ماضيء جو آئينو ؛ ”انارڪي“ هڪ فلسفو،هڪ نظريو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    بيشڪ اوهان لفظ ”انارڪي“ ضرور ٻڌو هوندو.افسوسناڪ ڳالهه اها جو ان لفظ کي عام طور تي ناڪاري معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن افراتفري،ڀڃ ڊاهه،جھيڙو فساد ۽ سماجي ڦيٽاڙو پر حقيقت اها آهي ته انارڪيء جو ان ناڪاري معنيٰ سان پري جو لاڳاپو به ناهي.اصل ۾ ان اصطلاح جو استعمال اوڻويهين صديء جي مفڪرن ڪيو.انارڪيء جو بنيادي مقصد انساني سماج مان طبقاتي استحصالي نظام جو خاتمو آهي چاهي اها استحصالي درجابندي رياست طرفان ان جي پوليس فورس جي شڪل ۾ هجي چاهي پدرشاهي پاران يا ڪنهن مذهبي نظام پاران.جڏهن ان جبر جو خاتمو ٿي ويندو ته انارڪي پسندن جي خيال ۾ سماج ٻه طرفي احترام،سڌي سئنين جمهوريت ۽ اهڙي وفاق طرف وڌندو جتي انسانن جو گڏيل فائدوسمورن انسانن جو مقصد هوندو.توڙي جو اها سوچ ارڙهين صديء جي پڇاڙي ۽ اوڻويهين صديء جي شروع ۾انقلاب فرانس جي ناڪامين سبب رائج ٿي تنهن هوندي اها اڄ به ايتري ئي موزون ۽ مناسب آهي جيتري ان دور ۾ هئي.نئين دور جي بحرانن ۾ واڌاري سان گڏوگڏ جيئن ته وڌندڙ اڻ برابري ۽ ماحولياتي تبديليون انساني سماج لاء خطري جو سبب آهن،ان دور ۾ انارڪي پسند نظريا انساني بقا لاء شهرڳ جي حيثيت رکن ٿا.انارڪي پسند نظريو هڪ سياسي فلسفو آهي جيڪو هر قسم جي درجابنديء کي رد ڪري ٿو.انارڪزم يوناني لفظ ”انارڪيه“ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”بنان اڳواڻ جي“.جديد دور ۾ انارڪزم جو فلسفو اوڻويهين صديء ۾ اسريو جڏهن فرانسسي مفڪر” پيري جوزف پروڊن“ لفظ انارڪيء کي پنهنجي فلسفي سان ڳنڍيو.ان نظريي ۽ فلسفي جو نڪته نظر اهو آهي ته سماج کي بنان ڪنهن مرڪزي حڪومت يا طاقت جي منظم ڪري سگھجي ٿو.جوزف ۽ ٻين مفڪرن جو خيال آهي ته سماجي نظم لاء انسانن جي وچ ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي رضاڪاراڻا معاهدا هئڻ گھرجن ۽ ان قسم جي سماج ۾ قابليت ۽ انصاف اوسر ڪندو ۽ اهو سماج پنهنجن سمورن نمائندن لاء پيداوار ۽ ضرورت جي وچ ۾ انصاف ڀري نسبت قائم ڪري سگھندو.پر جوزف پروڊن ان قسم جو سماج ڇو ٿي گھريو؟ ان جو جواب انقلاب فرانس جي ناڪامين ۾ لڪيل آهي.انقلاب بعد هارين ۽ مزدورن لاء ان انومان جو خاتمو ٿي ويو ته نئين قائم ٿيندڙ ان سياسي بورڙوائي طبقي مان ڪو فائدو ٿيندو.انهن کي اندازو ٿيو ته اهي ماڻهو جيڪي هاڻي حڪمران بڻيا آهن انهن ۾ ۽ اڳوڻن حڪمرانن ۾ ڪو گھڻو فرق ناهي جن کي انهن انقلاب دوران ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو هو.پوليس ۽ فوج جهڙن ادارن جا ظالم رويا ۽ ستم هيٺ آيل عوام کي ڏسندي شروعاتي دور جي مفڪرن بيان ڪيو ته ايئن ناهي ته انهن سمورن مسئلن جو سبب رڳو حڪمران هئا بلڪه ان جو سبب حڪمرانيء جي اها سوچ آهي جنهن مطابق انسانن جي هڪ ٽولي کي اهو اختيار ملي ٿو جو اهي ٻين تي حڪمراني ڪري سگھن ۽ اها سوچ انساني سماج ۾ سمورين خرابين جي پاڙ آهي.ان ڪري اهو معاملو ئي رياست جو آهي ۽ اهڙو ڪهڙو طريقو هجي جو ان جو خاتمو ڪري سگھجي ۽ هڪ منصفاڻو سماج قائم ٿي سگھي.انارڪي پسندن جو سڀ کان مشهور گروه اشتماليت پسند انارڪسٽ آهن.انهن جو خيال آهي ته ڪنهن به خطي ۾ زمين،وسيلا ۽ پيداوار جا ذريعا ان لاء موجود آهن ته انهن جو اختيار ان سماج وٽ هجي.ٻيا انارڪي پسند فڪر فيمينيسٽ ۽ گرين پوليٽڪس آهن پر اهي سمورا گروه هر قسم جي ٻاهرين درجابندي جو خاتمو چاهين ٿا.چاهي اهي درجا بنديون ڪنهن رياست طرفان هجن، نوڪريء دوران مالڪن طرفان يا ڪنهن مذهبي اداري يا تنظيم پاران لاڳو ڪيون وييون هجن. پر ڪو انارڪسٽ سماج ڪيئن قائم ٿيندو؟ ان لاء چار اصول آهن.پهريون اهو ته انارڪي پسند تنظيمن جي رڪنيت رضاڪاراڻي هجي،ٻيو اهو ته انارڪي پسندن کي هڪ عملي شڪل ۾ بدلجڻو پوندو.ٽيون اهو ته انهن تنظيمن جو قيام عارضي هوندو ۽ چوٿون اهو ته انارڪي پسند تنظيمون سائيز ۾ ننڍيون ننڍيون هئڻ کپن.انارڪي پسند سوچن کي پيٽرڪروپوٽڪن ۽ جوزف پروڊن جهڙن مفڪرن مٿي آندو ۽ ان جي بهترين عملي صورت اسپين ۾ نظر آئي.جوزف پروڊن پهريون ڀيرو انارڪيء جي اصطلاح سواء ٻه مشهور زمانه تصور ”ملڪيت اصل ۾ چوري آهي.“ ۽ ”ملڪيت آزادي آهي.“به پيش ڪيا.هن جي ويجھو اهي ٻئي اصطلاح هڪ ٻئي جي ابتڙ ناهن.ملڪيت چوري ئي ته آهي ڇو ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ملڪيت عام طور تي مزدور طبقي جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي ۽ اهو به ته ملڪيت آزادي به هوندي آهي ڇوته هارين ۽ مزدورن کي رهڻ لاء زمين جي ملڪيت گھرجي،انهن لاء ملڪيت آزاديء مثال آهي ڇو ته اها استحصال يا سينازوريء جي نتيجي ۾ حاصل ناهي ڪئي ويئي.پروڊن جو ضد هو ته ماڻهن جي گروهن وچ ۾ هڪ مرڪزي رابطو هئڻ گھرجي،ان سبب ئي مئي 1871ع ۾ پيرس شهر ۾ پهريون عوامي مارچ ٿيو.دعويٰ ڪري سگھجي ٿي ته اهو ميڙ پنهنجي نوعيت جو پهريون مظاهرو هو جتي انقلابي اشتراڪيت جي عملي صورت نظر آئي.ان ٿورڙي عرصي دوران انقلابي اڳواڻن کي اهو اندازو ٿيو ته پروڊن جي راء مطابق کين پنهنجي بقا لاء ٻين طبقن کي به پاڻ سان شامل ڪرڻو پوندو.پروڊن کان سواء هڪ ٻيو انارڪي پسند فيلسوف پيٽر ڪروپوٽڪن هوجيڪو سائنسي دماغ رکندو هو.هن پنهنجي ڪتاب”مانيء جي سوڀ“ ۾ لکيو آهي ته ڪهڙيء طرح عوامي پنچائتون انقلاب بعد جي شروعاتي ڏينهن ۾ سماجي سطح تي پنهنجو پاڻ کي ٻه طرفي مدد ۽ رضاڪاراڻي تعاون هيٺ منظم ڪري سگھن ٿيون.سالن بعد هسپانوي گھرو ويڙهه دوران ڪروپوٽڪن جا اهي نظريا جن ۾ هن بيان ڪيو هو ته ڪهڙيء طرح مزدور ۽ هاري ملي جلي صنعت ۽ زراعت جو نظام سنڀالي سگھيا ٿي.انهن 1936ع جي انقلاب کان اڳ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو.1930ع جي ڏهاڪي ۾ اسپين بنيادي طور تي هڪ زرعي سماج هو جتي آباديء جو ٻه سيڪڙو طبقو 67 سيڪڙو وسيلن تي قابض هو.انقلاب بعد اها صورتحال بدلجي ويئي.ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ويو.زرعي زمينن جي سار سنڀال ۽ پوک جو عمل گڏيل طورتي انجام ڏنو وڃڻ لڳو.انقلابي ڪاتولانيا جي علائقي ۾ گڏيل ڪوشش جي عمل کي وڌيڪ شعبن جهڙوڪ پبلڪ ٽرانسپورٽ،بجلي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن تائين وڌائي ان کي ملڪ جي ٻين حصن تائين به پکيڙيو ويو. جيتوڻيڪ نيٺ هسپانوي گھرو ويڙهه ۾ سوڀ فسطائي قوتن جي ٿي ۽ فرانسيڪو فرانڪو حڪمران بڻجي ويو.

    انارڪسٽ نظريا سماج جي گھڻن ئي مسئلن جو حل پيش ڪن ٿا.توڙي جو انارڪسٽ نظرين جو مقصد سماج ۾ موجود درجن کي ختم ڪرڻ آهي تنهن هوندي انارڪي پسند فلسفين جي نظرين جي مدد سان سماج جي ڪيترن ئي اهڙن مسئلن جو حل به ڏسي سگھجي ٿو جيڪي هن وقت سماج کي سامهون آهن.هڪ معاملو جنهن ۾ انارڪي پسند نظريا گھڻو مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا اهو جيلن جو سڌارو آهي.ڪيترن ئي انارڪسٽ مفڪرن پنهنجو وقت جيلن ۾ گذاريو آهي جتي انهن اتي موجود خامين ۽ خرابين جو غور سان مشاهدو ڪيو آهي.اهو ڪروپوٽڪن ئي هو جنهن سڀني کان اڳ جيلن کي ”ڏوهن جون يونيورسٽيون” قرار ڏنو.ڪروپوٽڪن جي مشاهدن بعد م امريڪي نظام انصاف ۾ تبديليون آڻڻ لاء بنياد مهيا ڪيو.انهن مان ڪيترائي مفڪر ٻنهي عالمي جنگين دوران ضمير جا قيدي رهيا.انهن ڏٺو ته جيلن ۾ قيد گھڻا ماڻهو پوئتي پيل پس منظر سان تعلق رکن ٿا.غربت هڪ بنيادي عامل آهي جنهن سبب گھڻا ماڻهو معمولي ڏوهن ۾ ملوث ٿين ٿا ۽ جيلن مان آزاد ٿيڻ بعد اهي وڏا وڏا ڏوهه ڪن ٿا.انهن مشاهدن سبب سڌارا آڻيندڙن انصاف جي نظام ۾ انساني گھرجن مطابق تبديلين جو عمل تيز ڪيو ويو.افسوسناڪ ڳالهه اها جو ان طرح جا قدم هاڻي گھڻو گھٽجي ويا آهن.مثال؛ سال 2000ع ۾ آمريڪا ۾ ٻه ملين ماڻهو جيلن ۾ قيد هئا.جديد قومي تصور تي قائم رياستن ۾ آمريڪا هن وقت چوٽيء تي آهي جتي آباديء جي نسبت سان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو جيلن ۾ آهن.هڪ دفعو وري اسان کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاء انارڪي پسند نظرين طرف موٽڻو پوندو ته اسان منشيات جي استعمال ۾ لاڳيتي اضافي سبب جيلن ۾ قيدين جي وڌندڙ انگ تي ڪهڙيء طرح ضابطو آڻي سگھون ٿا.1922ع ۾ هڪ اطالوي انارڪسٽ فلسفي ايريڪو مالاٽسٽا چيو هو ته منشيات جي استعمال سبب جيلن ۾ قيد ماڻهن تي ان سزا جو اثر ابتڙ ٿئي ٿو ڇو ته جيلن ۾ قيد ماڻهن ۾ نشي جي استعمال جو امڪان وڌي وڃي ٿو ۽ اهڙيء طرح سماج ۾ منشيات متعلق ڏوهه جهڙوڪ اسمگلنگ ۽ ڊرگ ٽريفڪنگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو.مالاٽسٽا صلاح ڏني ته منشيات جي استعمال ۽ وڪري کي ڏوهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏجي ته اسان ان مسئلي تي ضابطو آڻي سگھون ٿا.اهڙيء طرح اوهان جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدين جي موجودگيء واري مسئلي کي به منهن ڏيئي سگھو ٿا.هن مطابق منشيات ڏانهن ڇڪ جو هڪ وڏو سبب ان جي استعمال جو ڏوهه هئڻ آهي جيڪر ايئن نه هجي ته انهيء کي گھڻو گھٽائي سگھجي ٿو.سوئزرلينڊ جي شهر زيورخ ۽ نيڌرلينڊ جي شهر ايميسٽر ڊم منشيات جي استعمال ۽ وڪري کي ڏوهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ٻنهي شهرن جي انهيء فيصلي جي نتيجن مان اهو ثابت ٿيو ته مالاٽسٽا جو خيال صحيح هو.

    انارڪي پسند فلسفي سان خاموش ۽ شور وارو ٻنهي قسمن جا انقلاب آڻي سگھجن ٿا.اهو سچ آهي ته انارڪي پسندن انقلاب ذريعي ڪنهن سنجيده تبديليء جو مظاهرو اڄ تائين ناهي ڪيو پر اهو نٿو چئي سگھجي ته انارڪي پسندن جون سياسي ڪوششون ضايع وييون آهن.هاڻوڪي صورتحال اها آهي جو اسان جي زندگين جا ڪيترائي پاسا جيڏانهن اسان ڌيان نٿا ڏيون اهڙا آهن جيڪي انارڪي پسند نظرين جي ڪري آهن.مثال،پنهنجي پوشاڪ کي ئي ڏسجي،گذريل پنجاهه سالن ۾ اسان جيڪو لباس پهري رهيا آهيون اهو صنف ۽ طبقاتي فرق کي سامهون رکي بنايو ويو آهي پر ويهين صدي دوران انتها ئي حد تائين رواج کان مختلف رويو اختيار ڪندي انارڪي پسندن اهڙن ماڻهن لاء ڪيترين ئي سهولتن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ماڻهو جيڪي چاهين پائي سگھن ٿا.

    جيئن ته اسان جي زمين جي گولي کي بقا جا مسئلا سامهون آهن ان ڪري رڳو انارڪي پسند نظريا ئي دنيا کي ماحولياتي تباهيء کان بچائي سگھن ٿا.جيئن جيئن ايڪويهين صدي اڳيان وڌي پيئي انسانيت کي ماحولياتي تبديلين ۽ وسيلن ۾ گھٽتائي جهڙا مسئلا گھيريندا ٿا وڃن.سرمائيداري نظام پنهنجي اصليت سبب انهن ڏکيائين کي حل ڪري نٿو سگھي ڇو ته اهو سندس فطرت مطابق نفعو ڪمائڻ،استعمال وڌائڻ ۽ نيون منڊيون قائم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو.

    (برطانوي ليکڪ ڪولن وارڊ جي ڪتاب تان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو