کِلايو ئي جن سي روئاري هليا ويا..

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    سنڌ جي نامياري عالم دين مولانا قاري مسعود احمد لاکو جي وفات تي لکيل تاثر....

    کِلايو ئي جن سي روئاري هليا ويا.....!!

    شرف الدين مرکنڊ

    معاشري ۾ ڪي انسان تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد، ڪوشش، محنت ۽ جاکوڙ جي ڪري ڪرادري انسان بڻجي نڪرندا آهن، جيڪي سوين، هزارين دلين تي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، جن جو هجڻ اسان جي لاءِ آٿت جو وڏو احساس ڏيندو آهي ۽ وري انهن جو اوچتو وڇوڙو جيءُ کي جھوري وجھندو آهي، موت به هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگھي ۽ نه ئي وري ان کي ٽاري سگھي ٿو، جيڪا ساهه واري شيء، مخلوق دنيا جي تختي تي آئي آهي، ان کي ضرور موت جو ذائقو چکڻو آهي. ان حقيقت کي سڃاڻيندي به ڪجهه ماڻهن جي وڇوڙي تي دل درد جو داستان بڻجي ويندي آهي ۽ انهن املهه ڪردارن کي ڪڏهن به وساري نه سگھندي آهي.

    اهڙن ئي انسانن ۾ لاڙ پٽي جي سرزمين ٽنڊوالهيار جي ڊاسوڙي جي شهر سان تعلق رکندڙ ناليوارو عالم دين، شاهه لطيف جي شارح ۽ پارکو قاري حافظ مسعود احمد لاکو به شامل آهي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز ۽ پياري ٻوليءَ سان الله ۽ ان جي رسول جي آفاقي پيغام کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڌڻي تعالى کيس بلندين جي اعلى مقام تائين پهچائي ڇڏيو، هو گڙدن جي مرض ۾ مبتلا هو، ڊاڪٽرن سندس گڙدي جي ٽرانسپلانٽ جو مشورو ڏنو، جنهن جو آپريشن دوران ساهه جو سڳو ٽٽي ويو، هو هميشه لاءِ اسان کان موڪلائي ويو.

    قاري مسعود احمد لاکو جو شمار موجوده دور جي سٺن عالمن سڳورن، قاري حضرات ۾ هيو، هو نهايت ماٺيڻو ۽ انتهائي سادو انسان هو. هن آڪٽوبر 1979ع جي ڏهاڪي ۾ ناليواري عالم دين، قاري مولوي دائود احمد لاکو جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، حفظ قرآن مجيد، تجويد ۽ درسي نظامي جي تعليم پنهنجي والد محترم وٽ اباڻي علائقي ڊاسوڙي مان حاصل ڪئي، ان کان بعد وڌيڪ تعليم جي لاءِ هن حيدرآباد جي طرف رخ ڪيو، جتي مختلف علم جي فنن مان خاص ڪري حديث نبي ۽ مثنوي رومي جي شعبن ۾ سٺو عبور حاصل ڪيو. سندس جي زبان توڙي جو سنڌي آهي پر کيس پاڻ انگلش، اڙدو، فارسي ۽ عربي ٻولين تي سٺي مهارت حاصل ٿي چڪي هئي، هو سٺو مبلغ هو، جڏهن اسٽيج تي تقرير يا درس ڏيڻ لاءِ بيهندو هو ته سندس چهري مان نوراني لاٽون چمڪاٽ ڏينديون هيون، سندس چهري ۾ خوبصورت سونهاري ڏاڙهي سان سندس حسن نرالو محسوس ٿيندو هو. سندس بيان ۾ مٺاس ۽ پنهنجائپ جو نمونو سمايل هوندو هو، ربيع الاول، رمضان شريف، بلڪه سموري سال ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سندس وڏا وڏا پروگرام رکيل هوندا هئا، جيڪي هڪ مهينو اڳواٽ ئي مقرر ٿيل هوندا هئا، قاري مسعود لاکي جي عادتن ۾ اهو پڻ شمار هوندو هو ته هو جيڪڏهن ڪنهن کي جلسي جي تاريخ مقرر ڪندو هو ته ان ئي تاريخ تي کيس ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو هو، جيڪا سٺين عادتن ۾ عادت هئي، قاري صاحب هميشه محبت جي ڳالهه ڪندو رهيو، هو هميشه انسانيت جي محسن جي پيغام کي عام ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي سرتاج، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي تعليمات جي پرچار ڪئي، ڌڻي تعالى کيس ٿورڙي ئي عرصي ۾ بيحد مقبوليت ڏياري، نه رڳو شهر پر ٻهراڙي جي علائقن جو عوام کيس وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌڻ لاءِ بيتاب هوندو آهي. سندس هر خطاب پهرين خطاب کان گهڻو مختلف ۽ اصلاحي هوندو آهي، قاري صاحب جي بيان ۾ روحانيت، انسانذات جي خدمت اتم پڻ هئي.

    قاري مسعود احمد لاکو پنهنجي مرشد جي درگاهه الله آباد شريف جي ٿيندڙ حضرت سهڻا سائين رحمة الله عليه جي سالانه عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي صبح مثنوي رومي جو پڻ درس ڏيندو هيو، سندس کي مون پهريون دفعو وارهه لڳ ڳوٺ جاڙا واهوچا ۾ ٻُڌو، ان وقت مان نصيرآباد جي هڪ مدرسي ۾ زير تعليم هئم، سندن جي آواز ۾ خدا پاڪ مٺاس رکيو هو جو هڪ دفعو ڪو بيان ٻڌندو هو ته هر پروگرام شريڪ ٿي وڏي چاهه سان ٻڌندو هو.

    قاري مسعود احمد لاکو اهل سنت والجماعت جي سلسله عاليه نقشبدي جي اڳواڻ، درگاهه الله آباد شريف ڪنديارو جي گادي نشين حضرت خواجه محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين جن جو خليفه پڻ هيو، کيس اباڻي ڳوٺ ڊاسوڙي جي اباڻي قبرستان ۾ پنهنجي والد جي پاسي ۾ هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    سندس وڇوڙي سان سنڌ جي اهل سنت والجماعت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن به پُر نه ٿو ٿي سگهي.

    قلمي دوست شاعر عاجز رحمت الله لاشاري پاران سندس مرتئي تي چيل شعر سان پڄاڻي ڪجي ٿي.

    ڪرڻ تقرير تي، جنهن کي وڏو عبور هيو حاصل
    ٻُڌائي آخري پنهنجا مٺا اشعار ويو هليو،
    مٺي قرآن جو قاري، خطابت بي مثل جنهن جي
    ڪري عاجز اسان کي اڄ اسان جو يار هليو ويو
    Sharfdinmarkhand@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو