سائنسدان، باصلاحيت ۽ لائق خاتون فرزانہ پنهور

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سائنسدان، باصلاحيت ۽ لائق خاتون فرزانہ پنهور اڄ وفات ڪري وئي.

    نالي واري محقق ايم. ايڇ. پنهور جي گهر واري مسز فرزانہ پنهور 15 سيپٽمبر 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي. 1980ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بائيو ڪيمسٽريءَ ۾ بي. ايس. سي (آنرس) ڪيائين ۽ 1981ع ۾ ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان بائيو ڪيمسٽريءَ ۾ ايم. ايس. سي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن سوائل ڪيمسٽري، ميڪرو ۽ مائڪرو نيوٽريشن، آرگينڪ فرٽيلائيزر (وٿاڻ جي ڀاڻ) فروٽ ڪراپس لاءِ استعمال ٿيندڙ گروٿ ريگوليٽرس ۽ پوسٽ ڪار ويسٽ ٽئڪنالاجيءَ تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هوءَ هڪ سؤ کان وڌيڪ ريسرچ پيپر لکي چڪي آهي. جيڪي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن. سندس لکيل مضمونن ۾ ماحول، تعليم، صحت، غذا، خانداني منصوبه بندي ۽ زراعت جا موضوع شامل رهيا آهن. هن ٻه ڪتاب (1) ڪيميڪلس وچ ڪاز ڪئنسر، (2) جنيٽڪ انجينئرنگ اينڊ فيوچر آف ايگريڪلچر ان پاڪستان لکيا آهـن. جـڏهـن تـه هـن پـنهـنجـي مـڙس ايم. ايڇ. پنهـور (مـرحـوم) سـان گڏجي 25 ڪتاب لکيا آهن. هن پوري دنيا گھمي ڏٺي آهي ۽ دنيا جو ڪوبه اهڙو حصو ناهي، جتي هوءَ وئي نه هجي. هن زراعت جي ماهر ايم. ايڇ. پنهور سان 1983ع ۾ شادي ڪئي. سندس وڏا سائوٿ آفريڪا ۾ آباد هئا، پر پاڻ سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪيائين، ان ڪري سنڌي آسانيءَ سان پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي. کيس ڪوبه اولاد نه آهي. هوءَ ”سنڌ رورل وومين اَپلِفٽ گروپ“ جي چيئرپرسن بہ آهي. جڏهن ته سوائل ٽيسٽنگ ليبارٽري ( بي وي ٽي) جي سال 1992ع کان 1994ع تان مئنيجنگ ڊائريڪٽر به رهي چڪي آهي. ان کان سواءِ مئنيجنگ ريسرچ اينڊ ڊويلپمينٽ انجنيئرس جي 1982ع کان 1992ع تائين مئنيجر رهي چڪي آهي. سندس خدمتن جي مڃتا طور 1997ع ۾ کيس سوئٽزرلينڊ پاران رورل ايڪٽوٽي ايوارڊ ڏنو ويو. ۽ 1998ع ۾ آمريڪا پاران ”ميڊل آف آنر“ جي نالي سان گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن تہ 1997ع ۾ بي بي سيءَ تان سندس هڪ ڪلاڪ براهِه راست انٽرويو پڻ نشر ٿي چڪو آهي. کيس ڪيترائي غير ملڪي اوارڊ ملي چڪا آهن، پر پاڪستان يا سنڌ حڪومت کيس ڪوبه اوارڊ نه ڏنو آهي. جيتوڻيڪ هوءَ دنيا جي انهن چند عورتن مان هڪ آهي، جن چاليهن سالن جي گھٽ عمر ۾ بين الاقوامي سطح تي ايتري شهرت حاصل ڪئي آهي. سندس پندرهن ريسرچ پيپر مختلف ملڪن پاران انٽرنيٽ تي جاري ڪيا ويا. ايم ايڇ. پنهور جي وفات بعد هوءَ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. (جڏهن تہ ڪجھ وقت کان ڪراچي ۾ هڪ ريهبليٽيشن سينٽر ۾ داخل هئي، اڄ 12 فيبروري جو وفات ڪري )
     
    lalamemon ۽ احمدخان هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو