جامي (جامي چانڊيو): تون اسان جو سورج مکي آهين

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    جامي: تون اسان جو سورج مکي آهين

    نثار منصور

    مون هن کي پهريون ڀيرو ڪراچي ادبي سنگت ۾ شيخ اياز تي مضمون پڙهندو ڏٺو هو.سندس مضمون ايترو شاندار هو جو ان کي بيان ڪرڻ ۽ ان تي راءِ ڏيڻ ڏکيو آهي.پهرين ڀيرو فلسفي ۽ منطقي انداز ۾ لکيل سندس مضمون سڀني کي پسند آيو هو. اها 1992ع جي ڳالهه آهي ان دور ۾ ڪراچي ادبي سنگت سڄي سنڌ کي ليڊ ڪندي هئي.اڃا سنگت ۾ فوٽو سيشن ڪلچر نه آيو هو. اديبن جو وکر سندن ڪم هوندو هو.اهو ڪم ئي هو جنهن ايوب جهڙي ڊڪٽيٽر سان مهاڏو اٽڪايو هو.اهي اديب ئي هئا جن ون يونٽ جي خاتمي تائين اها جدوجهد جاري رکي.اڃا انهن سڀني واقعن تي ڪم ٿيڻو آهي پر هن ڏکاءَ واري دور ۾ ”مان توکي قاضي چوان تون مونکي حاجي چئه“ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
    هو پنهنجي وصف ۾ بلڪل اڳين بينچ تي ويهڻ وارن ذهين ٻارن لڳي رهيو هو. هن ان ڏينهن به سينئر اديبن آڏو نئين سوچ ۽ نون آدرشن جو اظهار ڪيو هو. هو انهن خوشنصيب ٻارن مان آهي جن کي علم ۽ ادراڪ سندس گهر منجهان مليو، سندس والد صاحب فارسي جو پروفيسر هو، جنهن کيس علم ۽ حڪمت جا پهريان سبق پڙهايا.هن کي ڀٽائي ۽ رومي بابت به ڄاڻ ڏني. غالب جي شاعري جي اهم نقطن جا دروازا کوليا.مون کي ته لڳندو آهي ته شروع کان وٺي اڄ تائين حالتن تي سندس دسترس رهي آهي.دسترس ان ڪري ته قدرت مٿس هميشه مهربان رهندي آئي آهي ۽ هو علم ۽ عرفان جي راه جو پانڌيئڙو بڻجي پيو آهي.
    ان ڏينهن واري مضمون به هن ۾سنجيدگي ظاهر ڪئي هئي.هن اهو مضمون تڏهن پڙهيو هو جڏهن سندس عمر 23 سال هئي. ان مضمون ۾ فلسفي، فطرت ۽ هڪ شاعر تي ڳالهايو هو جو اهو ليک پڙهي اياز صاحب ڏاڍو خوش ٿيو هوندو .اياز صاحب انهن نوجوانن کي پسند ڪندو هو جيڪي نئون سوچيندا هيا،دنيا جهان جي ادب ۽ فلسفي منجهان اهڙا موتي چونڊي لکڻ وارن ۽ پڙهڻ وارن آڏو رکندا آهن، جنهن ۾ هن ڌرتي جي ماڻهن جي تڪليفن،اهنجن ۽ دردن جو درمان هوندو هو. مان جامي لاءِ سئميوئل بٽلر جو قول ڏيڻ پسند ڪندس.“ماڻهوءَ کي ڪوئي عظيم ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ نهايت ئي ڪاهل ۽ نهايت محنتي ٿيڻ جي ضرورت آهي”.مون ڏٺو آهي ته هو هڪ پورهيت جيان پنهنجو تخليقي ۽ تنقيدي ڪم ڪندو آهي.هو بنيادي طور فلسفي جو شاگرد آهي هن پنهنجي حياتي جا ڏينهن ڀٽائي سان به گذاريا آهن سنڌ سندس خوابن جو ديس آهن ان ديس ۾ پاڻ کي ان جو نگهبان سمجهندو آهي ان ڪري ئي سالن جي رياضت هن ۾خود اعتمادي پيدا ڪئي آهي.هو جيترو سٺو لکندو آهي ان کان وڌيڪ سٺو ڳالهائي سگهندو آهي.ڪيترائي ادبي پروگرام جن ۾هن جي ڳالهائڻ سبب پنڊپهڻ ٿي ويندا آهن هو ڪو شعله بيان مقرر ناهي نه ئي ڪو شعله بيان مقرر هن وانگر سوچيندو آهي، حسب دستور هو علم ۽ ڏاهپ جا موتي جوڙي ان کي نهايت اعليٰ بڻائيندو آهي.اهو ئي سبب هو جو هن شاگرديءَ واري دور ۾ هتان جي شاگردن جي نمائندگي ڪئي ۽ٻاهرين دنيا ۾ سوڀ حاصل ڪئي.
    ڪراچي ادبي سنگت واري پروگرام ۾ ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ٿي جيڪا اڄ به دوستيءَ جي مضبوط رشتي ۾ جڙيل آهي. مون کي ياد آهي ته هو جڏهن ڪراچي ايندو هو ته گهڻو ڪري منهنجو گلشن ڪامپليڪس وارو فليٽ ڄڻ سندس ٻيو گهر هوندو هو.اسان اڪثر راتين جو دير تائين ادبي بحث ڪندا هياسي.ٻه شخصيتون مٿس غالب رهيون هڪ جويو صاحب ۽ ٻيو پليجو صاحب. هو انهن ٻنهي جي نهايت ئي تهه دل سان احترام ڪندو هو. پليجي صاحب هن کي سياست جي ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙيون ٻڌايون ۽ جوئي صاحب هن کي ادب جي باريڪ پيچرن تان پار ڪيو. مون جيئن مٿي عرض ڪيو آهي هن جي حالتن تي دسترس رهي آهي.اسان جون جڏهن محفلون گلشن ڪامپليڪس تي ٿينديون هيون انهن ۾وڏن اديبن جو ذڪر به ٿيندو هو. ڪراچي ٽي وي تي غلام حيدر شيخ، بيدل صاحب ۽ سميع بلوچ ته هن تي پيا ٺرندا هئا.هي به کين ڏاڍيون عزتون ڏيندو هو.جامي پنهنجي ٽهيءَ کي متاثر ڪيو آهي ان جو وڏو سبب هن جو مسلسل لکڻ ئي آهي.اهو ته بهتر ٿيو جو ادبي بورڊ جي ملازمن هن جي بورڊ ۾ اچڻ تي احتجاج ڪيو جتي جوئي صاحب کيس ٽرانسليٽر طور تي رکيو هو. بورڊ جي ملازمن جي هل هنگامي کانپوءِ هن اتي جوائين نه ڪيو هو. اڄ جي هو اتي هجي ها ته بورڊ تي پنهنجا اثر ڇڏي ها، پر اسان جي ماڻهن سمجهو ته هو سندن حق کائي ويندو ان تي بورڊ ۾ هن گوڙ گبوڙ ٿيو، اهو واقعو اخبارن جي سرخي بڻيو.موٽ ۾ ان جاءِ تي وڃڻ جتي کيس آڌرڀاءَ جي بجاءِ احتجاج ڪيو.ادبي بورڊ يا ٻين ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو نه رهيا آهن.هو فقط پگهارن جا گهرجائو ته آهن پر ڪم ....ان جي باري ۾ ڇا ٿو چئي سگهجي.
    جامي سان ويجهڙائيءَ سبب سندس والد صاحب سائين پرفيسر عبدالحئي سان به ملاقات رهي ۽ سندس وڏي ڀاءُ سان به محبت جو تعلق جڙيو. چاچي عبدالحئي سان ته ڪا خاص ڪچهري ڪونه ٿي فقط هن کي مون ڏٺو هو. هڪ خاموش طبع انسان هو، سندس پوري حياتي علم ادب ۽ شاعري جي ساڃاه ۾ گذري.هڪ ڀيري هو ماهوار “ روح رهاڻ” جي دفتر آيل هئا.
    جتي انور ابڙو صاحب اسسٽنٽ ايڊيٽر هو. هو جڏهن به ڪراچي ايندو هو انور ابڙي سان ملڻ سندس دفتر ضرور ايندو هو. جيڪو پرچو بدر ابڙو صاحب شايع ڪري رهيو هو. ٻئي خاموشي پسند انسان هئا. مون کي ساڻن ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.اڪثر بدر صاحب کي مون لکندي ڏٺو.هو ڳالهائڻ ۽ واعظ ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه رکندو هو. مان ان پرچي ۾ اشتهار وٺندو هيس. مون کي خبر ئي ته پريس لائين ۾ اهڙو ڪم ڪجي جيڪو اڳين ڌر جي ضرورت هجي.
    ان ڏينهن جامي۽ مونکي ڪنهن پاسي وڃڻو هو پر سندس والد صاحب ۽ وڏي ادي وارا به اچي ويا هئا جنهن ۾ اسين صدر واري اليڪٽرڪ مارڪيت جتي ماهوار روح رهاڻ جي آفيس هئي. جتي سندن ڪو ڪم هو اهو ڪري کائون موڪلايو هو. پوءِ شايد اسان ادبي سنگت جي ڪلاس ۾ آيا هياسي.اتان پوءِ سڌو گهر آيا هئاسي.
    جامي جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته اتي رڳو پڙهندو هو، ائين لڳندو هو ڄڻ هو ڪراچي ۾ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ايندو آهي. هو اتي رهي پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ حيدرآباد واپس ويندو هو. حيدر آباد ۾ رهندڙن کي ڪراچي پسند نه ايندي آهي.ادبي حوالي سان حيدرآباد ادب جو مرڪز آهي جتي ڪيترائي پروگرام ٿيندا آهن.ڪيترا ئي ڪتابن جا پبليشر آهن ڪراچي هڪ ڪمرشل شهر آهي جتي جون محبتون به ڪمرشل آهن.
    اسان جهڙا جيڪي سنڌ جي ڏوراهن علائقن مان هتي اچي پنهنجو مسڪن ٺاهيندا آهن، پوئتي ته سندن ڪجهه به نه هوندو آهي، هن شهر ۾ رهي پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو مستقل سنواريندا آهن.ان جدوجهد ۾ سندن پنهنجي شخصيت ڪٿي گم ٿي ويندي آهي.پوءِ پنجاهه سالن کي پهچندي پهچندي اهي اڳ جواني واريون ڳالهيون نه رهيو هونديون آهن، هاڻي هو ان ڳوٺ ڏانهن موٽي وڃڻ چاهيندا آهن. جيڪو ممڪن نه هوندو آهي ڇاڪاڻ جو گهر ۾ سندن ٻار وڏا ٿي ويندا آهن انهن جي پيدائش ۽ پڙهائي هن شهر ۾ ٿ هوندي آهي.انهن جي اهميت هن شهر ۾ ئي هوندي آهي. هو بس وقت پاس ڪندا آهن. پر من سندن ڳوٺ ۾ هوندو آهي.اها انسان جي ازلي خواهش آهي ته هو پراڻن وٿاڻن ڏي وڃڻ چاهيندو آهي، جتي سندس ننڍپڻ گذريو هوندو آهي.پوءِ جڏهن ان سڄي رومانس ۾ ڳوٺ به ويندو آهي تڏهن اتي به ڪاري وارا ڪک نظر ايندا آهن.انهن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته هاڻي هو ڇا ڪري ان فڪرن ۾ هوندو آهي جو موت سندس ڪڙو کڙڪائيندو آهي.
    جامي سان اها شام نه وساري سگهندس. انهن ڏينهن ۾ مان ايم فل جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي هئي، جتي رهندو به اسحاق سان هيس. ته منهنجو استاد به اسحاق هيو. يونيورسٽي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ اسان هاسٽل تي ايندا هئاسي. جتي ٿورو اک جهپ ڪري حيدرآباد ويندا هياسي. ايئن هڪڙي شام جو اسحاق ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو خبر ناهي ته ڪنهن سان جنهن کي هو چئي رهيو ته اسان شام جو پهچي وينداسي.مون کي پنهنجي ٻن دوستن جي ايندڙ پروگرامن جي خبر نه پوندي آهي، هڪ اسحاق جي ٻيو منظور قادر جي کين ڪنهن پاسي هلڻو آهي يا ڪنهن سان ملڻو آهي نه ئي مون کائون ڪڏهن پڇيو آهي.سو اسحاق گاڏي هڪ بنگلي آڏو جهلي ۽ مون کي ٻڌايو ته پيارا پاڻ جامي وٽ آيا آهيون.مون کي خوشي ٿي ته اڄ جامي سان ڪچهري ٿي ويندي.سندن پرگرام ته اڳ ۾ ٺهيل هو.اسان ڊرائينگ روم ۾ اچي ويٺاسي.ٿوري دير کانپوءِ جامي به آيو.هو اسان سان سڪ سان مليو.گڏو گڏ سندس ملازم هڪڙي بوتل به کنيو آيو ۽ ٽي ڪلاس به رکي ويو. اسحاق ڪڏهن به پيئڻ کي اهميت نه ڏني آهي هو فقط پنهنجي لکڻين جي مڌ ۾ مست هوندو آهي. هو اسحاق کي ٻڌائي رهيو هو ته هن اها بوتل دبئي فري شاپ تان خريد ڪئي هئي.اوهان جي اچڻ جي خوشي ۾ ان کي کوليون ٿا. ان شام جامي سان ڏاڍي ڪچهري ٿي ترڪيءَ جي سياحت تي به ويچار ونڊيا واه جو مزو آيو، ڪيترن ڏينهن جا ٿڪ لهي ويا.پڙهيل لکي دوست سان ڪچهري ڪرڻ جو اهو به فائدو هوندو آهي اتي ڪيترن ڪتابن جي ڳالهين سان گڏ زندگيءَ جي فلسفي تي به ڳالهايو ويندو آهي.ٻاهر هوا ۾ عجيب سرور هو ننڊاکيل نيڻ هوا جي معطر جهونڪين سان لڙکڙائي رهيا هئا.اسين جامي کان موڪلايو منهنجو ڄڻ روح ڌوپجي ويو هو.
    هن شاه سائين جي ان فلسفي “تتي ٿڌي ڪاه ڪانهي ويل ويهڻ جي” جي تي عمل ڪيو آهي.هن حياتي کي هڪڙو فل اسٽاپ سمجهيو آهي تنهنڪري انسان جيترو وقت جيئرو هجي ان کي سجايو ڪري.هن به ايئن ڪيو آهي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سندس اهم ڪم آهن. جيڪي هو زندگيءَ جي ٽهپيريءَ تائين ڪرڻ گهري ٿو.اسان جا سڀ بزرگ جيڪي هڪ هڪ ٿي هڪ اهڙي غار ڏانهن هليا ويا آهن جيڪي شايد هاڻي ڪڏهن به نه موٽي ايندا پاڻ کي انهن جي ڳالهين جي پوئيواري ڪرڻي آهي.تنهنڪري جامي اها ڪري رهيو آهي.اها محنت هو ڪجهه ڪتاب جي شڪل ۾ ڏيندو رهندو آهي ان ۾ ئي پاڻ کي سڦل سمجهندو آهي.

    نثار منصور
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو