سمورين نااهلين جي ڪاوڙ ميڊيا تي ڇو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    خبرون خير، وفاقي حڪومت چوي ٿي ته ملڪ ۾ اٽي جو ڪو حقيقي بحران آهي ئي ڪونه باقي هڪ هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي .باتدبير وزيرن ۽ دانشمند مشيرن جو چوڻ آهي ته اهو بحران پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جو وڏو هٿ آهي.خدا جو شڪر آهي جو وڏي جاکوڙ بعد حڪومت سڳوريء کي ڪو سازشي هٿ ته نيٺ نظر اچي ويو.مطلب اهو ٿيو ته هن ملڪ ۾ سموري فساد جي پاڙ رڳو ميڊيا آهي.ظاهر ڳالهه آهي ته جيڪر ميڊيا سترهن روپيا وڪرو ٿيندڙ ٽماٽن جو اگهه وڌائي ساڍا ٽي سو روپيا ڪلو ٻڌائي ٿي ته اها سازش نه چئبي ته ٻيو ڇا چئبي.اهڙيء طرح مٽر جيڪي مائي فردوس جي چوڻ مطابق پنج روپيا ڪلو وڪامجي رهيا آهن انهن جو اگھه به ميڊيا وڌائي پيش ڪري رهي آهي. ساڳيء ريت هن وقت به پوري ملڪ ۾ اٽي جي اگھن ۾ ڪا واڌ ناهي آئي ۽ نه ئي مارڪيٽ مان اٽو غائب ٿيو آهي بلڪه حڪومت جي چوڻ مطابق سرڪاري گودام ڪڻڪ سان سٿيا پيا آهن پر اتان ڪو ڪڻڪ کڻڻ وارو ئي ناهي.پوء خبر ناهي ميڊيا ڇالاء حڪومت کي هروڀرو بدنام ڪري رهي آهي.ڪٿي هڪ چريو،ڪٿي ٻه چريا پر لڳي ٿو ته هتي چرين جا راڄ لٿا پيا آهن.هڪ ته ماڻهو اٽي جي لاء ذليل ۽ خوار ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف حڪومت جا هوش وڃايل وزير ۽ مشيرآهن جيڪي عجيب قسم جا جدا جدا سرندا وڄائيندا ٿا وڃن.پنڊيء واري پهلوان پنهنجي حڪمت ۽ دانش ڀريل تجزيي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سخت سيء ۾ ماڻهو ماني گھڻي ٿا کائين،جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت جي کاڌ خوراڪ واري عقلمند وزير ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته ڪينسر کان بچڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته ماڻهو عمدو اٽو استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪن.هڪ ٻيو ڪو ڪاڪو خسرو بختيار آهي اهو فرمائي ٿو ته ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ نالي ڪا شيء ئي ناهي جڏهن ته پنجاب حڪومت جو هڪ جذباتي وزير چئي رهيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ جي ذميدار سنڌ حڪومت آهي.عمران حڪومت جو ڀرجھلو جهانگير ترين فرمائي رهيو هو ته عمران خان مافيائن جي وچ ۾ ڦاسي پيو آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت هڪ الڳ راڳ ڳائي رهي آهي.هاڻي سمجھه ۾ نٿو اچي ته سمورن ماڻهن جو هوش هليو ويو آهي جو اهي اجايو اٽي جي کوٽ ۽ اگھن جي واڌ تي رڙيون ڪري رهيا آهن يا حڪومتي وزيرن مشيرن جي ڊول ۾ ڪو ڊفيڪٽ پيدا ٿيو آهي جو اهي هڪ طرف چون ٿا ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا کوٽ آهي ئي ڪانه پر ٻاهران ڪڻڪ گھرائڻ جا اعلان به ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ جھجھي مقدار ۾ موجود آهي ته پوء ٻاهرين ملڪن مان ڳرن اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ڪهڙو مظلب؟جيڪر بحران حقيقي نه پر هٿرادو آهي ته پوء حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟اهو هٿرادو بحران ضرور ڪنهن نه ڪنهن پيدا ڪيو هوندو ته پوء انهن خلاف ڪاروائي نورو واڍو ڪندو يا خيرو ڪاسائي؟عجيب قسم جي حڪومت ۽ عجيب قسم جا ماڻهو آهن.يعني هي ماڻهو ڪنهن به معاملي تي نه ته سنجيده ٿيڻ لاء تيار آهن ۽ نه ئي پنهنجي ڪا غلطي يا نااهلي تسليم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.الٽو ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لڳن ٿا. هر سوال جي جواب ۾ ”گذريل حڪومتن جي نااهلي “،هر بحران جي جواز ۾ ”ميڊيا،سازش ۽ مافيائون“،هنن مان چڱو ڦاٿا آهيون.هي ماڻهو تاريخ کان به ايترو ته اوپرا آهن جو کين خبر ئي ناهي ته فرانس واري انقلاب جي پويان اٽي جي اڻاٺ ئي ڪم ڪري رهي هئي ۽ حڪمران هئا جيڪي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران سندن مذاق اڏائيندي کين مانيء بدران ڪيڪ کائڻ جون صلاحون ڏيئي رهيا هئا انهيء حقيقت کان بي خبر ته ”بک بڇڙو ٽول ٿي داناء ديوانا ڪري“ يا وري ”سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا ....ڍوء بنان ڍولا ڪانهي ساڃاهه سونهن جي.“ عوام جي خالي پيٽن اندر دکندڙ بکن جي دوزخ کان بي نياز بڻيل فرانس جي انهن حڪمرانن جي بي حسي جڏهن سڀ حدون لتاڙيون ته دنيا اهو منظر ڏٺو ته فرانس جي چوڪن ۽ چوراهن تي انقلابي نوجوان هر ايندڙ ويندڙ جا هٿ چڪاس ڪرڻ لڳا ۽ جيڪو به هٿ ڪجهه نرم محسوس ٿيندو هو ته انهيء کي قوم جو قاتل سمجھندي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. لڳي ٿو ته اسان جي حڪمران اشرافيا جي بي حسي به پنهنجون سڀ حدون لتاڙڻ جي شوق ۾ آهي.هڪ چوري ٻيو وري سينا زوري يعني گئس ۽ بجليء جا اگھه وڃي آسمان تي رسيا،جواب اهو ته ميڊيا سازش ڪري رهي آهي.تيل جون قيمتون عروج تي پهتيون پڪ سان ميڊيا جي سازش ئي هوندي.دوائن جي اگهن ۾ ٻه سو سيڪڙو واڌ اچي ويئي اها به ميڊيا جي سازش هوندي.هاڻي اٽو 57 روپين کان ستر روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي پر حڪومت جو اهو ئي تڪرار ته ڪو به بحران ناهي،بس ميڊيا شرارت ڪري رهي آهي.نڪ جي ڏاڍائيء جي به انتها ٿي ويئي. ماڻهو بکن ۽ بيروزگاريء کان تنگ ٿي پنهنجن ٻچن سميت آپگھات ڪري رهيا آهن پر هنن جي ”رياست مدينه“ واري ٿيوريء کي ڪو لوڏو ئي ناهي.هن وقت به اهو حڪمران ٽولو ماڻهن جي مشڪلن کي گھٽائڻ لاء ڪو رستو ڳولهڻ بدران بدبودار بليم گيم ۾ لڳو پيو آهي.هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهي رهيا آهن.جيڪر ڪڻڪ گودامن ۾ موجود آهي ته پوء ٻاهر ڇو نٿي اچي،جيڪر ڪڻڪ جي کوٽ آهي ئي ڪانه ته پوء اٽي جا اگھه آسمان سان ڇو لڳل آهن؟ انهن سوالن جي جواب ۾ کين نانگ سونگھي وڃي ٿو۽ جواب ۾ الٽ پٽانگ ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا.خود تحريڪ انصاف جي گرفت حڪومتي مامرن تي ايتري ڪمزور آهي جو وزير اعظم جي حڪمن تي عمل ئي نٿو ٿئي.ڪيترائي ڀيرا واپاري تنظيمن جا نمائندا ميڊيا تي اچي چوندا رهيا آهن ته وزير اعظم جيڪا ڳالهه انهن سان ڪري ٿو اها پوري نٿي ٿئي جنهن ڪري ان معاملي ۾ آرمي چيف کي وچ ۾ اچڻو پيو.سورهن مهينا گذرڻ باوجود تحريڪ انصاف ڪو اهڙو ڪم نه ڪري سگھي آهي جنهن کي ڏيکاري عوام کي بهتر ڏينهن جي اميد ڏياري سگھجي.حڪمران ۽ حڪومت لطيفو بڻجي چڪا آهن.نا اهلي،نالائقي ۽ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪڏهن سرڪاري عملدارن جي بدلين ۾ نظر اچي ٿو ته ڪڏهن اٽي جي بحران جي صورت ۾.انهن کان نه ته بجليء جي چوري ٿي ڪنٽرول ٿئي ۽ نه ئي کنڊ جا اگھه.نه ته هن حڪومت جا اتحادي سندس ڪارڪردگيء مان خوش آهن ۽ نه ئي پنهن جا پارٽي ميمبر.ڇا اها سڀ به ميڊيا جي سازش آهي؟

    حيرت اها جو اٽي جي اڻاٺ ۽ ناقابل برداشت اگھن ۾ اضافي جهڙي بنيادي عوامي مسئلي تي اسان جون عدالتون به خاموش آهن.انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته عوام جي لاء اهو پيغام آهي ته هي ملڪ اوهان جو نه بلڪه ڪجهه مافيائن جو آهي جن جي هٿ ۾ ئي اوهان جي زندگي ۽ موت آهي.اهي مافيائون جڏهن گھرن اوهان جي ٻن وقتن جي مانيء جو گرهه کسي اوهان کي سسڪي سسڪي مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏين.ويچاري ميڊيا جيڪا عوامي آزارن خلاف ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ٿي۽ انهن بي انصافين خلاف ڪو آواز بلند ڪري ٿي سا انهن کي ڏٺي نٿي وڻي. جڏهن اوهان اپوزيشن ۾ هجو ۽ ميڊيا اوهان کي پوريء طرح پروجيڪٽ ڪري ته ميڊيا واهواه! پر جڏهن اوهان جي غلطين جي نشاندهي ڪندي سچائيون بيان ڪري ته پوء اف ميڊيا! هائي ميڊيا،سازشي ۽ لفافه پرست ميڊيا! ٻين جي هٿن ۾ کيڏندڙ ميڊيا! آئيني ۾ جيڪر پنهنجي ئي شڪل نه وڻي ته آئيني سان وڙهڻ بدران پنهنجي شڪل درست ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو