غزل حَسن پنهيار

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2020۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    غزل
    حَسن پنهيار
    اِن گهڙيءَ کي سنڀاري رُنو هُس به ڇو؟
    بي وسيءَ مان نهاري رُنو هُس به ڇو؟

    آرزو تون ڪئي جا ملاقات ۾،
    ڳالھ دل جي وساري رُنو هُس به ڇو؟

    جڳ سمورو الڳ مان اڪيلو الڳ
    وقت اهڙو گذاري رُنو هُس به ڇو؟

    ننڊ ڪنهن آ ڪئي اڄ به هڪ ياد ۾
    لوڪ سارو سمهاري رُنو هُس به ڇو؟

    پهر کي ڀيٽ هاڻي نئين دور ۾،
    هڪ چُميءَ سان اُجاري رُنو هُس به ڇو؟

    نيڻ تنهنجا مقابل ٿيا دوبدو،
    پاڻ ڪيڏو نکاري رُنو هُس به ڇو؟

    هاڻ جذبات کي ڪيئن قابو ڪجي!
    هٿ به توکي اُلاري رُنو ھُس به ڇو؟

    بخت وانگي حَسن ٿي نه تو ريءَ سگهيو
    بي وجھ بس ڌڪاري رُنو هُس به ڇو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو