جي وجود جا استاد رهيا هِن ، جيڪي پنهنجي اچڻ وڃڻ جا نشان نشانبر ڪيون نرتڪيءَ جي ناچَ جيان پنهنجي مزاج جا موھَ دلين جي ڌڪ ڌڪ جي صورت ۾ ڇڏي ويندا هِن ...ءِ پوءِ ڪهاڻين جو روپ ڌاري اسان جي هٿن تائين ” مان انسان ٿيندس “ جي نالي سان ادب اُڀَ تي چنڊ جي چانڊاڻ جيان جذبن منجھ اوتيل اُماس روحَ جرڪائي رهيو آھي ...
    اسان جو هي سيبتو ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙي سدائين بي ترتيبيءَ کي ترتيب ڏئي ساھن کي سوجهرا ڏئي سوڀَ جي صورت گهڙي ٺاهيا آھن ... جيئن آئيني ۾ الڪن جا اولڙا آھُن دانهن جا پڙلاوَ پيارَ جي پروڙَ پرچائڻ محمد دين راڄڙي جو ئي تجربو، مشاهدو ، ءِ نظر جو ئي ڪمال آھي جيڪو ٿورڙي عرصي ۾ گهڻو اڳتي وڌي آيو آھي ، سندس اڄ اسان جي هٿن تائين ڪهاڻين جو هڪ خوبصورت ڪتاب ”مان انسان ٿيندس “ جي عنوان سان پهتو آھي ، پهرين فرست ۾ ئي ڪتاب پڙھي پورو ڪيو ٿم ، سندس لکيل ڪهاڻين ۾ رن زال جو درد ، پورهيت جا پورَ ، باھِ جا ڀڙڪا ، محبوب جي ذلفن جو ھُڳاءُ ، عشق جي آخري سرحد ، رشتن جي ڀيل جا تمغا به اُڪريلَ آھن. محمد دين راڄڙي جو ڪهاڻين جو هي ڪتاب جنهن ۾ مختصر ڪهاڻيون به شامل آھن ، ڇا ته بيهڪ آھي سڀني ڪهاڻين جي ڪردارن جي ، ڪلائمڪس جي به ڪمال ڪاريگري قابو ڪري آ وڌو ، لفظن جي چونڊ ، وقتائتا موضوع ، زماني سان هلڻ جي اميد ، شعور جي پيرن تي پنهنجا پير رکي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائڻ به خوب اچي ٿو ڪهاڻيڪار دوست محمد دين راڄڙي کي ...
    ”مان انسان ٿيندس “ ڪهاڻيڻ جي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ ڪهاڻيءَ ” بچل ڪلينڪ “جي منظر ۾ مسيحائي پيشي سان وابسطه ڊاڪٽر صاحب کي لالچي بگهڙ ڪري پئسن جي حوس جو حرصيل انسان ڏيکاريو آھي جيڪو روزانو بي اولاد جوڙن جون ٽيسٽون ڪندو سڀني کي نيگيٽوِ ، پازيٽوِ چيڪ ڪرڻ کان بغير ئي نارمل جو ٺپو هڻي ڏيندو ٿي ويو....ته وري ٻيءَ ڪهاڻي ءَ” ٽوٻو “۾ هڪ انسان کي پنهنجي روزي روٽيءَ ملڻ جي لاءِ ٻئي انسان جي مرڻ جو انتظار هجي ٿو ته منَ نه منَ ڪِٿان ڪنهن جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جو اعلان ٿئي ، ءِ ان جو لاش ڳولي پنهنجي ٻچڙن جي پيٽ جي بک واري باھِ اُجهائجي . اهڙا ڪردار هاڻي ته روزاني جي بنياد تي اسان وٽ جَهجهي مِقدار ۾ موجود آھن.
    جيئين سڪل ڪاٺيءَ کي باھ جلدي وڪوڙي ٿي وڃي .
    تيئن ئي پاڻيءَ ۾ ٻاريل تيلي اڇلائڻ سان هڪدم وسامي ٿي وڃي ...سينواريل ذھنن کي شعور جي پالش هڪ نئين زندگي ٿي آڇي ...ته وري ٻئي پاسي هي به ڏٺو ءِ ٻڌو ويو آھي هڪ ڪهاڻيڪار ، زماني جي اولڙن جا عڪس پنهنجي من ڪينواس تي چٽي مشاهدن جي ڀاڪرن جا تجربا بيان ڪندي ، آھُن ، دانهن ، نازن نخرن ، پيار محبت ، درد جي ڪوسي ڪوسي تاوَ جون سرگوشيون به شامل آھن . ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙيءَ جي ڪهاڻين ۾ ...
    سندس ڪتاب ”مان انسان ٿيندس “ ۾ شامل ڪهاڻين ۾ ”ڦاٽڪ “ ،” ٽوٻو“، ”آخري شو“ ، ”ڳولا “ ،
    ”اندر جي وارتا “ ،” احساس “ ، ”امداد“ ، ” اُساٽ َ “
    ”ڏڪار “ ، ”وزن “ ، ” اي ٽي ايم مشين “ ، ”تضاد “ ، ”نئين دور جي ڪهاڻي “ ، ”بچل ڪلينڪ “ ، ”ٻه مانيون “ ، ”پريت“ ، جهڙين سرجيل ڪهاڻين ۾ شامل ڪيل ڳالهيون ، وارتائون ، احساس ، جيءُ جهوري ٿا وجهن ...جنهن ۾ زماني جون اُرھَ َزورايون ، ننڍ وڏائيءَ جي فرق ، سميت ڏڪر جي ڏوڪي تي بک بڇڙي بلا سان وڙهندي جي هانوَ ّ جي دُهُل َ به عزت جا سفيد چولا ڦاڙي وڌا ِھن ... هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ادب جي پارکو خليق ٻگهيو جو لکيل آھي جنهن هڪ هڪ ڪهاڻيءَ جي ڪردارن منجھ جذبن کي جهنجهوڙيو آھي ، ءِ تخليقڪار جي هٿن جو ٿَڪ ُلاٿو آھي ، ان کان پوءِ جي ايم لاڙڪ ، مجيب اوٺو ، ملزم سومرو ، فدا ملڪ جا سرجڻھار ڪهاڻيڪار ، ءِ ڪهاڻين بابت پنهنجي پنهنجي دل جو آواز لکيو آھي ، ءِ ڪتاب ” مان انسان ٿيندس “ جي بيڪ ٽائيٽل تي مانواري مشتاق گبول ، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ، خليق ٻگهيو صاحب جا خوبصورت ليک لکيل آھن . هي ڪتاب ”سمبارا “ پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپيو ويو آهي جنهن جي قيمت ٻه سوء 200 رپيا رکي وئي آھي ...دعا آھي ته اسان جو هِي سيبتو ڪهاڻيڪار” مان انسان ٿيندس “ جهڙا ڪهاڻين جا ڪتاب سنڌي ادب جو سينگار ڪندو رهي ..آخر ۾ هن ڪتاب مان محمد دين راڄڙي جي هڪ مختصر ڪهاڻي اوهان سان ونڊُ ڪري موڪلاڻي ڪجي ٿي ته شال هن ڪهاڻيڪار جو قلم ڪهاڻين مٿان حڪمراني ڪندو رهي...“
    ”انهيءَ عذاب جي حياتيءَ کان ته ڀلو اٿس جي گهر لولو کائي مري وڃي ...
    ادا ، ٻيو گهرُ پرڻايوس ...جيستائين ماءُ پيءُ ارس ته ٺيڪ نه ته ...
    هونئن به اڃان جوان جماڻُ ارڙھن سالن جي ته مس ٿيندي ...مڙس برادري تڪرار ۾ مري ويس ...ويچاري ڪهڙي زندگيءَ جي آسيسَ ماڻي ...
    بس ادي جيڪا قسمت ...
    پُٽُ نه ڄميل هجيس ها ته پرڻايونس ها ...“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو