سراج جون علمي ادبي خدمتون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,859
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    (سراج الحق ميمڻ جي ستين ورسيءَ جي مناسبت سان)

    سراج جون علمي ادبي خدمتون

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    اڄ سنڌ جي سراج کي اسان کان وڇڙئي ڀريا ست ورهيه گذري ويا آهن (اڄ سندس ورسي آهي) پر هو اسان جي اداس دلين ۾ ايئن ئي موجود آهي جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ سندس مٽي موجود آهي. هن جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان هو، جسماني طور هن جنم ته ٽنڊي ڄام جي امڙ ”حوا“ جي ڪک مان ورتو هو جنهن کيس سنڌ سان سنيهه جي ستي پياري هئي پر سندس ذهني اوسر ڪري لافاني ڪردار سندس والد محمد يعقوب نياز جوڙيو، جنهن سندس هٿ ۾ قلم ڏئي انهيءَ محبت کي ملهائڻ سيکاريو ۽ سراج محض 19 سالن جي عمر کان انهيءَ قلم کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏيو ۽ سنڌ سان سندس روح جو رشتو به ان ئي دور ۾ جڙيو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ تي سندس وفات تائين رهيو پر هن جي سدا حيات لکڻين جي ڪري اهو اڄ تائين قائم آهي ۽ قيامت تائين رهندو.!
    سراج 1952ع کان مرڻ گهڙيءَ تائين لفظ جي حرمت کي قائم رکيو ۽ سنڌي ادب جي شاهوڪاريءَ ۾ پنهنجي پتي وڌي ۽ هزارين لکين پنا پنهنجي کاٻي هٿ سان لکيا، هو کاٻڙيل به هو ته کاٻي ڌر جي آدرشن سان سلهاڙيل به هو ۽ انسان ذات جي مجموعي ڀلائيءَ واري آدرش سان نينهن نڀائيندي، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي سنڌ وطن ۾ به ترقي پسندي، روشن خيالي، سماجي انصاف ۽ برابريءَ جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهيو، عملي طور به ته قلمي حوالي سان به. هن ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون، ڪڏهن ناول لکيا، ڪڏهن ڊراما ته ڪڏهن وري شاعري ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو انهن تخليقي صنفن ۾ ڀرپور استعمال ڪيو، وري جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي وار ٿيا ۽ انهن جي عظمت جي اهڃاڻن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ته هن جي اندر جو محقق جاڳي پيو.
    هڪ طرف هن سنڌ جي تاريخ جا پيرا کنيا ته ٻئي طرف سنڌ ڌرتيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي اصليت، قدامت، عظمت ۽ آزاد توڙي خودمختيار حيثيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ علم لسانيات جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڪنهن غواص وانگر غوطا هڻي تاريخي لسانيات جي مدد سان ڪيئي اُملهه ماڻڪن جهڙا اهڃاڻ سوجهي ڪڍيا، جيڪي سندس ان دعويٰ جو ثبوت هئا ته سنڌ ۾ سنڌو سڀينا ڪيتري قديم ۽ مهان آهي ۽ سنڌي ٻولي قديم دور کان هتان جي اصلوڪي، آڳاٽي، آزاد ۽ خودمختيار ٻولي هئي جنهن جي لکت، ان جي قدامت جو ثبوت پيش ڪري ٿي. نه صرف ايترو بلڪ موجوده سنڌي ٻولي ان جي ڄائي هئڻ ناتي، برصغير جي ٻين ٻولين کان منفرد ۽ انوکيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿي، ان لاءِ سنڌي گرامر جي مدد سان اهڙين نرالين خصوصيتن کي پڌرو ڪري ڏيکاريائين ۽ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف کان ٻه سئو سال اڳ جي اوائلي شاعري، بنهه ساڳي روايت واري، برٽش ميوزيم لائبريريءَ مان هٿ ڪري ان بابت 1967ع ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ليک لکيائين.
    هو سنڌي ٻوليءَ جو سچو پچو عاشق هو ۽ جيئن ڪنهن به عاشق کي پنهنجي معشوق جي هر هڪ انگ ۾ سونهن نظر ايندي آهي ۽ هو ان سان غير مشروط محبت ڪندو آهي تيئن سراج به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هڪ انگ سان عشق ڪيو هو. هن ڀٽائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ سمجهندي ان جي ٻوليءَ جي لغت پئي جوڙي جنهن ۾ به هن جو مقصد صرف لفظن جون معنائون ڏيڻ ڪونه هو بلڪ هن دراوڙي ٻولين جي لغت، آريائي ٻولين جي توڙي عربي ۽ فارسيءَ جي لغتن ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٻولين سرائڪي، پنجابي، هندڪو ۽ ڪشميري وغيره ۾ موجود لفظن سان سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀيٽ ڪري انهن جي اصل نسل کي پڌرو ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن سنڌيءَ جي اصلوڪن لفظن ۽ اڌارن ورتل لفظن کي ڌار ڪري نج سنڌيءَ جي قدامت ثابت ڪري سگهي. اهو ڪم هلندڙ هو ۽ انهيءَ کي ڪنهن دور ۾ شاهه لطيف چيئر جي طرفان ڇپائڻ جون مون ڪوششون ڪيون هيون پر پوءِ ڪجهه ماڻهن جي تنقيدن سبب مون جڏهن ان تان هٿ کنيو هو ته اهو ڪم جهڙوڪر رلي ويو، جي ان جي ڇپائي شروع ٿئي ها ته ادا کي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ان کي پورو ڪرڻو پوي ها، پر هو گهڻن ڪمن وارو ماڻهو هو، سو ان ڪم ۾ ڍرائي اچڻ سبب سندس زندگيءَ ۾ پورو نه ٿي سگهيو. آخري ڏينهن ۾ مون کي چوندو هو ته جڏهن تون رٽائر ٿيندينءَ ته پوءِ تون ئي ان کي پورو ڪجانءِ اهو آءٌ ڪري ڪانه سگهيس جنهن جو ڏک اٿم!
    ادا سراج وڏي پائي جو مڃيل اديب، دانشور ۽ محقق ته هو ئي پر جڏهن اتفاقي يا حادثاتي طور هن کي هڪ سنڌي اخبار جي ادارت جي ذميواري ملي ته هن سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا ۽ نيون روايتون وڌيون ۽ کيس جديد سنڌي صحافت جو باني هئڻ جو لقب مليو. انهيءَ ذميواريءَ دوران هڪ طرف هن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي صحافت جي ٻوليءَ طور به ڪيترائي نوان لفظ ۽ اصطلاح ڏنا ۽ محض اردوءَ جي لفظن جي ورجاءَ يا لفظي ترجمي بدران سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي متروڪ لفظ جياريا ۽ نوان لفظ جوڙيا. ايئن سندس تخليقي ٻوليءَ جو اثر سندس صحافتي ٻوليءَ تي پيو ۽ ان جو مجموعي تاثر سنڌي سماج جي فردن تي به پيو جيڪي بگڙيل اخباري ٻوليءَ جي اهل ڪندي پاڻ به پيا غلط ٻولي ڳالهائيندا ۽ لکندا هئا. (هاڻي وري ايئن ئي ٿي رهيو آهي).
    هن هڪ ڪامياب ايڊيٽر هئڻ سان گڏ ايڊيٽوريلن کانسواءِ بهترين ڪالم به لکيا. ”هلال پاڪستان“ اخبار کانپوءِ ”جاڳو“ ۽ ”عوامي آواز“ اخبارن ۾ سوين ڪالم لکيائين جن مان ڪن جا عنوان هئا: ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ ”سياسي منظرنامو“ وغيره.. سندس ايڊيوٽوريلن وانگر ڪالمن جو محور به ”سنڌ“ هئي، ان جي ماڻهن، ٻوليءَ، ادب ۽ سماج جا معاملا ۽ مسئلا هئا. اهڙي هڪ سڄاڻ عالم، اديب، دانشور ۽ صحافيءَ جا لکيل اهي لکين ڪروڙين لفظ ڪتابي صورت ۾ نه هئڻ جي ڪري تاريخ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي نه وڃن، اهو سوچي سندس وفات کانپوءِ ”سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز“ قائم ڪيوسين ته جيئن نه صرف سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سهيڙي ڇپائجي پر سندس دلچسپيءَ وارن دل گهرين موضوعن تي تحقيق ڪرائي شايع ڪجي جن ۾ سنڌ، ان جي تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ ادب جا موضوع شامل آهن.
    ادا سراج جي حياتيءَ ۾ سندس افسانن جا ٻه مجموعا، پنج ناول، هڪ ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپيل هئا، سندس وڃڻ کانپوءِ اسان سندس انهن سمورن لکيل لفظن کي سهيڙڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين ارڙنهن (18) ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري چڪا آهيون، ۽ ٻه ڪتاب هن ستين ورسيءَ تي رٿيل پروگرام ۾ پڌرا ڪنداسين جيڪو هن جي دل گهرئي عظيم شاعر شاه لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس جي صورت ۾ 20-21 مارچ 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل آهي.
    ڏٺو وڃي ته ادا سراج جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڃا به ڪيترائي مضمون، مقالا، ايڊيٽوريل، ڪالم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ موجود آهن، جن مان ڪي هٿ آيا آهن ته ڪن جي ڳولا جاري آهي، ايئن اميد ته ايندڙ سالن ۾ اڃا به سندس ڪيئي ڪتاب سهيڙي ڇاپيا ويندا. سراج انسٽيٽيوٽ پاران سراج جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ايم فل يا پي ايڇ ڊيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ ڪنهن به ضرورتمند نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو به ارادو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو ان ڏس ۾ اڳتي اچي. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ، تاريخ ۽ ڪلچر بابت ڪابه نئين تحقيق سامهون اچڻ جي صورت ۾ ان سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو ۽ تحقيق ڪرڻ کان وٺي ان جي اشاعت لاءِ پڻ هي ادارو سهڪار ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو.
    آئون ڀانيان ٿي ته ادا سراج جهڙي سنڌ جي عاشق جن جن موضوعن تي لکيو اهي سڀئي تمام اهم آهن ۽ جيڪڏهن ڪو اديب انهن تي لکي ٿو ته ان سان سهڪار ڪرڻ به سنڌ سان سڄڻپائي آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سدائين سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ڏٺا ان کي خراج پيش ڪرڻ جو سڀ کان مانائتو طريقو به اهو ئي آهي جنهن کي جيستائين ممڪن ٿي سگهيو جاري رکي اسين سندس يادگيرين کي ملهائيندا رهنداسين. ايئن سندس ڳالهيون، سندس سارون جيءَ کي جيارڻ جو سبب بڻجنديون ۽ هنيون سڄو ٿيندو.

    مون کي جياريو، پرين جي ڳالهه ڪري
    ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو