طارق عالم ابڙو: پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    طارق عالم ابڙو: پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين

    نثار منصور

    هو مون کي ڄامشوري مان ڪراچي جي ڪوچ تي ڇڏڻ پنهنجي ڪار ۾ ويهندي ڪشور ڪمار جو ڪو گيت گنگنائڻ لڳي ٿو. اسين سندس گهر C-33 کان ڪراچي اسٽاپ ڏانهن وڃون پيا. گاڏي جڏهن روڊ تي ڊوڙڻ لڳي ٿي، تڏهن هو مون کان هڪڙو سوال ڪري ٿو ويهي. رسالو ڇو ٿو ڪڍين؟ بس شوق آهي کيس چئي ٿو وٺان. رسالي مان ڪجهه بچت به ٿئي ٿي يا ... ظاهر آ جڏهن ٿوري ڪي گهڻي بچت ٿئي ٿي، تڏهن ته اهڙو ڏکيو ڪم ڪري رهيو آهيان. منهنجي سوال تي مطعئن ٿئي ٿو وڃي. هن ڀيري هن پنهنجي تازي ڪهاڻي ”موچيءَ جو پٽ خواب لهي ٿو” ڏني ۽ محبتن سان به نوازيو.اها منهنجي هن سان نئين سڃاڻ هئي نه ته طارق ڏاڍو ڏنگو هو هر ڪنهن سان ٺهڻ هن لاءِ ڏکيو هو. هو ليکڪن جي رائيلٽي جو قائل هو، ان کان اڳ هن هڪ سنڌي رسالي جي ايڊيٽر جي بيعزتي ڪئي هئي سندس موقف هوندو هو ته ليکڪ کي به پنهنجي لکڻين جو معاوضو ملڻ گهرجي هو سنڌي ادب جو ورسٽائيل ليکڪ هو. کيس چڱي ڀلي جي پرواهه نه هوندي هئي.
    ٿوري دير اڳ ۾ جڏهن اسين سندس گهر تي هياسي، تڏهن نصير ميرزا جي نگراني ۾ هي قافلو محمود مغل، احمد سولنگي ۽ هي بندو طارق عالم سان ملڻ لاءِ حيدرآباد کان نڪتاسي. احمد جي گهر تي ٿوري دير ترسياسي اسان جي اڳين منزل ڄامشورو هو. آئون مهيني ڏيڍ ۾ حيدرآباد جو چڪر ضرور ڏيندو هيس. هڪ ته اديبن سان ملاقات ٿيندي هئي ٻيو سٺي مواد جي ضرورت پوندي هئي. اهو ڪم نصير مرزا صاحب آسان ڪري ڏنو هو. هو منهنجي رسالي لاءِ ساڻس رابطي ايندڙ اديبن کان مواد وٺي رکندو هيو. جڏهن مان ويندو هيس يا پاڻ ڪراچي ايندو هو ته اهو مواد کڻي ايندو هو. ان دور ۾ نصير صاحب جي سهڪار نه هجي ها ته مون لاءِ رسالو ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ها، ان ڪري آئون نصير صاحب جو ٿورائتو رهيو آهيان. هو هڪ دلبر انسان آهي. هو نثر جو بي انتها خوبصورت ليکڪ هوئڻ سان گڏگڏ انسان جي شافت ۽ عزت وارين روايتن جو امين آهي.
    اها پوءِ گهڻن سالن جي ڳالهه آهي جو ٿوري دير اڳ ۾ هڪ سنڌيءَ جي خوبصورت شاعره سان ڳالهائي رهيو هيس. اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿوري ڊگهي ٿي وئي هئي. ان ڏينهن هن جو فون اچي ويو هو. سائين سڄي سنڌ سان ڳالهايو ٿا نٿا ڳالهايو ته اسان غريبن سان نٿا ڳالهايو. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته سندس ان جملي جو ڇا مقصد آهي. بحرحال ٿوري دير اڳ ۾ ان شاعره واري ڳالهه ذهن تي تري آئي. مون کيس چيو پيارا اوهان جا ملائڪ تيز آهن جو اوهان کي اهڙيون خبرون پيا ڏين جو اسان جهڙا اٻوجهه انسان دنگ ٿا رهجي وڃن. پاڻ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو سندس ٽهڪن ۾ پنهنجائپ بکي رهي هئي. طارق جنهن سان پيار ڪندو هو تنهن سان ڪافي حجائتو به ٿي پوندو هو.
    ان شام جو ساڻس فون تي رابطو ٿيو ته مون ماهوار پرک جي ”طارق عالم نمبر“جا آخري پروف ۽ لي آئوت ڏسڻ لاءِ ڪراچي اچڻ جو چيو. پيارا پرچو ليٽ ٿي رهيو آهي. بس بس سڀاڻي شام جو هي بندو تنهنجي گهر تي حاضر هوندو. ٻي ڏينهن شام جو ستين بجي طارق اچي ويو هو. هن جو اهو دورو نهايت ئي خفيه هو. خفيه ان ڪري جو هن ڪراچي جي سنگت مان ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو ته هو ڪٿي رهيل آهي. مون کيس صفحن جي سڄي سيٽنگ ڏيکاري. پاڻ ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. پاڻ سان گڏ ڪافي فوٽو به کنيو آيو هو جنهن مان اسان کي ٽائيٽل لاءِ هڪڙي فوٽو کي سليڪٽ ڪرڻو هو. اسان ان مان هڪڙي تصوير جي چونڊ ڪئي ۽ ٻيون تصويرون به ڏنيون جن کي ٻين صفحن تي ڪم آڻڻو هو. ماني کائي اسان ٻاهر جوهر موڙ جي چڪر لاءِ نڪتاسي. هن باري منگي بابت به پڇيو. تون ان سان ملين ته اوڏانهن هلون، نه يار باري سان وري ڪنهن ٻي ڀيري ملنداسي. اسان جوهر موڙ تان آئيس ڪريم کاڌي ۽ طارق جا ڀوڳ چرچا جاري رهيا ايئن اسين کلندا گهر موٽي آياسي. ڪراچيءَ جي اها رات وڻندڙ ان ڪري به هئي جو طارق نمبر تي ڪم ڪري رهياسي. نثار هن شهر ۾ تون ڪيئن ٿو رهين يار هن شهر ۾ منهنجو دم گهٽجندو آهي. هن شهر ۾ گهڻو رهي نه سگهندو آهيان. ڄامشورو منهنجي خوابن جو شهر آهي. مون کي اتي ئي رهڻ ۾ روحاني سڪون ملندو آهي. اتان جا روڊ رستا وڻ وٿاڻ هٽ دکاڻ انهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي. اسان ان رات ڪافي دير تائين ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندا رهياسي. مون ڏٺو ته طارق مواد کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو. آخر اسان ڪم بند ڪيو. طارق کي پنهنجي بستري تي ڇڏي کائونس صبح تائين موڪلائي مان ٻي ڪمري ۾ هليو آيس جتي منهنجا ٻار ننڊ پيل ها ۽ گهر واري منهنجو انتظار ڪري هئي.
    صبح جو ڪمري ۾ منهنجي اچڻ کان به اڳ تيار ٿيو ويٺو هو ۽ هو ڪجهه لکي رهيو هو. اسان مسڪرائي هڪ ٻي ڏانهن ڏٺو جيستائين چانهن تيار ٿي تيستائين اخبار آڻي سامهون ٽيبل تي رکي. هو اخبار پڙهندو رهيو تيستائين چانهن به تيار ٿي اسان گڏ پيتي. مون گهر ناشتي جو چئي ڇڏيو هو اهو به تيار ٿي ويو هو اسان ٻنهي گڏجي ناشتو ڪيو. رسالي جو گهڻو ڪم اسان رات ئي ڪري ڇڏيو هو. هو يارهين تائين واپس ڄامشوري لاءِ تيار ٿيو ۽ مون کيس جوهر موڙ تي سهراب ڳوٺ لاءِ ويندڙ بس تي ويهاريو ۽ موڪلائي گهر واپس ٿيس. مهيني ڏيڍ کانپوءِ هن ڄامشوري اچڻ جي دعوت ڏني جو اتي سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ پاران پرک جي ”طارق عالم نمبر“ جو مهورت رکيو هو. مان ته ان پروگرام ۾ شامل ٿي نه سگهيس پاڻ ان تي ڏوراپا به ڏيندو رهيو اچين ها ته مزو اچي وڃي ها.
    هڪ اهڙي ئي شام جو هن جو فون آيو هو. پيارا “ايس آئي يو ٽي” ۾ داخل آهيان. بيمار ٿيڻ جي ته مون کي خبر هئي پر مون کيس اسپتال ۾ نه پئي ڏسڻ چاهيو. هن پرک جو به پڇيو ۽ ڪراچي جي دوستن جو پڇيندو رهيو. من سڀاڻي ڪجهه پنا به ڏئي وڃ ۽ ڏسي به وڃ کيس ڪجهه لکڻو هيو پر ڇا؟. مان ٻي ڏينهن تي سلمان ديوان پهتس اتي سندس ٻي گهرواري ويٺل هئي جنهن ٻڌايو ته طارق کي هاڻي ئي اندر وٺي ويا آهن. مون ڪجهه دير ته انتظار ڪيو پوءِ پاڻ سان آندل پنا ۽ گل ڇڏي اکيون آليون ڪندو ٻاهر نڪري آيس. ڌنڌلي شام ڌنڌلا ڌنڌلا بلب ۽ اسپتال جو ماحول ڌنڌلو . ايمبولينس جا هيانو ڏاريندر سائرن ماحول کي اڃا به سوڳوار بڻائي ڇڏيو هو. اسپتال جي هيٺ فوٽ پاٿن تي مريضن سان آيل ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجن لاءِ اکيون آسائتيون ڪيون ويٺل هئا. ڪراچي جو اهو “ڀورا پير” وارو پاسو ڳتيل رهندو آهي. طارق جي بيماري جي خبر ته پوندي هئي مون هميشه ته هن جا ٽهڪ ٻڌا هيا کل مشڪري، ڀوڳ ٺڪاءَ ڊاڙ ڊش پوءِ بيماري جي بستري تي پيل ڪمزور ڪمزور طارق ڪيئن لڳندو اهو منهنجي لاءِ ڏسڻ ڏکيو ڪم هو. ان کانپوءِ ٿورو ٺيڪ ٿيو مان ساڻس ملڻ لاءِ ڄامشوري ويل هيس ان ڏينهن اسحاق سميجو به مون سان گڏ هو اسان طارق سان گڏجي لنچ ڪئي. بيماريءَ سبب هو ٿورو ڪمزور به هو پر تڏهن به هشاش بشاش لڳي رهيو هو. ڊائننگ ٽيبل تي اسحاق سان ڪافي بحث به پي ڪيائين اسحاق جو موقف هو ته ڪنهن به شاعر يا شاعره کي بغير ڪنهن جنسي تفريق جي عزت ۽ احترام ملڻ گهرجي ان ڳالهه تي پاڻ اتفاق به ڪيائين. بحث کي طول ڏيڻ لاءِ عورتن جو حامي لڳي رهيو هو. مان ان وچ ۾ پيس ته طارق مون کي روڪيو ايئن اسين ڪجهه وقت طارق سان گذاري موڪلايو پر طارق جي بيماريءَ جي ڳڻتي بحرحال رهي. مون کي خبر ناهي بيماري جنهن گهر ۾ گهڙي ايندي آهي ان گهر ۾ ڳڻتيون پريشانيون هونديون آهن. سندن آڳند تي لڙڪن جون لارون اٿلي پونديون آهن. موت برحق آهي اسين جيڪي هن دنيا ۾ آيا آهيون تن کي هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. هن دنيا جو موهه ايترو وڏو آهي جو گل ۽ مکڙيون چنڊ ۽ تارا نديون، درياءَ سمونڊ ۽ ساحل وڻ ۽ وٿاڻ اهو سب سراب آهي.پر ان سراب مان نڪرڻ ڏکيو آهي. طارق هڪ ڪهاڻيڪار، شاعر، پينٽر ۽ فوٽو گرافر هو. تنهنڪري هن هر منظر کي رهجي ويل منظر بڻايو پوءِ جڏهن ٿائينڪو ٿيو ته ان جي سڀني رنگن کي پنهنجي قلم سان دل جي ڪيئنواس تي رکي ڪڏهن شاعري ته ڪڏهن ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو. سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ ۽ سندس ڪهاڻين ۽ شاعري جي مجموعن ۾ اهي ڪردار ۽ جذبا ساه کڻي رهيا آهن. هن پنهنجي محبتن کي لکيو، هن سماج جي اوڻاين ۽ ڪوتاهين تي لکيو. هن ڌرتيءَ جي سڀني ڳوڙهن لاءِ پنهنجي قلم کي رومال بڻايو. هن ڌرتيءَ جي ٻارن کي ڪجهه رانديڪا ۽ گل ڏنا. هو عاشقن ۽ آرٽسٽن جو قصاٻڌائيندڙ هو پنهنجي ڳالهين ۾ انهن جي ڳالهه به ڪئي جيڪي مڃتا جي رڃ ۾ رلي ويندا آهن. آخر ۾ هن سڀ ڪجهه اڌ ۾ ڇڏي دنيا جي اونڌاهي غار بابت سوچڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي جيئڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. سڀ فنا جي فلسفي تي عمل ڪيو. هو ليکڪ هو هن پنهنجي سڀني ڪردارن کي ڪنڀر وانگر ڳوهي انهن کي احساس جي آويءَ تي پچائي پنن تي چپڪائي ڇڏيو، جيڪي هميشه لاءِ سندس کلڻين ۾ ساه کڻندا. پوءِ هن سائيڊ ٽيبل تي چشمو ۽ موبائيل رکي ۽ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري هڪ ابدي ننڊ ۾ سمهي رهيو.

    پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين،
    اوهان جا رنگ او راڻا پري پري تائين.

    ڪناري بيٺا هئاسين ڪڏيون پئي لهرون،
    پکي هوا ۾ اڏاڻا پري پري تائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو