زخمي چانڊيو جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري مٺڙا ٻار جو جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    زخمي چانڊيو جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري "مٺڙا ٻاڙ" جو جائزو...!
    فقير محمد سنڌي
    مون کي نه سون گھرجي، نه چاندي گهرجي،
    مون کي انساني ضمير قُلعي ڪرائي ڏي.
    ( استاد دامن)
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جو 73هون ڪتاب "مٺڙا ٻار " جيڪو جيڪو زخمي چانڊيي جو ٻاراڻي شاعريءَ تي سرجيل آهي، زخمي چانڊيي جي زندگي جو گهڻو حصو ٻارن کي تعليم ڏئڻ ۾ گذريو. زخمي چانڊيي کان وڌيڪ ٻارن جي نفسيات ڪير ورلي ڪو محسوس ڪري سگھندو، ڇو جو هو سنڌ جي مستقبل سان وڌيڪ پيار ۽پريت ڪندڙ شخص هو. زخمي چانڊيي کي 24 آڪٽوبر 2000ع تي رستي ۾ شھيد ڪيو ويو، جڏهن ته هو ان وقت به ٻارن کي تعليم ڏئڻ لاءِ وڃي رهيو هو. زخمي جي هن فاني دنيا مان وڃڻ کانپوءِ شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا، پر هي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو سترهن سالن بعد زخمي جو پورهيو سندس پوئرن آڪٽوبر 2017ع تي شايع ڪرايو آهي. اها علم دوستن جي بهترين سنڀال آهي، جنھن ۾ گھر ڀاتي ۽ ادارو جس جا مستحق آهن. "مٺڙا ٻار" ڪتاب جي ارپنا به انهن معصوم گلن جھڙي ذهنن جي ناءِ ٿيل آهي، جيڪي تعليم پوري نه ڪري سگهندڙ سنڌي ٻالڪ آهن. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويو لکيو آهي، تاج جويو مھاڳ ۾ لکي ٿو ته :وطن سان محبت لاءِ ضروري آهي ته جهالت کي لتاڙي علم جا ڏيئا ٻارجن ۽ زخميءَ ٻارن کي اهو ئي درس ڏنو آهي. واقعي، زخميءَ ٻارن لاءِ جيڪي به ڳالهيون گيتن ۾ ڳايو آهن، سي سچائيءَ جون ڳالهيون آهن.
    غلام محمد غازي لکي ٿو ته :اسين ساڳي فڪر جا پانڌيئڙا آهيون، زخمي چانڊيو جي زندگي ۽ سندس نظمن بابت لکجي ته هوند سوين صفحا لکي سگهجن ٿا، پر هتي آئون ان جي لاءِ ائين چوندس ته هو سياسي، سماجي، ادبي ۽ تعليمي تنظيمن جو گلدستو هو، جنهن مان هر عام۽ خاص ماڻهوءَ واس ورتو، سندس شاعريءَ ۾ ارڏايون هيون ئي هيون پر هن جيڪو ڪجھ چيو ڪري ڏيکاريو.
    ڪتاب مٺڙا ٻار ۾ ڪل 25 شاعريءَ جا اسم آهن، جنھن ۾ زخمي چانڊيو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ٻارن سان مخاطب ٿي رهيو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ نعت مقبول ﷺ جي شان ۾ لکيل آهي.
    وليم بٽلر جو چوڻ آهي ته :تعليم جو ڪم ٿانوَ ڀرڻ نه بلڪه اندر ۾ جوت جاڳائڻ آهي.
    زخمي چانڊيي ساڳي جوت ٻارن کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ "سنڌي ٻوليءَ" جي نظم ۾ هن ريت بيان ڪئي آهي.

    ماءُ ڏني آ جنھن ۾ لولي،
    ڪيئن وساريان سنڌي ٻولي.

    تون ڇا ڄاڻين مورک ماڻهو،
    منهنجي ٻولي ڀالي ڀولي،
    ڪيئن وساريان سنڌي ٻولي.

    هيءَ ڀٽائيءَ جي آ ٻولي،
    هن جي رهندي سائي جھولي،
    ڪيئن وساريان سنڌي ٻولي.

    ٻار محبت جي زبان هوندا آهن زخميءَ به سهڻن گڻن وارا ٻار جي نظم ۾ پيار ۽ علم جي ڳالھ سهڻي انداز سان ڪئي آهي.
    پيارا پيارا پيارا ٻار،
    سهڻا هِن گڻ وارا ٻار.

    گهرجي سونهن سدائين آهن،
    گيت نوان ٿا روز ٻڌائن،
    اکڙين جا ڄڻ تارا ٻار،
    پيارا پيارا پيارا ٻار.
    "سنڌو" نظم ۾ زخمي جا سوڀارا خيال آهن، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ.
    سنڌوءَ کي دعا ڏي تون" زخمي ڀري"
    سنڌوءَ جا ڀلا ڀاڳ مولا ڪري،
    سنڌوءَ ۾ سنڌين جي شجاعت رهي.
    زندگيءَ جو هر موضوع پنهنجي اندر ۾ حسناڪي رکي ٿو، ٻاروتڻ، جواني ۽ پوڙائپ سڀ جا سڀ مرحلا پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي سان گڏ گذرن ٿا، اميد اصفھاني جو شعر آهي ته :
    آگهه نيم کہ عمر گرامي چسَان گذشت،
    خواهم ربوده بود کہ اين کاروان گذشت.
    ترجمو : معلوم نه آهي ته هيءَ پياري عمر ڪيئن گذري وئي، مون کي ننڊ وٺي وئي ۽ هي قافلو ويندو رهيو.
    زندگيءَ جو هر لمحو گذري پيو اڳتي وڌڻ لاءِ انهيءَ سڄي مرحلي کي زخمي چانڊيو ٻارن لاءِ هن ريت صرف ڪيو آهي.
    مٺڙا ٻار - نظم
    ننڍڙا مٺڙا ٻار چوان،
    يا تن کي دل جا ٺار چوان.
    نظم - عيد
    اچوڙي عيد ملهايون ٻارو،
    گيت خوشيءَ جا ڳايون ٻارو.
    لالچ - نظم
    لالچ جي نه رکڻ ٿا ٻار،
    سھڻا سي سَڏجن ٿا ٻار.
    زخمي ٻار فرشتن جھڙا،
    نازڪ نازڪ گلڙن جھڙا،
    خوشيون خوب ڏين ٿا ٻار.
    سويز چوڻي آهي ته : ڪنهن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ سان ان جون خوشيون ٻيڻيون ٿي وينديون آهن ۽ ڪنهن جي غمن ۾ شامل ٿيڻ سان ان جا غم اڌورا ٿي ويندا آهن. زخمي به ٻارن کي دعا جو درس ڏئي ۽ دعا پڻ ڏني آهي.
    نظم - دعا
    شل وطن جي ڀاڳ جي تصوير ٿيئن،
    شل وطن جي خواب جي تعبير ٿيئن.
    شل اميدون ماءُ جون پوريون ڪرين،
    شل ابي جو شان ۽ تدبير ٿيئن.
    شل سنڀالين واڳ پنهنجي ديس جي،
    شل وطن جي بخت جي تحرير ٿيئن.
    فلاسفر ڊيوڊ هيوم جو ٻارن لاءِ خيال آهي ته :جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو ته سندس ذهن خيالن کان خالي هوندو آهي جيئن ڪورو ڪاغذ، پر هر ڪو شخص پنهنجي ماحول مان ئي سکي خيال ٺاهي ذهن تي نقش ڪري ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو