جيڪڏهن ڪپتان آئوٽ ٿئي ٿو ته پوء ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پراڻن سياستدانن،جماعتن ۽ نظام مان بيزار،تبديليء جي نعرن ۽ خواهش سان سياسي شعور جي اک کوليندڙ نسل هاڻي ميدان ۾ موجود آهي.ايندڙ وقت انهن جو آهي.انهن کي ئي اسان جي آئيندي جي تصوير جوڙڻي آهي.ان نسل ۾ وڏن شهرن جي اپر ڪلاس جا نوجوان،مڊل ڪلاس جا باشعور ۽ پروفيشنل ڇوڪرا ڇوڪريون،اولهه جي ملڪن کان موٽي آيل پاڪستاني،سماجي رابطن ذريعي عالمي منظر ۽ پوري دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪندڙ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جا نوجوان ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ووٽر بنجڻ وارو نسل،انهن جي خواهشن کي ڏسندڙ ۽ سندن مستقبل بابت سوچيندڙ سندن مائرون خاص طور تي شامل آهن.اهي سڀ ماڻهو ماضيء جي سياسي روايتن کان نه رڳو ڪٽيل بلڪه انهن کان سخت بيزار آهن.گذريل چونڊن ۾ به ڪيترن ئي تجزيي نگارن،دانشورن ۽ سياستدانن ان نئين طبقي جي سوچ ۽ سندن صحيح اندازو نه لڳائڻ سبب ناڪاميء جو منهن ڏٺو.ايندڙ ڪنهن به ممڪنه صدارتي نظام يا انهيء سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن ٻئي نظام جي مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت جا پرڪار ته هاڻوڪي سندن ڪارڪردگي ۽ سياسي منظر نامي کولي رکي ڇڏيا آهن.سوال اهو آهي ته عمران خان کان بعد جو منظر نامو ڪهڙو هوندو،توڙي جو اهو وقت هڪ سال کان پوء اچي يا چار سال پوء.پر لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ وري ڪنهن نئين سياسي نظام جو تجربو ضرور ٿيڻ وارو آهي. اهو نسل عمران خان بعد ڪنهن پراڻي سياسي وراثت طرف ته هرگز نه ويندو.هڪ خلا آهي جيڪا صاف طور تي نظر اچي رهي آهي.تحريڪ انصاف ڪنهن به طرح ڪا سياسي ”جماعت“ ناهي ۽ نه ئي اها ايندڙ حڪومت ۾ بڻجندي نظر اچي رهي آهي.ڏسڻو اهو آهي ته سماج ۾ پيدا ٿيل اها نئين سوچ آئيندي ڪهڙي صورت ۾ ظاهر ۽ ڪهڙي انداز ۾ سامهون ايندي.ڇا اها ڪنهن نئين سياسي جماعت کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻبي؟سول سوسائٽي جي نون ۽ موثر جدا جدا گروپن جي شڪل ۾ سامهون ايندي يا ڪجهه ٻيو؟سماجي دانشورن لاء اهو نهايت ئي دلچسپ سوال بڻيل آهي.

    نون ليگ سياسي اشرافيا ۽ ڪاروباري مافيا جو هڪ ٽولو هو جنهن جيئن تيئن ڪري هڪڙو بيانيو به جوڙي ورتو هو ۽ پوئين نسل کان ايندڙ سياسي تعصب جي بنياد تي وچ پنجاب جي حد تائين ڪنهن حد تائين عوامي مقبوليت به حاصل ڪري ورتي هئي.پر سندس سڄو چهرو شريف خاندان هو.ظاهر آهي ته موروثي سياست کان بيزار نسل لاء ان ٽٽندڙ ڦٽندڙ جماعت ۾ هاڻي ڪا ڪشش نه رهي آهي.جدوجهد جي ڳالهه ڪندڙ ان جماعت جو اڳواڻ وڏي عمر جي اثرن هيٺ ”سهوليت جي منزل“ ماڻي چڪو آهي.هونئن به ڪنهن واپاريء کان مزاحمت ۽ عزيمت جي اميد نادانيء سواء ٻيو ڇا آهي؟

    پيپلز پارٽيء کي زرداري صاحب هٿان لڳل گھاء ايترا ته گهرا آهن جو نوجوان بلاول جي ڀٽو صاحب جي نقل ڪرڻ واري ناڪام ڪوششن واريون سندس تقريرون انهن زخمن تي ملم رکي نٿيون سگھن. ان نوجوان جو سياسي بيانيو به سندس لهجي جيان ئي اوپرو بڻيل آهي.تنهن هوندي به نون ليگ جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽيء جو ڀٽي جي صورت ۾ مليل سياسي خزانو گھڻو قابل قدر آهي پر نئين نسل لاء بدترين ڪرپشن جي سخت الزامن کي منهن ڏيندڙ هاڻوڪي پيپلز پارٽيء جي سياست ۾ ڪا دلچسپي نه رهي آهي.

    سوال اهو به آهي ته ايندڙ وقت ۾ اهو پارلياماني نظام برقرار رهي به سگھندو يا نه؟ڇا ڪٿي نه ڪٿي بحث هيٺ آيل يا تجويز ڪيل صدارتي نظام يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن ٻئي نظام جي تجربي ٿيڻ جي صورت ۾ سياسي ڌريون ان خلاف ڪا موثر مزاحمت ڪري سگھنديون؟مذهبي ۽ مسلڪي جذبات جي بنياد تي ڪجهه اڳواٽ پڙهايل پوئلڳن جي زور تي لڳل ڌرڻا هجن يا مقبوليت جي دعويدار قيادتن جي ڊيل،ڍيل،جيل جي اندران ٻاهرئين ملڪ روانگيء جو سفر.پراسرار سياسي خاموشي هجي يا وسيع تر قومي مفاد ۾ چپ جو روزو رکڻ.ٻئي طرف تبديلي سرڪار جي رستي ۾ اڳ کان ئي موجود حقيقي رڪاوٽن باوجود هاڻي ڏينهون ڏينهن اونهو ٿيندڙسندس ناڪاميء جو تاثر ان سوال جي شدت ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.ڪهڙي خبر ته ان تاثر پيدا ڪرڻ پويان به ڪا شعوري ڪوشش شامل هجي ته جيئن ايندڙ مرحلي کي جواز مهيا ڪري سگھجي.عمران خان جون ڪوتاهيون ته پنهنجي جڳهه تي پر هن کان ترت ئي ڪنهن ايڏي وڏي تبديليء جي اميد لڳائڻ پڪ سان عوام جي سادگي هئي.بهر حال عمران خان کي اهو ڪريڊٽ ضرور وڃي ٿو جو هن روايتي سياست کي بدلائي ڇڏيو ۽ ماڻهن کي سياسي يقين ڏياري ڇڏيو آهي ته هاڻي هن ملڪ جو عوام هر قيمت تي تبديلي چاهي ٿو.ڪيترن ئي ڏهاڪن کان يڪسانيت جو شڪارپاڪستاني سياست ۾ عمران خان جي اچڻ سان پيدا ٿيندڙ هلچل جو منطقي انجام ڪجهه به ٿئي پر هاڻي هن ملڪ ۾ ماڻهو نطام جي حقيقي تبديليء سواء ٻئي ڪنهن به لولي پاپ تي راضي نه ٿيندا.جيڪڏهن عمران خان ناڪام ٿئي ٿو ته هن سسٽم ۽ سندس ووٽرز جو ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف جي قيام جو مقصد ڪرپشن فري پاڪستان هو.پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ سياسي پارٽي بنائڻ بدران هڪ سياسي تحريڪ طور پيش ڪيو ويو جنهن جو مقصد ڪنهن مزدوريونين طرز تي پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ ۽ انهن کي مڃائڻ هو.آڪٽوبر 2011ع جي جلسي بعد تحريڪ انصاف ۽ عمران خان مين اسٽريم سياست تي ڇانئجي ويا.هن وقت پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو نوجوان آهن جن مان 69 سيڪڙو نوجوان سوشل ميڊيا تي آهن.تحريڪ انصاف جي ووٽرز جي اڪثريت عمران خان کي سياسي ليڊر گھٽ ۽ مسيحا وڌيڪ مڃي ٿي ۽ اميدن جو بار ايترو ته گهڻو آهي جو خدا جي پناه!ان کي تحريڪ انصاف جي خوشقسمتي چئجي يا بد قسمتي جو ان جو ووٽر ايترو ته ڪمينٽيڊ آهي جو هو ڪنهن غلط ڳالهه کي به صحيح ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي.2013ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي هارائڻ ۾ ٽڪيٽن جي غلط ورهاست هڪ اهم فيڪٽر هو.نظرياتي ماڻهن بدران بينڪ بيلينس کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويئي.2018ع ۾ تحريڪ انصاف هڪ طرف جتي کٽي ويئي ته ٻئي طرف ٻين سمورين پارٽين جا رد ٿيل ماڻهو بيٽ جي ٽڪيٽ تي جڳاڙ ڪري ايوان ۾ پهچي ويا.تحريڪ انصاف کي عمران خان کي هڪ ادارو بنائڻو هو پر هيستائين اها سليڪٽيڊ ماڻهن جي چوڌاريء گھمي رهي آهي.تحريڪ انصاف جي وفاقي ڪابينا ۾ هن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نظرياتي ماڻهو نظر اچي رهيا آهن.ماڻهن جي ڏڪار جو اهو حال آهي جو حڪومت وٽ خزاني ۽ اطلاعات جهڙين اهم وزارتن لاء به ڪو پنهنجو ماڻهو موجود ناهي،نتيجي طور تي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي هيستائين نهايت ئي مايوس ڪندڙ رهي آهي.هر شعبي ۾ سڌارن جي کوٽ نظر اچي ٿي،وزيرن جي بيان بازي ٻڌي ڪري اها حڪومتي پارٽيء بدران اپوزيشن جي پارٽي محسوس ٿي رهي آهي.حڪومت هر وقت وائڙپ جو شڪار آهي.خارجه توڙي داخلي محاذ تي حڪومت کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي آهي،هاڻي اهو سوال جيئن جو تيئن اتي ئي موجود آهي ته عمران خان جي ناڪامي يا سسٽم مان آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ نظام ڪيئن هلندو؟گذريل ڏهن سالن اندر زرداري ۽ نواز حڪومتن 58 ارب ڊالرن جو قرض ورتو جنهن مان اٽڪل ٽيهه ڊالر 2020ع جي آخر تائين واپس ڪرڻو آهي.زرداري صاحب واپاري خسارو اٽڪل اٺ ارب ڊالر ڇڏي ويو هوجڏهن ته نواز حڪومت اهو خسارو گھٽائڻ بدران ان کي ارڙهن ارب ڊالرن تي پهچائي رخصت ٿي.صورتحال ايتري گنڀير آهي جو عمران خان هاڻي نڙيء ۾ ڦاٿل هڏي بڻجي ڪري رهجي ويو آهي جنهن کي نه ڳهي سگھجي ٿو ۽ نه ٻاهر ڦٽي ڪري سگھجي ٿو.اڄ به عمران خان جي پوئلڳن جو هڪ هڪ واضح طبقو موجود آهي جيڪو اڃا تائين ساڻس گھڻو ڪمينٽيڊ آهي.عمران خان جي ناڪاميء جو مقصد اهو ٿيندو ته ”اچو ۽ اچي مارشل لا لڳايو“.عمران بعد ايندڙ ڪا به سياسي حڪومت انهيء بحران کي قابوء ۾ آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي.عمران خان ناڪام ٿيو ته هن ملڪ جواڪثر ووٽر مايوس ٿي گھر ويهي رهندو جنهن سان سياسي تربيت جمود جو شڪار بڻجي ڪري رهجي ويندي.انسان غلطين مان سکندو آهي پر عمران خان جي باري ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي.البت جيڪا ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي سا اها ته عمران خان وٽ وقت تمام ٿورو ۽ مقابلو گھڻو سخت آهي.عمران پنهنجي ووٽرز ۽ حامين کي ڪنهن انارڪي ۽ عظيم مايوسيء طرف ڌڪجڻ کان رڳو پاڻ ئي بچائي سگھي ٿو ڇو ته عمران خان جي ناڪامي هن سسٽم جي ناسورن ۽ اسٽيٽس ڪو جي ڪاميابي تصور ڪئي ويندي پر عمران خان جهڙي شخص کان اها اميد رکڻ به نا ممڪن نه هوندي جو هو جلد ئي آئين کان مٿانهين قوتن سان ڪو فيصلائتو مهاڏو اٽڪائي وجھي ۽ اهو سندس سياسي زندگيء جو وڏي ۾ وڏو رسڪ هوندو.ڏسڻو اهو آهي ته عمران خان کي حالتون اهڙي سياسي ايڊوينچر جو موقعو ڏين ٿيون يا نه!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو