داستان پهريون

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    هي داستان دوستن جي ٿورن سان پيش ڪنجي ٿو

    داستان پهريون
    1
    ناھي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَـئِي رَھي؛
    ڪَنھِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گَورَنِ گَسُ؛
    ڏونگر منجھان ڏَسُ، پوندم ھوت پُنھونءَ جو.
    2
    وَيُم لالَنُ لوءِ، ھِيءَ اَڻاسِي ننڊ ۾؛
    ڀُليءَ ھيئن نه ڀانئيو، پيو پروڙڻُ پوءِ؛
    ھوتُ وَٽِم جي ھوءِ، تا سُک گُذاريون ڏينھڙا.
    3
    منھن ڏيئي آيام، جبل جھاڳڻ ڪيچ جا؛
    طعنا تھمتَ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛
    ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِھرا سُور پريَنِ جا.
    4
    ھيءَ نماڻِي نال، سنگت نِجو ساٿيو!
    ايندي پُٺيءَ آن جي، جيھي تيھي حال؛
    ھِن ڳوليندڙ جي ڳالھ، ڪا ھئي ھوتياڻِنِ ۾؟
    5
    رُئڻ زارو زار، راتو ڏينھان آھ مون؛
    کوڙي ڪان قريبُ ويو، ھِنيڙي مَنجھ ھزار؛
    ھن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟
    6
    وڃڻ ذوق ضرور، ھِن ڪاھِل آھي ڪيچ ڏي؛
    ڏسان شال اکين سان، ھوتاڻو حُضور؛
    منھنجو ڪو مَذڪور، ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟
    7
    سرتيون سڪ سبِيلَ، اَندر منجھ عجيب جِي؛
    راتو ڏينھان ٿي ڪريان، زاريون منجھان زِيلَ،
    ھن ڪمينيءَ جي قِيلَ، ڪا ھئي ھوتياڻن ۾؟
    8
    پِرين ڏيئي پُور، ويا ويچاريءَ کي؛
    تنھن دنيا جو دُور ڪيو، سڀو شوق شعُور؛
    ھن مُئيءَ جو مذڪُور، ڪو ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟
    9
    ريءَ ڪر تنھن گولي، آھيان آرياڻي ءَ جي؛
    جو ڏنائون ڏِيل کي، سو جھليم ۾ جھولي؛
    ھن ٻانھيءَ جي ٻولي، ڪا ٻُڌيوَ ٻاروچن ۾؟
    10
    ساريون پڇي ساٿَ، سنديون ڪيچن خبرون؛
    ھيڏي اچڻ جي ھئي، ڪيچَيڙن کي ڪا ته؛
    منھنجي ڀي مَصلحات، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟
    11
    لَڪين ڏيئي لَت، پاڻ ئي ڪريان پڌرو؛
    سارو وندر وُوڙيان، جيڏيون ڪارڻ جت؛
    منھنجي ڪا مَصلِحَتَ، ھئي ھوتياڻِن ۾؟
    12
    ڪري ساٿ سوال، ته ڪيچن جي ڪا ڪَل ڏيو؛
    جا ڇڏيائون ڇَپرين، موٽڻ تنھن مجال؛
    ھَي ھَي آرياڻيءَ ري، ھھڙا ٿيڙم حال؛
    سندي ھِن سنڀال، ڪا ھئي ھوتياڻين ۾؟
    13
    راتو ڏينھان رَت، اوتڻ آيم اُن ري؛
    آيل عشق عليل ۾، شال نه پوي قَطُ؛
    جبل سڀ جھاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جَتُ؛
    ھِن مُئيءَ جو مَتُ، پوي مذڪور پِرين ۾.
    14
    اَثر ڪيو اَفسوس، مُئيءَ جي مِرُن کي؛
    جُودَ تنھين جي جوش، سارو روح رتيون ڪيون.
    15
    گوندر گذاريام، سي تان ڀلا ڏينھڙا؛
    سڀ ڪنھن ساعت سپرين، ٿي صحي ساريام؛
    ھي ڪشالا ڪاريام، ساعت ھڪ سمھڻ جي.

    ڪافي 1
    ڏونگر آھي ني ڏَسُ، ميان، ھاريون منھنجي ھوت جو.

    ھلان ته ھلڻ نه ٿئي، ناھ ويچاريءَ جو وَسُ؛
    راتيون رھڻ روھَ ۾، ڪاڪِيون آھي ڪَسُ؛
    ڪِيَڙو عشق عجيب جي، ھِنيَڙي منجھ ھَنبَسُ؛
    آھي عجيبن جي، ”سچو“ سِڪ سَرسُ.

    ڪافي 2
    منھنجو، پانڌيئڙا، پِرينءَ کي ڏيج ھي نياپو.

    ڏيئي باھ ڀنڀور کي، ھيءَ ڪيچ ڪندي ڪاپو؛
    اَصل لاڪُون آھي، منھنجو ساڻن سياپو؛
    آھي اوھان جو سپرين، ھن ڇوريءَ تي ڇاپو؛
    منھنجو محبوبن کي، ٻيو ڏيج نه ڏوراپو؛
    سدا آھين ”سچوءَ“ کي، تون جيءَ جو جياپو.

    ڪافي 3
    پري ٿين نه شال، پرين پاڙيچا پرڏيھي!

    ساڻن ٿيس نه سنگتي، ھَي ھَي ھھڙي حال؛
    جَتن ڪِيڙم جيڏيون، جتنِ سان مون جال؛
    دوستن بنا ديس ۾، جيئڻ منجھ جنجال؛
    ڪنھن در ڏيان دانھڙِي، ھو جي ڪُھي ويڙم ڪال؛
    ڪوڙين ڪَيَڙم ڪيترا، اُنھن ڪاڻ ڪشال؛
    سي ئي ”سچو“ آئيا، جن لَڳ وجھايم فال.

    ڪافي 4
    ڀينر ھي ڀنڀور، اَسين ڇڏي وينداسون!

    وس نه آھيان پانھنجي، ڀلو ميان، پورن ڪِيَڙو پور،
    ھِت رتي نه رھنداسون.
    جاءِ عقل جي ناھ ڪا، ڀلو ميان، عشق ڏيکاريو ھت زور،
    اُھي وٺي وينداسون.
    پورھيو ڪَنديَس پِرَ جو، ڀلو ميان، ڇَڏي ٻيو تَڪَ تورُ،
    اَسين جا ڪي جِينداسون.
    ڪاڪِيُون وَڃي ڪيچَ ۾، ڀلو ميان، لاھي ھِنئين جو ھورُ،
    ڏُکَ ڏوراپا ڏينداسُون.
    ”سچو“ ڏٺي سَڄَڻَن، ڀلو ميان، شوقَ مَچايو شورُ،
    تَن جي پکي پَھنداسُون.

    ڪافي 5
    آھي ويچاري ڪا وَسِ، ميان، توکي معلوم مِڙيوئي!

    ويٺِي آھيان واٽ تي، گولِي ڪَجو گَسِ، ميان.
    سارو وِندُر ووڙيان، ڏاھا تُنھنجي ڏَسِ، ميان.
    ماڻھو شَھر ڀَنڀورَ جا، رُوحَ نه اَچَن رَسِ، ميان.
    ”سَچو“ پوءِ پِريَن کَـئُون، آهي ڀَنڀوران بَسِ، ميان.

    ڪافي 6
    ڳوٺَ ساري جون ڳَليُون ڳَليُون، وو، نِتُ ڏِسَڻ مون کي آئيون.

    رَت روئڻ کـئُون اُھي اَکِڙيُون، ڪين سي جَھلجَن جَھليون جَھليون.
    ڪيچئڙن جُون وَري قَطارون، ھيڏي ٻُڌيونسين ھَلِيون ھَلِيون.
    سي نه وسرَن ڳالھيون اُھي، يارَ سَڄَڻ جي تو سَلِيُون سَلِيُون.
    چاڙھيئي اَسان تي دردَ فِراقَ جون، ڇُوھ ڏاڍي مَئُون ڇَلِيون ڇَلِيون.
    روز اَزل کَـئُون ڪَيوَ ”سچوءَ“ سان، يارَ ڀَلا، ڪيئِي ڀَـلِيون ڀَـلِيون.

    ڪافي 7
    ھوت اچج ھت ھاڻين، پنھنجا ڏک ڏَسينديس، ميان.

    دوست اوھانجِڙي آھيان، ميان، سائين لڳ سُڃاڻين،
    پاڻ گولِيَن گَڏينديس، ميان.
    تون تان صاحب سُپرين، ميان، ھيءَ نانءَ نماڻي،
    توکي سائين سڏينديس ميان.
    پَکا پَکن سامھان، ميان، آرياڻي مون آڻي،
    توکي اوڏا اڏينديس، ميان.
    پُٺيءَ لڳس تانھنجي، ميان، حُبَ مَنجھؤن ھوتياڻي،
    آءٌ ڪا پاندُ ڇڏينديس، ميان!
    سچو اُوتي سپرين، ميان، پِنبڻن مان پاڻي،
    ڏک ڏوراپا ڏينديس ميان.

    ڪافي 8
    ھوتَ پِرين ھڪواري، مُونکي اچي مِلج، ميان!

    ڏونگر ڏورَڻُ مون نه ٿئي، ميان الا، آءُ اوري تون آري.
    ڳِچيءَ پائي ڪپڙو، ميان الا، زور ڪريندس زاري.
    جا اوھانجڙي ڪوٺجي، ميان الا، سا تو ڪيئَن وساري؟
    ھيجؤن کنيم سر تي، ميان الا، بارُ برھ جو باري.
    ويٺي ڏسان واٽڙي، ميان الا، مونجھ اَوھان جي ماري.
    ”سچوءَ“ سندو سڄڻا، ميان الا، ٿيو فراقُ فراري.

    ڪافي 9
    آيَس آءٌ ڪي اوڏي، جھاڳيا مون تان جبل جالَ!

    جي مون وِسھَو جيڏيون، آھيان ڪيچِن جي آءٌ ڪوڏِي.
    حُب جنھن جي ھوت کي، درد نه ٻئي ڪَنھِن ڌوڏِي.
    ڪيئن ڪريان آءٌ ڪاڪيون، ھوتُ منھنجو سو ھوڏِي.
    دَردُ جنھين کي دوست جو، لَڪَن سَا نا لوڏِي.
    سيڻن خاطر سُڻ ”سچو“ ڙي، گاھُ ڪنديس ٻَڌي گوڏِي.

    ڪافي 01
    وِيَڙا جي وڻڪار، اڃا وري ايندا سي!

    ڪي ڏينھن پھچڻ ڪيچ ۾، قصد ڪندا ڪوھيار،
    اَسين ڪاڏي نه وينداسي.
    پوءِ منھن رکي جيڏيون، پاڻؤن ڄاڻِي ھِن پار،
    اَسين ڪاڏي نه ٿينداسي.
    آيا ڄاڻي سپرين، جيءَ نِي پيڙو جار،
    نينھن نيبَھُ نينداسي.
    ھاڻي ”سچو“ مون کَـئُون وسري، ڪَتڻ واري ڪار،
    اسين جا ڪِي جينداسي.

    ڪافي 11
    اُھي ڪھڙي طرف ويام، آءٌ ڳوٺ رَھِيس سَڀ ڳولي!

    عشق ته عاشقن جا، ميان، اَڳھين ٿي ٻڌام،
    ھاڻي ٽوليءَ مَون سو ٽولي.
    ڪوڪان چڙھي ڪوھَ تي، ميان ڪيچئڙن ڪيام،
    ھاڻي ڇوليءَ مَون سو ڇولي.
    ڏوريندي مون ڏونگرين، ميان، سرتيون سال ٿيام،
    ھاڻي رمز لڌي مون رولي.
    ”سچل“ آءٌ تان ناھيان، ميان، ساري سُڌ پُيام،
    اِتي پاڻ ٻاروچل ٻولي.

    ڪافي 12
    واٽ وندر جي ڪو ڏَسي، وو ڏَسي، مون کي جيڏيون!

    سپريان جي ساٿ جا، آھيون سو عاشق اَسي، وو اَسي.
    سُڌ تنھن کي سُور جي، ڄام پُنھون جا پَسي، وو پَسي.
    وھان ڪيئن ڀنڀور ۾، خانُ ويو دل کَسي، وو کَسي.
    پِريان سندي پار ڏَھون، مانَ ڪو رھبر رَسي، وو رَسي.
    ھيڪند ٿيان جي ھوت سان، ھينئڙو منھنجو ھَسي، وو ھَسي.
    سِر ”سچوءَ“ جي سانوڻ وانگر، بِرھ جو بادل وَسي، وو وَسي.

    ڪافي 31
    ناھ ويچاريءَ جو وس نِي، توکي معلوم مِڙيوئي، ميان!

    آھي ھِن ڪميڻيءَ کي، ميان، ڏونگر سندو ڏَس نِي.
    ڇڏي ڏونگر ڏاکڙو، ميان، ويڙھي اسان جي وَس، نِي.
    حالُ ھِن جو ھِيڻو، ميان، پاڻ پنھون اَچي پَس، نِي.
    ٻاروچاڻِي جاتِ ۾، ميان، تون سانول آھين سَرس، نِي.

    ڪافي 41
    مون وٽ ھو مھمان، ڀلو جيڏيون، اَڃا ڪالھ قافلو!

    اَٿم اوٺارن جو، ميان، آيل ڙي اَرمان.
    ڏئِي ڏُکيءَ کي ويا، سورن جو سامان.
    جتن سندي جات لءِ، ھَي ھَي ھيءَ حيران.
    ڪندي وڃي ڪيچ ۾، ھيءَ برھ جو به بيان.

    ڪافي 15
    صدقي صدقي ھي سِر، ميان، آھي ڪوھيارل تَئُون صدقي!

    ڪافَ ڪشالا ڪيچ جا، ظاھر ٻُجھَن ٿا زِر، ميان.
    جبل گھايا جوش مَئُون، گھائي ڪِيَڙُوَ گھِرُ، ميان.
    محبت جي ميدان ۾، گھيڙ ڏسي وڃي گھِڙ، ميان.
    ويھڻ مون کي وِھُ ٿيو، ترسان ھَڏِ نه تِرُ، ميان.
    جيڏيون جانب جت لءِ، ڀَئي ڀَئي وتَي ھِيءَ بِرُ، ميان.
    حبيباڻِي ھنج ۾، ڪِيھَ ڪري وڃي ڪِرُ، ميان.
    ”سچو“ سچيءَ سڪ مَئُون، فاقو ڏِسِي نا ڦِرُ، ميان.

    ڪافي 16
    يار توسان منھنجي زاري، آھي سَوَ لَک واري، ميان!

    وندر جي وڻن ۾، واجھ وجھي ويچاري،
    سا تان محبت ماري.
    ھي تان حال حقير جو، اَچي ڏس آري،
    کَنيُم برھ باري.
    اَزل لاڪُون آھي ئي، يار توسان منھنجي ياري،
    پاتم ڳچيءَ ڳاري.
    سور تنھنجا سپرين، چُڪِيءَ کي چوڌاري،
    وجھج گھوٽ نه گھاري.
    آھي ھَٿِ حبيب جي، ڳالھ ”سچوءَ“ جي ساري،
    ڪندا نِي پوئواري.

    ڪافي 17
    پورھيت پاڻيءَ ڍوئي، خان ٻاروچا تُنھنجي!

    حاضر خدمت اَچِي اوھان جي، حال چونديس روئي؛
    ساٿي اسان جي سُڌ لھڻ لءِ، ڪڏھن نه مُڪو ڪوئي؛
    قولُ ڪيو ھوءِ ھوت اسان سان، سائين پورو ڪر سوئي؛
    ڪيئن وساري وھان اوھان کي، ڪَئِي تا ھھڙي توئي؛
    طوطي جي ڳچيءَ سَوَ سَلامن، ”سچوءَ“ مُڪا پڻ پوئي.

    ڪافي 18
    ھوت ڏَھون ھاڻي آيُون، مان ڏي خوشخبران جي!

    اَچِي اڏيون اوڏڙيون، جاءِ تُنھِنجَڙيءَ جايون؛
    ڇڏي شھر ڀنڀور کي، پير وري ايڏنھن پايون؛
    ٿيون جِيارن جيڏيون، اِھي ويچاريءَ کي وايون؛
    ”سچوءَ“ سَنديون دانھِڙيون، دوست وري ورنايون.

    ڪافي 19
    ڙي جيڏيون، ھاڻي ھوت ويا جي، وو، سي موٽي مانَ اچن!

    دعا ڪريجو جيڏيون، پَري نه ھوتَ وڃن؛
    سِگھا موٽَن پوئتي، اچي ويڙھي ھِن وسن؛
    وڃي ڪيچ وڻن ۾، پورھيائِت پُڇَن؛
    ڪيچي ڪميڻيءَ جي ھُت، ڪَچي شالَ نه ڪَن؛
    ”سچو“ اَصلئون آھي، سرتيون سَگ سندن.

    ڪافي 02
    يارَ ساٿيو، ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان...

    ڀلو ڙي ميان، ڪيچن جي، وو، ڪَلَ مونکي ڪائي ڏيجو.
    ھيءَ نماڻي، وو، وَر وڪاڻي ميان، نال نباھي نيجو.
    ڪيم وساريو مُئي نه ماريو، ميان، ڇوري تان مَ ڇڏيجو.
    ڏيو دلاسا ڪڏھن ايندا، ميان، لوڪئون تان نه لڏيجو.
    آءٌ اوھانجِڙي اصل آھيان، گولِي ساڻ گڏيجو.
    جنھن ويلي، وو، ھلو اِتاھون، ”
     
  2. طاھر حسين ڪلوڙ

    طاھر حسين ڪلوڙ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2020
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو