اجرڪ

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڊاڪٽر گل حسن سيٺار طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2020۔

  1. ڊاڪٽر گل حسن سيٺار

    ڊاڪٽر گل حسن سيٺار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    91
    اجرڪ

    تحرير: ڊاڪٽر گل حسن سيٺار (ڪويت) (المعروف گمنام سيٺار)

    اجرڪکي اجرڪ چوڻ جي باري ۾ اسان وٽ ٽي رايا مشهور آهن. پهريون موئن جي دڙي واري رايو، ٻيو ازرق وارو رايو ۽ ٽيون اجرڪ وارو رايو. اهي سڀئي رايا اندازن تي مبني آهن ۽ انهن جي تصديق ڪتابن جي ذريعي نه ٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته اهي روايتون سينه به سينه نقل ٿينديون آيون آهن جن کي اسان صدري روايت چئون ٿا. معلومات خاطر اهي صدري روايتون هن طرح آهن.

    موئن جي دڙي وارو رايو: موئن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي ان باري ۾ سنڌي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو به اجرڪ جو ھڪ قسم آھي. هڪ ضعيف صدري روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ مليو؛ جيڪو کيس بيحد پسند آيو، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو تہ ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. ليڪن اها روايت ٺيڪ نه پئي لڳي ڇاڪاڻ ته موئن جي دڙي جي ٻولي ڪهڙِي هئي ان باري ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي ڪا صحيح ڄاڻ معلوم نه ٿي سگهي آهي.

    ازرق وارو رايو: ڪجهه ماهرن جو اهو رايو آهي ته اجرڪ بنيادي طرح عربيءَ جي لفظ ازرق جي بگڙيل صورت آهي. جهڙي طرح بصل کي سنڌيءَ ۾ بصر، فوم کي سنڌيءَ ۾ ٿوم چيو ويندو آهي اهڙي طرح عربن ان سنڌي چادر کي جنهن جو رنگ نيرو هو کي ازرق (يعني نيرو) چيو. اهڙي طرح ازرق سنڌي لهجي ۾ بگڙي اجرڪ جي نالي سان مشهور ٿيو.

    عربي لفظ اجرڪ وارو رايو: ڪجهه ماهرن جو اهو خيال آهي ته ڪجهه سيد ن پنهنجن ٻارن ٻچن سميت حجاج بن يوسف ۽ بنو اميه جي حڪمرانن جي ظلم کي بچڻ لاءِ سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي، ان وقت جي سنڌين سيدن جي عورتن ۽ ٻارن ٻچڻ کي سنڌي رسم ۽ رواج موجب پناهه ڏني هئي جنهن کي اسان سام چوندا آهيون. سنڌين پنهنجي روايت موجب سيدن جي ٻارن ٻچن کي اجرڪ واري چادر سان اوڍيو هو. ان زماني ۾ اهو مشهور هوندو هو ته سنڌين جنهن کي به سام طور رکيو ته اهي ان جي حفاظت پنهنجي ننگن جي حفاظت وانگر ڪندا آهن ۽ اهي اهڙو وچن مرڻ گهڙيءَ تائين نڀائيندا آهن. انهن سيدن اهڙو سهڻو ورتاءُ ڏسي کين اجرڪ جو لفظ چيو ته الله پاڪ اوهان کي سهڻو اجر ڏئي، اهڙي طرح ڪيترن ئي سيد سڳورن سنڌ ۾ پناهه ورتي جنهن سبب سنڌين کين هر هڪ سام واري رسم موجب هر هڪ کي چادر اوڍائي ۽ عرب هر دفعي اجرڪ جو لفظ چوڻ لڳا. اهو اجرڪ جو لفظ ئي اجرڪ آهي اهڙي طرح اجرڪ کي اجرڪ سڏيو ويو. اڄ به اسان جي سنڌي سماج ۾ سام جي رسم آهي ۽ اهڙي طرح اسان اڄ به ڪنهن به نياڻيءَ کي پناهه ڏيندا آهيون ته انکي چادر اوڍائيندا آهيون.

    ڇا رسول الله ﷺ جن اجرڪ پهريو هو؟: ان جو مختصر جواب هي آهي ته اهڙو ڪوبه دليل نه ته ڪنهن حديث ۾ ۽ نه ئي وري ڪنهن تاريخي روايت موجود آهي جنهن مان پتو پئي ته رسول الله ﷺ جن اجرڪ پهريو هو. ڪو به شڪ نه آهي ته رسول الله ﷺ جن جي زماني ۾ سنڌ جا بڻيل ڪپڙا مڪي ۽ مديني ۾ پهچندا هئا. سنڌ جا بڻيل نفيس ڪپڙا عرب ۾ مشهور هئا ۽ اهي ڪپڙا مڪي پاڪ ۽ مديني شريف ۾ سنڌ مان موڪليا ويندا هئا ۽ اهي ڪپڙا يمن جي واپاري منڊين ذريعي به مڪي ۽ مديني ڏانهن اماڻيا ويندا هئا ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ يمن جي علائقن ۾ ڪيترائي سنڌي واپاري آباد ٿي چڪا هئا. تنهنڪري ڪٿي ڪٿي روايتن ۾ سنڌي چادرن کي يمني چادر به چيو ويو آهي. جيئن ته اهي ڪپڙا سنڌ ۾ تيار ٿيندا هئا تنهنڪري عرب ان کي مسندہ ۽ مسندية جي نالي سان ياد ڪندا هئا. لسان العرب ۾ آهي ته مسندہ ۽ مسندية هڪ خاص قسم جو ڪپڙو آهي. حضرت عائشہ صديقہ رضي الله عنها جي روايت ڪيل حديث ۾ آيو آهي ته ان رسول الله ﷺجي جسم مبارڪ تي سنڌ جا چار ڪپڙا ڏٺا ۽ هي به چيو ويو آهي ته اهي يمني چادرن جو هڪ قسم هو. (لسان العرب ج 3، ص ،223، دار صادر بيروت) ٻي ڳالهه ته يمن ۾ ڪافي سنڌي آباد هئا ان جو ثبوت هن روايت مان ملي ٿو. رسول الله ﷺ جي ٻالڪپڻ واري دور ۾ جڏهن حبش جي بادشاهه يمن تي قبضو ڪري يمني بادشاهه کي بيدخل ڪري ڇڏيو ته ان ايران جي بادشاه نوشيروان جي سامهون پنهنجي هيڻائيءَ جو حال بيان ڪيو ته ڪسريٰ کيس چيو ته ڪهڙن اجنبين يمن تي قبضو ڪيو آهي اهي حبشي آهن يا سنڌي؟ ڪسريٰ جي ان سوال مان پتو پئي ٿو ته سنڌين کي يمن ۾ ڪيڏي نه قوت حاصل هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو