مرحوم قمر

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    هر ميدان جو فاتح، عزادار قمر ۔۔۔
    ليکڪ: صارم

    ڏٺو وڃي ته گھڻو ڪري هڪڙي ذات، ڪنھن هڪ ميدان ۾ جيڪڏھن الاهي اڳتي نڪتل هجي ته ٻئي ميدان ۾ ان شخص جون مارڪون پھرئين ميدان جي نسبت گھٽ نظر اينديون آھن...
    ليڪن مرحوم قمر (اعلئ الله مقامه) انھن نادر مثالن منجھان آھي، جنھن جون هر ميدان ۾ کنيل مارڪون ڏسڻ وارن جي اندر جذبن کي ٻيھر زنده ڪن پيون ۽ ھر هڪ جي زبان اهو چئي چُپ ٿي وڃي ٿي ته بيشڪ مرحوم پنھنجي نالي جيان زمين تي گھمندڙ ڦرندڙ چنڊُ ھو جنھن پنھنجي چوڌاري ٿڌي ۽ سڪون واري روشني ئي ڇڏي آھي...
    مرحوم مجلسن کي ٻڌڻ کان علاوه مجلسن جو باني پڻُ رهيو آھي، کيس جڏھن ائمّه عليهم السلام جن جي مصيبت بابت قائم ٿيل مجلسن ۾ ڏٺو وڃي ته وقت تي پھچي وڃڻ وارو ۽ ذاڪر يا ننڍي، وڏي خطيب جي فرق کي ختم ڪندي صرف ائمّه جو نالو ٻُڌي گريو ڪرڻ شروع ڪري ها ائين لڳي ها ڄڻُ زمين تي آسماني چنڊُ وسي پيو آھي، جنھن سبب مجلس جي پوري فضا غمگين ۽ آواز ٻڌڻ وارن جي دل تي قيامت جو منظر هوندو هو، يقينا اها ڪيفيت سندس خلوص کي ظاهر ڪري ٿي. جيڪڏھن اخلاص نه هجي ها ته اڄُ عالم سڳورن توڙي عوام جي دلين ۾ ان جي ياد ائين زنده نه هجي ها، عالمن سڳورن جھڙوڪ رهبر معظّم مرشد سيد علي خامنه اي ۽ سماحه الشّيخ آيه الله حافظ بشير حسين نجفي کان جڏھن به نصيحت جي گُھر ڪئي وئي آھي ته اهي تاڪيد ڪندي چون ٿا پنھنجي هر عمل ۾ اخلاص کي پيدا ڪيو موصوف پڻ ان ئي دستور مطابق عمل ڪندي زندگي گذاري جيڪا سندس دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ڪارڻ بڻجي ٿي ... مرحوم پنھنجي سڄي زندگي ۾ جتي خلوص سان هر عزادار جو اُٿي احترام ڪندو هو، اتي عالمن سان عشق ۽ انھن جي قدر ڪرڻ ۾ به ڪنھن کي پاڻ تائين پُھچڻ نه ڏيندو هو، انھن جي چوڻ کي مڃيندو هو. جڏھن به ڪوئي سوال پيش اچيس ها ته دل کولي ڪنھن عالم کان پڇي وٺندو هو ڄڻُ حقيقت ۾ ئي قبر تائين علم حاصل ڪرڻ کي جاري رکيو اٿس...
    موصوف جڏھن عزا جي جلوسن ۾ شرڪت ڪندو هو ته سندس ذميواري نوحه خوانن جي ڀرسان لائوڊن وغيره جي سامان سان ڀريل رھڙي ڇڪڻ هئي، ليڪن موصوف پنھنجي وظيفي کي احسن انداز سان پوري ڪرڻ سان گڏو گڏُ، نوحه خوانن جي ڪنھن جملي کان غافل نه هوندو هو، هر لفظ کي دل جي طاقت سان ٻڌي ان تي گريو ڪرڻ ۽ نوحه خوانن کي وراڻي ڏيڻ سندس فطرت بڻجي چُڪي ھُئي. هڪ ئي وقت ۾ ھڪ کان گھڻا ڪم سھڻي نموني سان پورا ڪرڻ سندس عُمده اوصاف ۾ ڳڻيا وڃن ٿا...
    پاڻ مجلسن ۽ جلوسن جي شرڪت جا جيترا پابند آھن اوترا ئي نماز جا بہ پابند هئا.
    سفر هجي يا حضر سندن واجب نماز ته قضا ڪونه ٿيندي هئي پر نفل ۽ خصوصي طور تي نماز شب جا پابند به رهيا... اڌُ رات کان پوء اُٿي نماز شب ادا ڪن ها ۽ نماز فجر کان ٿورو پھريان لائوڊ هلائي چوڏھن معصومين ۽ مقدّس ذاتين جو مصائب پڙھي سحر خيز اکين کي وسائي ڇڏن ها، پوري عالمِ اسلام مومنن، عزادارن ۽ غريب عوام جي لاء مغفرت ۽ سندن مشڪلات جي حل جي دعا گھرندو هو...
    سندس بصيرت اها هوندي هئي جو سن عیسوي 2000 کانپوء جڏھن سنڌ اندر شيعت ۾ تفرقي جا ڪارڻ وڌڻ لڳا، جاهلن علماء جو لباس پھري، منبر سنڀاليو ۽ ڪن بي نمازين اچي رسول صلئ الله عليه وآله وسلّم ۽ انجي اولاد جي ٻڌايل نماز تي سواليه نشان (؟) ھڻي ڇڏيو، ان زماني ۾ مرحوم نه صرف تفرقي جي ٻاريل باھ کي سڃاڻي انجو انڪار ڪيو، بلڪِ اھڙين مجلسن ۾ شرڪت کان دور رهيا ۽ پنھنجي محلّي ۾ ربّ سائين جي مسجد تائين اھڙن کي پھچڻ نه ڏنو، جيڪي الله جل و عز ۽ محمد و آل محمد علیہم السلام جو نالو کڻي دين جي لاء نقصانمند رهيا آھن...
    هميشه ظلم جي خلاف آواز اٿاريندا هئا، پاڻ ظلم جي خلاف چپ رهڻ کي صبر نه، بلڪِ ظلم آڏو مھاڏو اٽڪائي رکڻ کي صبر جو نالو ڏيندا هئا. ڪڏھن ڪڏھن ته شام جي پھر ۾ مسجد جي دروازي تي ويھي بازارين جي بازاري حرڪتن خلاف آواز بلند ڪندا هئا ۽ ڪنھن جو به مسجد ۽ علم پاڪ جي زميني حدود ۾ تجاوز ڪرڻ سندس مقاومت جي خلاف هو...
    اهو انسان جيڪو مجلس، جلوس، ماتم، جشن، احتجاجي ريليون، نياز، سبيل جي اهتمام ڪرڻ، نماز کي اول وقت ۾ قائم ڪرڻ، نماز شب کي زنده رکڻ، سحر خيز ۽ سحر تي بيدار ڪرڻ، پنھنجي محلّي توڻي سموري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ جي عزاداري ۾ برابر شرڪت ڪرڻ، سيدن ۽ امتي، عالم سڳورن ۽ عوام جو احترام ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي رهڻ وارو ۽ وري فتني ۽ فرقه واريت جو ويري، ظلم سان مھاڏو اٽڪائڻ وارو، هر ميدان ۾ پوريون پوريون مارڪون کڻڻ وارو ھو.
    پاڻ هر ميدان جو فاتح، عزادار قمر ھو.....!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو