قافلي جي دل مان احساس زيان ئي هليو ويو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال هڪ اهڙي ڳجھارت بڻيل آهي جنهن تي مختلف تجزيي نگار پاڻ حيرت جو شڪار آهن ته آخر ٿي ڇارهيو آهي؟ هڪ طرف پي ٽي آئي حڪومت پنهنجن سمورين نااهلين ۽ ناڪامين سبب تيزيء سان عوامي مقبوليت وڃائي رهي آهي ته ٻئي طرف اپوزيشن جماعتون به عوام جي نظر ۾ ايترو ته وائکيون ٿيون آهن جو ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪڏهن به ڪجهه ڊليور ڪري نٿي سگھي؟ انهيء سوال پيدا ٿيڻ جا واضح سبب ۽ جواز به آهن جو سچ پچ جمهوري نظام جي دعويدار هر حڪومت اڄ تائين عوام کي ايترو ته مايوس ڪيو آهي جو هاڻي ماڻهو مايوسيء وچان عجيب غريب ڳالهيون ڪري رهيا آهن.سوال اهو ته عوامي ووٽ جي نالي تي جڙندڙ اهي حڪومتون آخر ناڪام ڇو ٿيون ٿين؟ اهو هڪ ڊگھو بحث آهي پر جيڪر ان بحث جو تت ڪڍجي ته ان سموري مامري کي ٻن نڪتن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو.پهريون ته هڪ زبردست منصوبه بنديء سان عوام جي چونڊيل نمائندن کي ناڪام ڪرڻ،انهن کي پنهنجي مرضيء سان ڪم ڪرڻ نه ڏيڻ ۽ کين بدنام ڪري عوام آڏو پيش ڪرڻ جڏهن ته ٻيو نڪتو اهو ته عوام جا ووٽ وٺي عوام جي نمائندگي جا دعويدار گھڻي ڀاڱي سياسي اڳواڻ پنهنجو پاڻ به ايترو ڪرپٽ ۽ بدديانت ٿين ٿا جو اهي قومي مفادن بدران پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر غلط ڪم ڪرڻ لڳن ٿا ۽ سندن انهن ئي غلط ڪمن کي بنياد بنائي کين بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو ۽ وٽانئن پنهنجي مرضيء موجب ڪم ورتو وڃي ٿو.انهن ۾ ايتري اخلاقي جرئت ئي نٿي ٿئي جو اهي ڪنهن به جائز قومي مقصد خاطر ڪا مزاحمت اختيار ڪري سگھن. عوامي مفادن جي اهي ڳالهه برابر ڪن ٿا پر رڳو ماڻهن کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاء باقي جڏهن اهي اقتداري ايوانن تائين پهچن ٿا ته ”اها ئي ڪهاڙي،اها ئي وڍڻ جي وار“ ۽ عوام جي لاء ”اهي ئي انڌيون،اهي ئي جنڊ“ . سو اهي پوري ريت ڄاڻن ٿا ته سندن پاڙون عوام ۾ ناهن،اها ٻي ڳالهه آهي جو عوام وري به ووٽ انهن کي ئي ڏئي ٿو جو عوام وٽ ٻيو ڪو آپشن آهي ئي ڪونه. پر انهيء جو مطلب اهو ناهي ته عوام مٿانئن جان قربان ڪرڻ لاء به ڪو تيار رهي ٿو بلڪه عوام به کين ووٽ ڏيڻ بعد منجھائن اهڙو لاتعلق بڻجي وڃي ٿو جيئن اهي پاڻ عوام کان لاتعلق بڻجي وڃن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ ۾ ڪابه وڏي سياسي مزاحمتي تحريڪ روڊن رستن تي ڏسڻ لاء ناهي ملي.هاڻي سياستدانن به اقتداري سياست واري راند جا سڀ گر سکي ورتا آهن ۽ کين شارٽ ڪٽ وارو رستو ئي مناسب معلوم ٿئي ٿو جنهن موجب ان ڳالهه جي ڪا اهميت ناهي رهي ته عوام گڏ آهي يا نه بس جن کي گڏ هئڻ گھرجي جيڪر اهي گڏ آهن ته ٻيڙا پار آهن.ان ڪري بهتر اهو ئي ٿا سمجھن ته انهن بزرگن جي هر حال ۾ سرپرستي حاصل ڪئي وڃي پوء ڀلي عوام جو رت ست نپوڙڻو ئي ڇو نه پوي جهڙيء طرح هاڻوڪي حڪومت نپوڙي رهي آهي.بدقسمتيء سان هاڻي سمورين سياسي جماعتن وٽ عوامي ايجنڊا نالي ڪا شيء نه رهي آهي.هڪڙي بزرگن جي ايجنڊا آهي ته ٻي انهن اقتداري رانديگرن جي ايجنڊا.انهيء ڪري عوام هر معاملي کان پرڀرو ٿي بيٺل آهي جو هن جي ايجنڊا جڏهن ڪنهن وٽ به ڪانهي ته پوء هو اجايو ڪنهن جو ساٿ ڇو ڏين البت عوام ان سڄي راند جو تماشو ضرور ڏسي رهيو آهي ۽ تاڙيون به وڄائي رهيو آهي.ڪو ٻڌجي ته به تاڙيون ۽ جيڪر ڪو ڇٽي تڏهن به تاڙيون،جيڪر ڪنهن کي سزا ٻڌائي وڃي ته به تاڙيون ۽ جيڪر ڪنهن جي سزا معاف ٿئي تڏهن به تاڙيون.بس تاڙيون ئي تاڙيون.هونئن انهيء اشرافيا کي عظيم غلط فهمي اها لڳل آهي ته ماڻهو بيوقوف آهن ۽ ڪجهه سمجھن ئي نٿا پر انهن کي اها خبر ناهي ته ماڻهو گھڻو سياڻا ٿي ويا آهن ۽ اهي پاڻ پنهنجن سياسي اڳواڻن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن.هئڻ ته ايئن گھربو هو ته اهڙن عظيم قومي اڳواڻن جي جيل وڃڻ ۽ ڪن کي سزائون ملڻ تي عوام جو سمنڊ روڊن رستن تي ٻاهر نڪري اچي ها پر ڇا ٿيو؟ زندگي معمول جيان هلندي رهي ان ڪري جو عوام سمجھي ويو آهي ته انهن سمورن همراهن سان ”پٿر پرائو ۽ سور پنهن جا“ وارو معاملو آهي.سو اهي ڀلي روئن، پٽين ۽ ماتم ڪن پر عوام سندن سڏ تي ايترو چري جترو جبل.اهي عظيم عوامي تحريڪون وغيره هلائڻ کان ويا هاڻي رڳو هڪٻئي کي گدڙ ڀڀڪيون ڏيندا ۽ ”هڻ ته خبر پوي“ وارو فقرو ورجائيندا. انهن مان نه ڪو نيلسن منڊيلا آهي،نه ڪو محمد علي جناح ۽ نه ئي ڪو ذوالفقار علي ڀٽو جو اهي اصولن ۽ نظرين خاطر سڀ سختيون سهي وڃن.اهي ته نهايت ئي سستي سودي تي راضي ٿي وڃن ٿا ۽ ساڳي پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا.عوام سندن نالن تي ٺپا ضرور هڻي ٿو پر سندن ٺپو عوام جي دلين تي نٿو لڳي.سو انهن سان اهو ئي سلوڪ هئڻ گھرجي جيڪو ٿي رهيو آهي.جڏهن پئسو ڪمائڻ ئي سياست رهجي وڃي ته پوء سياستدانن کي خريد ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟ هاڻي اچون ٿا هڪ ٻئي عظيم انقلابي اڳواڻ طرف جنهن گذريل ٻاويهن سالن کان تبديليء جا نوان نوان نوان نعرا هڻي ماڻهن جي مغز ۾ سور ڪري وڌو هو سو هاڻي سوچي رهيو آهي ته تبديلي ويئي ڪيڏانهن؟ڪهڙو شينهن آيو جيڪو انقلاب جي ٻڪريء کي ڳڙڪائي ويو؟ جيڪي به دعوائون ڪيائين عمل ان جي ابتڙ ڪيائين.جيڪي به وعدا وچن ڪيائين انهن سڀني تان اهڙي ته ڦڙتي سان ڦريو جو عوام ڏوراپا ڏيندي ئي رهجي ويو ته ”غضب ڪيا تيري وعدي پي اعتبار ڪيا ،،، تمام رات قيامت ڪا انتظار ڪيا.“ پر سامهون هڪ پراسرار خاموشي ۽ جيڪر ڪو جواب آيو ته فقط اهو ته ” عظيم اڳواڻ ئي يوٽرن وٺندا آهن.“هن فرمايو ”حڪومت هلي وڃي پر ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس.“ هن اين آر او ته واقعي ڪنهن کي نه ڏنو بلڪه سمورن اين آر اوز جي ماء ڏيئي ڇڏي ته ڇا ياد ڪندا! وڃو وڃي آنا ۽ ٻچا به وٺو.سائين جن جو فرمان هو ته ” لٽيل عوامي دولت جي پائي پائي واپس وصول ڪري عوام جي جھولين ۾ وجھبي“، اها دولت ڇا واپس عوام کي ملڻي هئي هتي ته عوام کي مهانگائي ۽ ڳرن ٽيڪسن جي گھاڻي ۾ پيڙهي اهڙو ته بي حال ڪيو ويو جو عوام اهو ئي پڇندو رهجي ويو ته ” مجهي تو هوش نهين تم ڪو خبر هو شايد .... لوگ ڪهتي هين ڪي تم ني همين برباد ڪيا.“خان صاحب اعلان ڪيو هو ته احتساب جو جن پوريء طرح بوتل مان ٻاهر ڪڍبو ته جيئن ڪرپٽ مافيا جون ڳچيون مروڙي ۽ ڏند جھوري ڇڏي پر اهو جن اهڙو آزاد ٿيو جو مورڳو نيب جي نڙيء تي لت ڏيئي بيهي رهيو.صاحب اها به خوشخبري ٻڌائي هئي ته ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاء خوشحاليء جون هوائون ورنديون،نوڪرين جا گل ٽڙندا ۽ روزگار جا دريا وهڻ لڳندا پر ڳالهه اتي وڃي دنگ ٿي ته ” سڪون ته انسان کي صرف قبر ۾ ملي سگھي ٿو.“ خان صاحب جنهن کي مفاهمت جي لفظ کان ئي چڙ هئي ۽ جنهن کي هو مڪ مڪا چوندو رهيو،وقت جي ستم ظريفي ته ڏسو جو هو لاڳيتو بنان جنهن مزاحمت جي مڪ مڪا ڪندو ٿو وڃي ۽ اڃا خبر ناهي هن کي اقتدار جي رستي ۾ ڪيترا يوٽرن وٺڻا پوندا،ڪيترن مڪ مڪا جي زهريلن وڻن جو ميوو کائڻو پوندو۽ پڪ سان اهڙن هٿن سان به هٿ ملائڻو پوندو جيڪي سندس سوچ مطابق بدبودار هٿ آهن.نقصان جو ٿيڻ ڪو ايڏو وڏو الميو ناهي هوندو پر نقصان جو احساس ئي مٽجي وڃڻ پڪ سان هڪ وڏو الميو آهي.اقبال مطابق؛ ”وائي ناڪامي متاع ڪاروان جاتا رها... ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان جاتا رها.“ يعني افسوس اهو ناهي جو قافلي جو سامان لٽجي ويو پر افسوس اهو جو قافلي وارن جي دل مان زيان جو احساس ئي مٽجي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو