خالد چنا ڪير سڏائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2020۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    خالد حسين چنا ڪير سڏائي

    ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ڌرتي جيڪي به اڄ ڏينهن تائين ماڻهون مڻيادار پيدا ڪيا آهن انهن پنهنجي ڪم ۽ ڪردار سان پنهنجي هن مٺڙي سنڌ ڌرتي ۽ پنهنجي علائقي ۽ والدين جو نالو روشن ڪيو جو سندس ڪردار تي ڪيترا ۽ اهل قلم سندن جي ڪم ۽ ڪردار تي قلم جي نب سان طبع آزمائي پيا ڪن انهن شخصيتن منجهان ڪئي ويچارا پنهنجو ڪم نشابر ڪري واري وڄائي ويا ڪئي وري پنهنجي ان سهڻي ڪم ۽ ڪردار جي فلسفي سان نڀائيندي نظر اچن ٿا اهڙن ڀلوڙ انسانن منجهان شهداد ڪوٽ جي چيڪي مٽي واري شهر جي حسين آباد محله جي عظيم شخصيت مانواري عبدالڪريم چني جي ڀاڳ ڀري گهر منجهه 18 جنوري سياري جي سرد موسم سال 1977ع اڱاري جي ڏينهن رب پاڪ هڪ ذهين پٽ جهول ۾ عطاءَ ڪيو جنهن جي ڇٺي جو( نالو خالدحسين چنو) رکيو ويو ،جڏهن تعليم جي عمر جي سانڀر ٿيس ته والد صاحب بهترين تعليم پرائڻ واسطي مهراڻ اسڪول شهدادڪوٽ منجهه ويهاريو جتان هن سلڇڻي هوشيار ٻار پنج درجا پاس ڪيا تنهن بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ منجهان سال 1992ع ۽ انٽر جي تعليم شهدادڪوٽ جي ڊگري ڪاليج مان سال 1994ع پڙهي پوري ڪري پاڻ تعليم جي سلسلي لاءِ خاموش نه ويٺو هن محنتي همراهه وڃي سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي پاڻ ملهائي انگريزي ادب منجهه سال 1999ع ڌاري ايم _اي جي ڊگري حاصل ڪري ورتي تنهن بعد هي اديب ،سماجي ورڪر ، غريبن جو هڏڏوکي شهداڪوٽ شهر منجهه (سچل سارو سچ ) نالي هڪ بهترين تعليمي اداري جو بنياد وجهي ڪيترن ئي غريبن ، مسڪين ٻارڙن جو ڀرجهلو رهيو سندس جو اهو ادارو اڄ ڏينهن تائين سندس جي ڪوششن سان تعليم جي روشني سان ڪيترن ٻارڙن کي منور ڪندو پيو اچي ، خالد حسين چنو صاحب سال 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو مقابلي وارو امتحان پاس ڪري پڙهڻ پڙهائڻ واري عظيم شعبي سان سلهاڙجي ليڪچرار طور ڊگري ڪاليج شهداد ڪوٽ پير پاتو پاڻ مسلسل پنهنجي ذهانت سان تعليم جي ميدان ۾ شهدادڪوٽ منجهه نرالو ڪردار ادا ڪندي نظر آيو خالد حسين چنو جي فن ،فڪر ۽ ادبي پهلو جي جاچ ڪبي ته سندس جو نالو تعليم دوست ۽ گهڻ رخي شخصيت طور زيري فهرست نظر ضرور ايندو هي سلڇڻو اديب ، سماجي ورڪر ،پروفسير شهداد ڪوٽ جي شهرين لاءِ هڪ مشعل راهه بڻيل شخصيت آهي پاڻ غربت جي پرواهه نه ڪندي تعليم جهڙي زيور سان پاڻ به ته ٻئين کي به انهي روشني منجهان فيضياب ڪندي نظر اچي ٿو پاڻ ٿورڙي وقت ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشوري منجهان سال 2016ع ڌاري انگريزي زبان (لسانيات )ماسٽر ( ايم ايس انگلش لينگيسٽڪس ) جي اعلي ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز پڻ ماڻي چڪو آهي خالدحشين چنه تعليمي سرگرميون ۽ سماجي سرگرمين جو هڪ نمايا ڪردار پڻ آهي پاڻ ننڍي هوندي کان وٺي عام ڀلائي وارن ڪمن سان نهايت گهري دلچسپي رکندو پيو اچي محترم خالدحسين چنا هڪ اسڪول دريا خان نالي مفت تعليم حاصل ڪرڻ وسطي کوليو آهي جنهن منجهان علائقي واسي ڪيترائي ٻار تعليم جهڙي زيور سان آرستا ٿيندي نظر اچن پيا محترم خالد حسين چني صاحب سال 2000ع کان (سگا ) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن منجهه ميمبر طور پير پاتو مڱر سماجي تنظيم منجهه اهڙو ته ڪردار ادا ڪيائين جو سگا شهدادڪوٽ پرانچ مان ترقي ڪندي سگا مرڪزي تعليم جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو 2012ع کان 2015ع ماڻيائين ،سندس جون ادبي سماجي خدمتيون ڪنهن کان لڪيل ناهن هي سٻاجهڙو انسان سال 2019ع کان 2021ع تائين (سگا ) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل طورپنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو ٿورڙي عرصي منجهه پان سگا کي ترقي وٺرائڻ جي جستجو ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندو پيو اچي پاڻ( سگا) سنڌگريجوئيٽس ايسوسئيشن جي پليٽ فارم تان هن وقت تائين ڪيترائي ورڪشاپ ، سيمينار ، ۽ گڏجاڻيون ڪندي ڪندي سنڌ جي هر هڪ شاخ جون ڪم ۽ ڪردار جاچيندو پيو اچي سگا جي پراجڪٽس جي سار سنڀال ڪندي نظر اچي پيو خالدحسين چنه ڪڏهن به سماجي ڪمن ۾ پير پوئتي ناهي ڪيو خالد حسين چنه جي سماجي تعليمي خدمتن عيوض ڪيترائي انعام ايوراڊ وٺڻ ۾ ڪامياب ويو آهي سندس کي تعليمي خدمتن عيوض سال 2005ع ڌاري (بيسٽ ٽيچر ) ايوارڊ ضلعي لاڙڪاڻي جي ناظم پاران ڏنو ويو سال 2013ع ڌاري سنڌ جي تعليم خدمتن عيوض سگا پاران گريجوئيٽس ٽرافي سان نوازيو ويو برحال خالدحسين چنو صاحب علم ،تعليم ، سماجي ڪمن سان پنهنجي ڪردار کي سڄي سنڌ ۾ معتارف نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي آندي پاڻ تعليم جي ميدان ۾ استادن جو استاد ۽ سماجي ميدان ۾ رهبرن جو رهبر طور پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار کي برقرار رکيو پيو اچي پاڻ واقع ماڻڪ موتي مثل ماڻهون مڻيادار آهي خالدحين چنه صاحب اسان جي سماج جو شعور آهي هن ڏاهي انسان ڪالهه زندگي جي 43سالن جي ڄمار منجهه پير پاتو آهي دعا آهي ته خالدحسين چنه صاحب وڄي ڄمار ۽ سماجي خدمتون سنڌ واسين لاءِ سرانجام ڏيندو رهيو بهرحال خالد حسين چنو ڪير سڏائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو