خطبه جمع نماز

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    آية العظمى سيد علي خامنائي پاران 17 جنوري 2020 عيسوي تي تهران ۾ پڙهايل نماز جمع جو ٻيو خطبو

    ترجمو ۽ ترتيب: نظير احمد بھشتي


    الحمد لله رب العالمين و صلي الله علي محمد و آله الطاهرين و صحبه المنتجبين
    چاهيان ٿو ته هن علائقي جي تاريخ جي هنن حساس گهڙين ۾ اوهان عرب ڀائرن سان مختصر گفتگو ڪريان. هنن ڏينهن ۾ هڪ عظيم ۽ دلير ايراني سردار ۽ هڪ مخلص ۽ فداڪار عراقي مجاهد آمريڪي مزدور فوجين جي هٿان آمريڪي دهشتگرد صدر جي حڪم تي شهيد ٿيا. اهو ناقابل معافي جرم، سامهون اچي ڪري نه، بلڪه لڪي ڪري بزدلاڻي طريقي سان انجام ڏنو ويو. سردار شهيد سليماني اهو انسان هئو جيڪو بيمثال بهادري سان اڳئين محاذ تي ۽ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ميدانن ۾ حاضر ٿيندو هئو. ۽ ان ئي عراق ۽ شام ۾ داعش ۽ ان جهڙن ٻين دهشتگرد ٽولن کي شڪست ڏئي ناڪام بڻائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي اها همت نه ڪري سگهيا جو ساڻس سامهون وڙهي سگهن، بلڪه بزدلاڻي طريقي سان هيليڪاپٽرن وسيلي ان مٿان حملو ڪيائون، جيڪو عراقي حڪومت جي دعوت تي بغداد ايئرپورٽ پهتو هئو ۽ ان جو ۽ سندس ساٿين جو پاڪ رت زمين تي وهايائون. هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني ۽ عراقي پٽن جو خون هڪ ٻئي سان ملي ويو ۽ الله جي واٽ ۾ زمين تي وهايو ويو.
    ايراني (فوج) سپاھ فوري طور تي جوابي وار ڪيو ۽ آمريڪي ڇانوڻي کي پنهنجي ميزائيلن سان لرزائي ڇڏيو. ۽ ان ظالم ۽ متڪبر حڪومت جي عزت ۽ هيبت کي پائمال ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي اصلي (سزا ۽) ڪن مهٽ انهن جو علائقي مان نڪري وڃڻ آهي. ايراني قوم ڪروڙن جي تعداد ۾ گڏ ٿي انهن ٻن مجاهدن جو بيمثال استقبال ڪيو. عراقي قوم ڪيترن ئي شهرن ۾تمام وڏي شان ۽ شوڪت سان انهن جي تشييع جنازه ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن وڏا جلوس ڪڍي پنهنجي همدردي جو اظهار ڪيو.
    تمام گهڻيون اجايون ڪوششون ڪيون ويون ته جيئن ايراني ۽ عراقي قوم کي هڪ ٻئي کان بدبين ڪيو وڃي. غير ذميدار ماڻهن کي خريد ڪيائون، ايران ۾ عراقي قوم جي خلاف ۽ عراق ۾ ايراني قوم جي خلاف شيطاني پروپيگنڊا ڪيائون، ليڪن ان عظيم شهادت انهن جي طاغوتي وسوسن ۽ شيطاني ڪوششن کي برباد ڪري ڇڏيو.
    اوهان سان جيڪا دل جي ڳالھ ڪرڻ گهران ٿو اها هي آهي ته اسلامي طاقت، اسان ۽ اوهان جي طاقت، فاسد مادي قوتن جي هيبت تي غلبو حاصل ڪري سگهي ٿي. مغربي قوتون علم ۽ ٽيڪنالاجي جي سهاري، فوجي اسلحي ۽ ڪوڙين پروپيگندائن ذريعي ۽ مڪاري واري سياست وسيلي هن علائقي (مشرق وسطى) جي ملڪن تي مسلط ٿي سگهيون آهن. ۽ جڏهن به (هتان جي ڪنهن ملڪ جي) عوامي تحريڪ سان مقابلي ۾ مجبور ٿي ملڪ ڇڏيو اٿن ته پوري ڪوشش ڪئي اٿن ته ان ملڪ ۾ پنهنجي جاسوسي نفوذ، سياسي ۽ اقتصادي غلبي ۽ سازشن کان هٿ نه کڻن. ۽ اسرائيل جهڙي بري ناسور کي مغربي ايشيا جي مرڪز ۾ مضبوط ڪن ۽ ان ذريعي ان علائقي جي ملڪن کي مختلف موقعن تي ڌمڪائيندا رهن.
    ايران ۾ اسلامي انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ غاصب اسرائيل کي وڏو فوجي ۽ سياسي ڌچڪو لڳو آهي ۽ ان کان پوءِ عراق ۽ شام کان ويندي غزه ۽ يمن تائين استڪبار، خاص طور تي آمريڪا جي شڪست جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. دشمنن جي ميڊيا ايران تي تهمت ٿي هڻي ته ايران ٻين ملڪن جو نائب ٿي اتي جنگ ٿو ڪري، اهو وڏو ڪوڙ آهي. علائقي جون قومون سجاڳ ٿي چڪيون آهن. ڊگهي عرصي تائين آمريڪي خباثتن جو مقابلو ڪرڻ سبب ايراني طاقت پوري علائقي جي عمومي ماحول ۽ قومن جي جذبات ۽ احساسات ۾ وڏو اثر ڇڏيو آهي. آمريڪا جي استڪباري تسلط جو خاتمو ۽ غاصب صيهوني افراد (اسرائيلين) کان فلسطين جي آزادي، هن علائقي (مشرق وسطى) جو مقدر بڻجي چڪي آهي. قومن جي همت سان اهو بلند مقصد جلدي حاصل ٿي سگهي ٿو. اسلامي دنيا کي پنهنجي اندران فرقيواريت ختم ڪرڻ گهرجي. ديني عالمن ۽ اسڪالرس جي اتحاد وسيلي نئين اسلامي زندگي جون راهون هموار ٿي سگهن ٿيون. اسان جي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي هڪٻئي سان تعاون سبب علم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ايندي ۽ نئين ثقافت جا نقشا تيار ٿيندا. اسان جي ميڊيا جي هڪٻئي سان تعاون سبب عمومي ماحول ۽ ثقافت ۾ بنيادي تبديلي اچي سگهي ٿي. اسان جي مسلح فوجن جي هڪٻئي سان تعاون سبب پوري علائقي کي دشمنن پاران اڳرائي ڪري جنگ مسلط ڪرڻ کي روڪي سگهجي ٿو. اسان جي بازارن جي هڪٻئي سان تعاون ۽ رابطي وسيلي (هتان جي) ملڪن جي اقتصادي نظام کي ڌارين ۽ تجاوز ڪندڙ غيرن جي ڪمپنين جي تسلط کان آجو ڪري سگهجي ٿو. اسان جي ماڻهن جي هڪ ٻئي ڏانهن اچ وڃ ۽ سفر ڪرڻ سان اتحاد، محبت ۽ دوستي جو ماحول ٺاهي سگهجي ٿو. توهان ۽ اسان جو گڏيل دشمن چاهي ٿو ته اسان جي ملڪي وسيلن سان پنهنجو اقتصادي نظام مضبوط بڻائي، اسان جي قومن کي ذليل ڪري پنهنجي عزت وڌائي ۽ اسان کي تفرقي ۾ وجهي پاڻ اڳواڻي سنڀالي. چاهن ٿا ته اسان ۽ اوهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي تباھ ڪري ڇڏين.
    آمريڪا چاهي ٿو ته فلسطيني مظلوم، بي رحم ۽ ظالم صيهونين (۽اسرائيلين) جي چنبي ۾ هجن، شام ۽ لبنان ان جي نوڪر ۽ چاپلوس ملڪن جي هٿن ۾ هجن، عراق ۽ ان جو پورو تيل پوري جو پورو سندس اختيار ۾ هجي. انهن مذموم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي کان وڏي ظلم ۽ شرارت کان منهن موڙڻ لاءِ تيار نه آهي. شام جو ڪجھ سالن تي مشتمل سخت امتحان، لبنان جا هڪٻئي پٺيان لڳاتار فتنا ۽ عراق ۾ لڳاتار تخريبڪاري ان جي انهن مذموم ارادن جو چٽو ثبوت آهن.
    حشد الشعبي جي ڪمانڊر ابو مهدي ۽ سپاھ جي اڳواڻ شهيد سردار سليماني تي دهشتگرد حملو آمريڪا پاران عراق ۾ فتنو ايجاد ڪرڻ جو اهڙو عمل آهي جنهن جو مثال نه ملندو. اهي فتنو پيدا ڪرڻ، داخلي جنگ جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ آخر ۾ ملڪ کي ٽوڙي مومن، مجاهد، وطن دوست ۽ پوري جوش ۽ جذبي سان مقابلو ڪندڙ ماڻهن کي ميدان تان هٽائي عراق ۾ پنهنجا پليت مقصد حاصل ڪرڻ ٿا گهرن. انهن جو مذموم چهرو اهو آهي جو جڏهن عراق جي پارليامينٽ انهن جي ملڪ مان نڪري وڃڻ جو بل پاس ڪيو ته پاڻ کي جمهوريت ۽ ڊيموڪريسي جو حامي سڏيندڙ سڀ لحاظ ختم ڪري چوڻ لڳا ته اسان عراق ۾ رهڻ آيا آهيون ۽ هتان نه نڪرندا سين.
    اسلامي دنيا کي نئون صفحو کولڻ گهرجي، سجاڳ ذهنن ۽ ضميرن جا مالڪ مومن، قومن ۾ پنهنجي نفس تي اعتماد، پنهنجي پاڻ تي ڀروسي جو ماحول پيدا ڪن. ۽ سڀني کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته قومن جي آجپي جي واحد واٽ منصوبه بندي، دشمنن سان ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کان نه ڊڄڻ آهي. الله سائين مسلمان قومن کي پنهنجي رحمت ۽ مدد جي سائي ۾ رکي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو