وزير اعظم ۽ سينيٽرن جي ” غربت“ !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ٿورو اندازو لڳايو ته جيڪر ميان نواز شريف يا آصف زرداريء مان ڪنهن جي حڪومت هجي ها ۽ انهن مان ڪو ڪراچيء ۾ ڪاروباري ماڻهن جي ميڙ ۾ اهي لفظ چوي ها ته ” جيئن ته اسان جي ڪجهه دوستن کي نيب تنگ ڪري رهي هئي جنهن ڪري اسان نيب قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اسان جا اهي ڪاروباري دوست خوش ٿين.“ ته ٻڌايو ته ان قسم جي بيان تي ڪهڙي قسم جو سخت رد عمل اچي ها!پر ملڪ جي وزير اعظم جناب عمران خان بنان ڪنهن هٻڪ جي اهي لفظ چئي ڏنا،اهو ئي خان صاحب جيڪو ٻاويهه سالن تائين گذريل حڪومتن کي ڪرپٽ ۽ نيب خلاف سازشون ڪندڙ چوندو رهيو آهي.خير، خان صاحب جون انيڪ ڳالهيون ۽ دعوائون جيڪي حڪومت کان ٻاهر هوندي ڪجهه ٻيون هيون هاڻي سندس سوچ ۽ رويو انهن جي بلڪل ابتڙ بڻيل آهي،شايد ان ڪري به جو اقتداري سياست ۾ اصولن ۽ اخلاقيات جو بحث ئي فضول ٿئي ٿو. تازو خان صاحب ڊيووس ۾ عالمي واپارين جي متل ميلي ۾ ڪجهه نوان ڀاشڻ ڏنا آهن جنهن ۾ بنيادي طور تي سندس تنقيد جو نشانو پاڪستاني ميڊيا بڻي آهي.خان صاحب جي چوڻ مطابق ميڊيا هاڻوڪي حڪومت خلاف جيڪي سازشون ڪري رهي آهي انهيء کان بچڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته ميڊيا جي ڳالهين ۽ رپورٽن تي بلڪل ئي ڌيان نه ڏيڻ گھرجي.هن پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي صلاح ڏني ته اهي نه ته ٽي وي ڏسن ۽ نه ئي اخبارون پڙهن.مطلب ته خان صاحب پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي ”خطري جي صورت ۾ اٺ پکيء جيان واريء ۾ منهن هڻڻ “ واري صلاح ڏيئي ڇڏي آهي.سندس چوڻ مطابق ملڪي ميڊيا سندس تمام گھڻي ”انسلٽ “ ڪئي آهي. مطلب اهو ٿيو ته هاڻوڪي حڪومت گذريل سورهن مهينن دوران جيڪا ”محنت “ ڪئي آهي ميڊيا ان سموري محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.انهيء ڪري ان معاملي جو حل اهو ڪڍيو ويو آهي ته ماڻهو نه ته ٽي وي ڏسن ۽ نه وري اخبارون پڙهن.ان صلاح ڏيڻ کان اڳ خان صاحب عوام اڳيان پنهنجا سور روئندي اهو به ٻڌايو آهي ته کيس جيڪا سرڪاري پگھار ملي ٿي ان مان سندس گذر سفر نٿو ٿئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي ”غريب“ سينيٽرن چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سميت کي به احساس ٿيو آهي ته سندن پگھارون ته وزير اعظم کان به گھٽ آهن ان ڪري پنهنجن پگھارن ۾ هڪ ئي ڌڪ سان چار سو سيڪڙو واڌ ۽ سندن ڪٽنبن کي سرڪاري خزاني مان شاهي رعايتن وارو بل سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ٿي رهيو آهي.باقي ٻين سرڪاري توڙي نجي ملازمن جون پگھارون شايد وزير اعظم کان به مٿي آهن ان ڪري سندن پگھارن جي باري ۾ سوچڻ اجايو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر ايڏي وڏي پگھار مان به وزير اعظم جو گذر سفر نٿو ٿئي ته پوء اهو مزدور ڪيڏانهن وڃي جيڪو فقط پنج ڇهه سو روپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو.اها ڳالهه ڪري خان صاحب پاڻ ئي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ايتري ته مهانگائي آهي جو ايڏي وڏي پگھار مان به گذر ٿي نٿو سگھي.بد قسمتيء سان خان صاحب جي حصي ۾ جيڪي مشير ۽ صلاحڪار آيا آهن اهي کيس اهو ئي سبق پڙهائي رهيا آهن ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه صحيح لڳو پيو آهي.کير ۽ ماکيء جون نديون وهي رهيون آهن.ماڻهو خوشيء وچان نچي ۽ ٽپي رهيا آهن ۽ حڪومت جي حق ۾ دعائون ڪري رهيا آهن.بس ميڊيا آهي جيڪا حڪومت کي بدنام ڪري رهي آهي.ان ڪري بهتر اهو ئي ٿيندو ته ميڊيا جي نڙيء تي لت ڏيئي ڇڏجي پر جيڪر خان صاحب ايئن ڪري نٿو سگھي ۽ پڪ سان ڪري نٿو سگھي ته پوء گھٽ ۾ گھٽ پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي منع ڪري ته هو اجايو ميڊيا طرف پنهنجو ڌيان نه ڏين.سمجهه ۾ نٿو اچي ته انفارميشن جي هن دور ۾ جتي پوري دنيا ۾ ان ٽيڪنالاجيء کي حڪومتي نظام بهتر بنائڻ لاء استعمال ڪيو پيو وڃي اتي پاڪستاني عوام کي واپس اونداهين دور طرف ڌڪڻ جون ڳالهيون ڇو ٿي رهيون آهن؟هڪ طرف ماڻهو بکن کان بدحال آهن ته ٻئي طرف خان صاحب کين خالي پيٽين عجيب قسم جا ڀاشڻ ڏيندي نٿو ٿڪي.هو پنهنجي هر تقرير ۾ تاريخي حوالا ۽ تاريخي واقعا ته بيان ڪري ٿو پر ڇا تاريخ مان سکڻ لاء به هن کي ڪا شيء نظر اچي ٿي؟جڏهن حڪمران تنقيد ٻڌڻ جي همت ئي نه رکندا هجن ته پوء آسپاس رڳو خوشامدڙين جو ٽولو ئي باقي رهجي ويندو آهي جيڪو شڪست طرف ويندڙ هر حڪمران کي آخر وقت تائين اهو ئي اطمينان ڏياريندو آهي ته توهان جي شان،مان ۽ اقبال کي ڪو خطرو ناهي،اهي رڳو اوهان جا ڪجهه حاسد آهن جيڪي بي يقيني وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.تاريخ ته اهو ئي ٻڌائي ٿي ته جڏهن ڪنهن به حڪمران عوام طرف کلندڙ سڀ دريون جڏهن به بند ڪيون ته سندس انجام ڏاڍو قابل رحم ٿيندو رهيو آهي.ان ڪري جو حڪمران لاء نه رڳو اهو ضروري آهي بلڪه اها سندس بنيادي ذميداري هوندي آهي ته هو عوام جي مسئلن،مامرن،ڏکن ۽ سکن جي باري ۾ پوري پوري ڄاڻ رکي.هو عوام سان گڏ رهي ۽ ٻين خوشامدي ۽ چاپلوس عملدارن کان رپورٽون وٺڻ بدران پاڻ عوام جي حقيقي خبر وٺي ته اهو ڪيئن زندگي گذاري رهيو آهي ۽ ڪهڙين مشڪلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.جيڪر ڪو حڪمران واقعي عوام جي ڏکيائين کي سمجھڻ ۽ انهن کي گھٽائڻ جي نيت رکندو هجي ته ان کي ته ميڊيا جو به ٿورائتو هئڻ گھرجي جيڪا بنان ڪنهن خرچ جي کيس عوامي مسئلن متعلق آگاهه ڪندي رهي ٿي ۽ حڪومتي مشينريء اندر موجود ڪمين ۽ڪوتاهين جي نشاندهي ڪندي رهي ٿي.هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه جيڪا خان صاحب نهايت ئي فخر سان بيان ڪئي آهي سا اها ته هن جي غير ملڪي دوري جو خرچ ڪن ٻن ”سخي نيڪ مردن“ اسپانسر ڪيو آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪنهن حڪومت جي سربراه يا ڪنهن اهم حڪومتي عملدار جو ڪوبه خرچ ڪي نجي ماڻهو اسپانسر ڪن ٿا ته ڇا اهو ڪنفليڪٽ آف انٽريسٽ جي وصف ۾ نٿو اچي؟جڏهن ڪو به دوست ڪنهن سرڪاري اهم عهدي تي ويٺل شخصيت جي مالي مدد ڪري ٿو ته ڇا هو ان کي اڻ سڌيء طرح مجبور نٿو ڪري ته جواب ۾ هو به سندس ان احسان جو بدلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ چڪائي؟شايد خان صاحب وٽ ڪرپشن ۽ شفافيت جا تصور ئي يا ته واضح ناهن يا وري اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي پنهنجي پارسائي جا ثبوت دنيا سامهون آڻڻ چاهي ٿو.نه ته خان صاحب جي ڪجهه دوستن جي باري ۾ ڪرپشن جي حوالي سان جيڪي ڪهاڻيون گردش ڪري رهيون آهن انهن جي باري ۾ ته خان صاحب کي ٽڪي جي به ڳڻتي ناهي. تازو اٽي واري بحران نه پر اٽي اسڪينڊل جي باري ۾ جيڪي رپورٽون خود خان صاحب تائين پهتيون آهن انهن ۾ ته خان صاحب جا ڪجهه پيارا ۽ ڪجهه اهم سرڪاري عملدار ملوث قرار ڏنا پيا وڃن جن غريب عوام کان ان اسڪينڊل ذريعي اربين روپيا هضم ڪري ورتا آهن پر خان صاحب انهيء تي خوش آهي ته هن انهيء دوري دوران ملڪ جا ڪجهه لک روپيا بچائي ورتا آهن.هڪ ٻي خبر جيڪا ڪرپشن خلاف جنگ ۾ خان صاحب جي”سنجيدگي“ کي ظاهر ڪري ٿي سا اها ته تحريڪ انصاف جي انهن ٽنهي صوبائي وزيرن کي ڪي پي حڪومت مان ان ڪري نيڪالي ڏني ويئي آهي جيڪي مبينا طور تي ڪي پي جي وڏي وزير جي ڪرپشن جا ثبوت گڏ ڪري وزير اعظم کي پيش ڪري رهيا هئا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو