ڪونج

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2020۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    طاھر پٺاڻ

    شھر ۾ سرڪاري اسپتال جي ويجھو ئي منھنجو وڊيو ۽ آڊيو سي ڊيز جو دڪان آهي، شھر ننڍو آھي ۽ سڄي شهر ۾ ٻيو ڪو بہ سي ڊي شاپ ناھي انڪري منھنجي دڪان ۾ صبح کان شام تائين رش بہ ڪافي ھجي ٿي، ھر گراھڪ جي پنھنجي پسند ھوندي آهي، ڪو ھندستاني فلم جي سي ڊي وٺي ٿو تہ ڪو پاڪستاني پراڻي فلمن جو شوقين اچي ٿو ۽ ڪو سنڌي ڊرامن جي ڪيسٽ وٺڻ لاءِ اچي ٿو تہ وري ڪي سنڌي فنڪارن جي گيتن جون سي ڊيز خريد ڪن ٿا پر مون کي ننڍپڻ کان ئي سنڌ جو ٻِيجل سرمد سنڌي پسند آهي ان ڪري مان پنهنجي دڪان ۾ اڪثر سرمد جا گيت ھلائي ٻڌندو رھندو آھيان، ان ڏينهن مان صبح جو دڪان تي اڪيلو ويٺو ھئس، ڀرپاسي جا بہ ڪجھ دڪان کلي چڪا هئا پر ڪجھ اڃان بند پڻ ھئا، منھنجي دڪان اندر وڏي آواز ۾ سرمد جو گيت پئي گونجيو..
    وَرُ پنهنجي پيءُ ڏنو مون کي،
    وَرُ پنهنجي ڀاءُ ڏنو مون کي
    جي مڙس چوان ٿي لڄ مران
    بابو بہ سڏي ھن کي نہ سگھان....
    ان ئي مھل دڪان جي سامھون ھڪ ويھ ٻاويھ سالن جي عورت ۽ پنجاھ سالن جو اڌڙوٽ ھمراھ گذري رھيا ھئا، اوچتو اھا عورت بيھي رھي ۽ منھنجي دڪان طرف ڏسڻ لڳي، ان سان گڏ ھلندڙ مرد بہ ھن کي بيٺل ڏسي رڪجي ويو ۽ کيس حيرت ۽ ڪاوڙ ۾ گُھورڻ لڳو، عورت جي اکين مان ڳوڙها وھندي ڏسي مان ڪجھ پريشان ۽ حيران ٿي ويس، سامھون وارو دڪاندار بہ ان نوجوان عورت ۽ اڌڙوٽ مرد کي ڏسي رھيو ھو، ان مرد ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ جھٽ ڏيئي عورت جي ھٿ کان پڪڙي اڳتي وڌي ويو، سامھون وارو دڪاندار پنهنجي دڪان کان ٻاھر نڪتو تہ مان بہ ٻاھر اچي انھن کي ويندي ڏسڻ لڳس، جڏهن ھو ٻيئي اسپتال ۾ داخل ٿي اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويا تہ سامھون وارو دڪاندار سليم ۽ آئون ھڪٻئي کي حيرت ۾ ڏسندي پنھنجي پنھنجي دڪان ۾ ھليا وياسين ان ئي مھل منھنجو دوست زاھد دڪان ۾ آيو ۽ اچڻ سان ئي مون کي کلندي ھن چيو.
    "ڇا ڳالھ آ، ڇو چاچا سانول ۽ سندس گھرواريءَ کي ايئن چرين وانگر پيا ڏسو.؟"
    "ڇا تون ھنن کي سڃاڻين ٿو؟،" مون زاھد کان پڇيو.
    زاھد ڪرسيءَ تي ويهندي چيو. "ھا يار ضمير! سانول اسان جو پري جو مائٽ آهي، سندس گھرواري ڪجھ بيمار آهي جنهن جو علاج ڪرائڻ لاءِ ھو کيس شھر وٺي آيو آهي، منھنجي گھر سان گڏ ئي سانول جي ڀاءُ جو گھر آھي، ھو ٻيئي ڪجھ ڏينهن کان ان وٽ ئي ترسيل آهن".
    "ڇا ھُوءَ ڇوڪري سچ ۾ ان اڌڙوٽ ھمراھ جي زال آھي"؟ مون زاھد کان بيچينيءَ وچان سوال ڪيو.
    زاھد وڏو ساھ ڀريو ۽ ڇت ۾ ڏسندي وراڻيو. "ھا پيارا اھو ظلم ان ويچاريءَ سان ڪجھ سال پھرين ڪيو اٿن".
    منھنجي بيچيني وڌي وئي، اُٿي وڃي سندس ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويٺس. "مونکي تفصيل سان ھن ڇوڪريءَ سان ٿيل ان ظلم بابت ٻڌائي سگھين ٿو"؟. کانئس پڇيم.
    "ضرور ٻڌائيندس توکي". ھن سنجيدگيءَ سان وراڻيو. "پر ھڪ شرط تي".
    "مونکي ھر شرط منظور آهي". مون ھڪدم چيو. "پنھنجو شرط ٻڌاءِ تون".
    "شرط اھو آھي تہ تون ان نياڻي جي ڪھاڻي لکندين".
    "زاھد توکي تہ خبر آهي تہ مان ڪيترن ئي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي". مون کيس ياد ڏياريندي چيو.
    "مونکي پڪ آهي تہ ان ڏکايل نياڻي جو داستان ٻڌڻ کان پوءِ تون لکڻ تي مجبور ٿي ويندين". ھن يقين سان مون کي چيو.
    "ٺيڪ آ زاھد ٻڌاءِ مون کي ھن مظلوم نياڻي بابت، آئون سندس داستان ڪاغذ تي لکڻ جي پوري ڪوشش ڪندس". مون کيس پڪ ڏياريندي چيو.
    ان وقت دڪان تي گراھڪ بہ اچڻ شروع ٿي ويا تہ زاھد مونکي شام جو ملڻ لاءِ چيو ۽ ھليو ويو، مونکي شام ٿيڻ جو انتظار ھو. گھڙي گھڙي ان نماڻي ڇوڪريءَ جو سرمد جي گيت تي رُڪجڻ ۽ وري روئڻ مونکي تڙپائي رھيو ھو، مون شام جو ڪجھ جلدي دڪان بند ڪيو ۽ زاھد جي اوطاق تي ھليو ويس.
    چانھ پيئندي مون ھن کي ان ڇوڪري جي باري ۾ ٻڌائڻ لاءِ چيو.
    زاھد مونکي جيڪا ان ڇوڪريءَ جي ڪھاڻي ٻڌائي تنھن مون کي لکڻ لاءِ واقعي مجبور ڪري ڇڏيو.
    ھن جو نالو ڪونج ھو، بھار جي مند ۾ جڏهن سنڌ جي آھستي آھستي وڌندڙ گرميءَ کان تنگ ٿي ڏُور اتر کان آيل ڪونجون ولر ڪري واپس پئي ويون تڏهن درياھ جي ويجھو ڪچي جي ھڪ ڳوٺ ۾ غريب دين محمد جي گھر ۾ ھن جو جنم ٿيو ھو، آسمان ۾ ڪونجن جي ھڪ قطار کي ڏسندي سندس پيءُ ھن جو نالو "ڪونج" رکيو ھو، دين محمد کي ڪونج کان وڏا ٻہ پٽ پڻ ھئا، پنجن سالن جو ھاشم ۽ قاسم ٻن سالن جو هو، پر ڪونج جي اچڻ سان سندن گھر ڄڻ تہ خوشي ۾ ٻھڪي پيو ھو، ھوءَ سڄي گھر جي سونهن بڻجي پئي ھئي، ماءُ جي لاڏلي تہ پيءُ جي اکين جو ٺار ھئي ھوءَ، دين محمد سڄو ڏينهن وڏيري شھمير خان جي ٻنيءَ تي پگھر وھائي ٿڪل ٽُٽل شام جو گھر پھچي جڏهن معصوم ڪونج جا ٻہ چار ٻاتڙا ٻول ٻڌندو هو تہ کيس سڪون ملي پوندو هو ۽ ھن جي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ئي لھي ويندي هئي. ايئن ئي غربت ۽ مفلسيءَ ۾ بہ ھر وقت خوش رھندڙ دين محمد ۽ سندس گھرواري صابرہ پنهنجي ٻچن کي پالي رھيا ھئا. وقت پنهنجي مقرر ڪيل رفتار سان گذرندو رھيو، ڪونج پنھنجي ڀائرن ۽ ڳوٺ جي ھڪ جيڏين ڇوڪرين سان کيڏندي ڪُڏندي ڇھن سالن جي ٿي چڪي هئي جو اوچتو مائي صابرہ سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ فوت ٿي وئي، صابرہ جي موت بعد دين محمد ۽ سندس ٻارڙن جي لاءِ ڏکن ۽ پريشانين جي شروعات ٿي وئي، دين محمد جڏهن ٻارڙن کي پنهنجي ماءُ جي لاءِ روئندي ڏسندو هو تہ سندس جيءُ پڻ جُھري پوندو هو، ھاشم ۽ قاسم تہ ڪجھ وڏڙا هئا پر ڪونج اڃان ڇھن سالن جي معصوم ٻارڙي ھئي، ھوءَ جڏهن پنهنجي امڙ جي لاءِ روئندي ھئي تہ کيس پرچائڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو هو ھن جون ڦڦيون ۽ چاچا بہ کيس وندرائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندا ھئا پر ڪونج روئي روئي ٿڪجي پاڻ ئي چپ ڪندي ھئي، صابرہ جي موت کي اٺ مھينا گذري ويا پر ڪونج پنھنجي وڇڙي ويل ماءُ لاءِ روئي روئي ڪمزور ٿي وئي تہ دين محمد جي ڀائرن ۽ ڀينرن ننڍڙي ڪونج کي سنڀالڻ لاءِ دين محمد کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پر دين محمد پنھنجي ٻچڙن تي ماٽيلي ماءُ آڻڻ نہ پيو چاهي کيس خوف ھو تہ ٻي شادي ڪرڻ سان سندس ٻارڙن سان ناانصافي ٿي پئي سگهي، کيس ماٽيلي ماءُ جي سلوڪ جا ڪجھ قصا ٻُڌل ھئا پر سندس ڀينرن منٿون ڪري نيٺ کيس ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪري ورتو.
    صابرہ جي وفات جي ھڪ سال اندر ڳوٺ جي ئي ھڪ غريب ڇوڪريءَ حميدہ سان دين محمد جي شادي ڪرائي وئي، شروع ۾ تہ ھُن پنھنجي مڙس جي پهرين اولاد سان ورتاءُ سٺو رکيو پر جڏهن حميده کي پھريون پٽ ڄائو تہ ھن جو رويو دين محمد جي پھرين ٻارڙن سان آھستي آھستي خراب ٿيڻ شروع ٿي ويو، دين محمد کي بہ نئين گھرواريءَ ۽ ان مان ڄاول پٽ سان تمام گهڻو پيار ھو جنھن سبب آھستي آھستي ھاشم، قاسم ۽ ڪونج احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ لڳا.
    ھاشم ھاڻ ٻالڪپڻ کان جوانيءَ ۾ قدم رکيو ھو، پيءُ ۽ ماٽيلي ماءُ جو ڌيان نہ ھجڻ سبب ھو گھر کان سڄو سڄو ڏينهن ٻاھر رھڻ لڳو ھو، نيٺ ھن جي سنگت ڳوٺ جي ڪجھ آواره ڇوڪرن سان ٿي وئي جيڪي ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ننڍيون ننڍيون چوريون پڻ ڪندا ھئا، ھڪ ڏينھن ھاشم بہ انھن سان گڏجي ڀرواري ڳوٺ مان ڀاڻ جي ھڪ ٻوري چورائي ۽ شھر جي ھڪ دڪان تي وڪرو ڪئي تہ کين ايترا پئسا مليا جو ھنن ٽنھي جا ڪجھ ڏينهن مزي سان گذري ويا، ھفتي کن ۾ سندن کيسا خالي ٿيا تہ وري نئين چوري ڪرڻ لاءِ ھنن تياري ڪئي، ھن دفعي ھنن جي ھٿ ھڪ ٻڪري لڳي ھئي جيڪا کپائڻ کان پوءِ کين ايتري رقم ملي جو ھو ٽيئي خوش ٿي ويا، شھر کان واپسي تي پنهنجي حصي جي رقم مان ھاشمَ ڪونج ۽ قاسم لاءِ ڪپڙا ۽ ڪجھ ٻيو سامان خريد ڪيو، دين محمد جو ڌيان پنھنجي پھرين اولاد تان ڪافي گھٽجي چڪو هو ان ڪري ھن محسوس ئي نہ ڪيو تہ سندس ٻارن کي پھريل نوان ڪپڙا ڪڏهن ۽ ڪٿان آيا.
    ھاشم ۽ ھن جا ساٿي وقت سان گڏ ماھر چور بڻجي ويا ھئا اھا سُڌ ڳوٺ جي ڪجھ ماڻهن کي پئجي چڪي هئي انھن مان ھڪ ھمراھ اچي دين محمد کي ٻڌايو تہ کانئس ڇرڪ نڪري ويو، ھو پريشاني ۾ وٺجي ويو ھو، تڪڙو گھر پھچي ھن ھاشم جي پڇا ڪئي پر ھو ان وقت گھر ۾ موجود نہ ھيو، ھو سندس انتظار ڪندو رھيو، ان کان اڳ ڪڏهن ھن ايتري بيچينيءَ سان پنھنجي ڪنھن پٽ جو انتظار نہ ڪيو ھو، اڄ ھن کي شدت سان احساس ٿيو پئي تہ ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ ھن پھرين اولاد سان بلڪل گھٽ وقت گذايو ھو جنھن جي نتيجي ۾ ھو بہ کانئس پري پري رھڻ لڳا ھئا، ھن جو ضمير کيس جھنجھوڙي چئي رهيو هو تہ سندس بي ڌيانيءَ سبب ئي ھن جو اولاد ڀٽڪڻ شروع ٿي ويو هو ۽ اڄ کيس پنهنجي ھڪ پٽ جي چور بڻجي وڃڻ جي خبر ملي، ھو سوچيندو رهيو، پڄرندو رهيو تان جو اڌرات ٿي وئي، نيٺ ھاشم گھر ۾ داخل ٿيو، پيءُ کي اڌرات جي وقت بيچينيءَ سان بيٺل ڏسي ھو ڇرڪيو.
    "بابا! خير تہ آهي نہ"؟، ھن پيءُ جي ويجھو اچي پڇيو. "ننڊ نہ ٿي اچيوَ يا ڪو ٻيو مسئلو آهي"؟.
    "ڪٿي ھئين ھن وقت تائين"؟. دين محمد ھاشم جي سوال کي نظرانداز ڪندي ڪاوڙ ۾ کانئس پڇيو.
    "خانو جي اوطاق تي دوستن سان گڏ ويٺل ھئس". ھاشم لاپرواهي سان وراڻيو, "پر اڄ ڪيئن توهان کي منھنجي فڪر اچي ورايو آهي"؟.
    پٽ جي اڍنگي رويي سبب دين محمد جي سيني ۾ باھ جا مچ ٻرڻ لڳا ھئا.
    "ڏس ھاشم پٽ!"، پڻس ويجھو اچي سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي ڀريل آواز ۾ چيو، "مڃان ٿو تہ تنھنجي ماءُ جي مرڻ کان پوءِ مون توهان جي سار سنڀال ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي پر مون تہ ڪڏهن سوچيو بہ نہ ھو تہ تون جوان ٿيندي ئي لوفر ۽ چور بڻجي منھنجي بدنامي جو سبب بڻجندين".
    "ڪونہ ٿيندي تنھنجي بدنامي بابا"، ھاشم پنهنجي وڇايل بستري تي ليٽي پيو.
    "ھاشم پٽ! ھي ڏس ٻانھون ٿو ٻڌانءِ پاڻ کي ڪنهن مصيبت ۾ نہ ڦاسائج". دين محمد پٽ کي ھٿ ٻڌندي چيو.
    "بابا! جي مون مٿان ڪا مصيبت آئي تہ مان پاڻ ئي ان کي منھن ڏيندس، توکي ڪونہ سڏيندس، تون دلجاءِ ڪر، ڏاڍي ننڊ ٿي اچي ھاڻ سمھڻ ڏي مون کي". ھاشم منھن ٻي پاسي ڦيرائيندي چيو، دين محمد ڪجھ گھڙيون ڏک ۽ بيوسيءَ منجھان پٽ کي ڏسندو رھيو ۽ پوءِ آھستي آھستي وڃي پنهنجي کٽ تي ليٽي پيو، اھا رات ھو ھڪ پل بہ سمھي نہ سگھيو ھو، ھاشم جو لھجو ۽ لفظ کيس ڏنگيندا رھيا.
    ھاشم تي پيءُ جي ڪنهن بہ نصيحت ۽ منٿ جو ڪو بہ اثر نہ ٿيو ھو، ھن کي پاڻ تي وڏو بانوَر ۽ اعتماد ھو، ھجي بہ ڇو نہ؟ ھو ۽ ھن جا ساٿي ڪافي سالن کان چوريون ڪندا ٿي آيا پر اڄ تائين ڪٿي بہ ڪو نشان نہ ڇڏيائون ۽ نہ ئي ڪڏهن خالي موٽيا ھئا، ھاشم کي پاڻ تي حد کان وڌيڪ اعتماد ٿي ويو ھو، ھاڻ ھو ڪڏھن ڪڏھن اڪيلو بہ وڃي ڪٿان چوري ڪري ٿي آيو اھا خبر ھن جي ساٿين کي بہ نہ ھئي.
    ان رات بہ ھو اڪيلو ئي نڪري پيو ھو، پنهنجي ڳوٺ کان ميل کن پري ھڪ زميندار سانول خان جي گھر جي ڀت اورانگهي ويو، گھر پڪو ۽ وڏو ٺھيل ھو، اونداهي رات ھئي، روڪ رقم ۽ ڪجھ زيور ھن جي ھٿ لڳا، ڪمري مان ٻاهر نڪتو پئي تہ گھر ڀاتي سڄاڳ ٿي پيا ۽ کيس ورائي ويا، شور ۽ گوڙ مچي ويو، سانول ۽ سندس اڪيلو نوجوان پٽ کيس پڪڙڻ لاءِ ويجھو آيا تہ ھاشم کي پنھنجو موت ويجھو نظر اچڻ لڳو، بچاءُ خاطر ھن ڪھاڙي جو وار ڪري ڏنو، ڪھاڙي ويجھو ايندڙ نوجوان جي پاسراٽين ۾ کُپجي وئي، زخمي نوجوان وڏي دانھن ڪري ھيٺ ڪِريو تہ سڀني گھر ڀاتين جو ڌيان ان طرف ٿي ويو، بس ان ئي پل ھاشم کي ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو، چورايل رقم ۽ زيور اُتي ئي اڇلائي ھو ڊوڙيو، ڪيئن ديوار ٽپيو؟ ڪيئن ڊوڙندو سھڪندو پنهنجي گھر پھتو؟ ھن کي ڪجھ بہ ياد نہ ھو، ڳوٺ جي مسجد مان فجر جي آذان ٿي آئي، خوف سبب ھاشم جو ساھ مٺ ۾ ھو، ھن جي دليري ۽ آڪڙ الائي جي ڪاڏي اڏامي وئي ھئي، سندس حالت شڪارين جي گھيري ۾ آيل ڪنهن ھرڻي جھڙي ھئي، گھر ۾ داخل ٿيو تہ سندس پيءُ ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿي ويو، ھاشم وڃي پيءُ جي پيرن تي ڪِري پيو تہ دين محمد وائڙو ٿي ويو.
    "بابا! مون کي بچاءِ"، ھاشم پيءُ جي پيرن ۾ ويٺي کيس منٿ ڪئي، دين محمد اچڻ واري ڪنھن مصيبت کي محسوس ڪري ورتو ۽ ڪنبڻ لڳو، ٻيا گھر ڀاتي بہ سڄاڳ ٿي چڪا ھئا، دين محمد کيس کٽ تي ويھڻ جو چيو پر ھو سندس پيرن ۾ ئي ويٺو رهيو ۽ جھٽ ۾ ئي سڄي ڳالھ پيءُ کي ٻڌايائي ويو، سڄي ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ دين محمد پريشاني ۽ خوف سبب روئڻ لڳو تہ ڪونج ۽ حميده بہ روئڻ شروع ٿي ويون، دين محمد جلدي ۾ اٿيو ۽ ھاشم کي ساڻ ڪري تڪڙو اچي وڏيري شھمير خان جي اوطاق تي پھتو، منٿن ۽ ايلازن کان پوءِ ھڪ نوڪر وڃي شھمير خان کي اطلاع ڪرايو، ٿوري دير ۾ ئي شھمير خان گھر کان اوطاق تي پھچي ويو، دين محمد ۽ ھاشم سندس اڳيان ھٿ ٻڌي ڪنڌ جھڪائي بيٺل ھئا.
    "ڇا ڳالھ آهي، ڇو اچي ھن ويلَ منھنجي ننڊ ڦٽائي اٿوَ"؟. وڏيري ڪاوڙ ۾ کين گھوريندي پڇيو.
    "رئيس! اسان جي مدد ڪر ۽ منھنجي پٽ کي بچاءِ". دين محمد روئيندي شھمير خان کي سڄي ڳالھ ٻڌايائي.
    سڄي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ شھمير خان امڪاني جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ پنھنجي ڪجھ ماڻھن کي سمجھائي ان رستي تي بيھاري ڇڏيو جنهن رستي تان ھاشم واپس پنهنجي گھر پھتو ھو، ٿوري دير م ئي لٺين ۽ ڪھاڙين سان اٺ-ڏھ ماڻهو ان رستي تان ھاشم جي پيرن جا نشان ڏسندا اچي ڳوٺ جي ويجهو پهتا تہ وڏيري جي موڪليل ماڻھن کين شھمير خان جو پيغام ڏنو ۽ پوءِ وٺي اچي شھمير خان جي اوطاق تي پھچايو، ھڪ نوڪر اندر اچي وڏيري کي ٻڌايو، شھمير خان دين محمد ۽ ھاشم کي ڪمري ۾ ئي ويھاري پاڻ ٻاھر نڪري آيو.
    "شھمير خان! اسان کي گھربل ماڻهو توهان جي ئي ڳوٺ جو آھي، مھرباني ڪري کيس اسان جي حوالي ڪر، ھو اسان جي ھڪ نوجوان کي مرڻينگ ڪري ھن ڳوٺ ۾ پھتو آھي". وڏي عمر جي ھڪ ھمراھ ڪاوڙ ۾ چيو.
    شھمير خان کيس ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. "بابا توهان ڪو بہ فڪر نہ ڪيو، توهان سان ناانصافي ڪونہ ٿيندي، توهان جي ڏوھاري کي مان ڀڄڻ نہ ڏيندس پر ھن وقت توهان وڃي پنهنجي زخمي نوجوان کي شھر جي ڪنهن اسپتال پھچائي سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪيو".
    ڪجھ دير جي بحث کان پوءِ آخر ھو سڀ واپس ھليا ويا پر ٻئي ڏينهن تي زخمي نوجوان زخمن جي سٽ نہ سھندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اھا خبر جڏهن دين محمد ۽ ھاشم وٽ پھتي تہ سندن پريشاني ۽ خوف حد کان وڌي ويو ۽ ٻيھر شھمير خان جي اوطاق تي وڃي پهتا، وڏيري کي بہ نوجوان جي مرڻ جي خبر ملي چڪي هئي.
    وڏيرو شھمير خان پنهنجي ترَ جو شھنشاھ بڻيو ويٺو هو، سڄي علائقي ۾ ننڍي وڏي مسئلي کي ھو پنھنجي مرضيءَ مطابق ئي حل ڪندو ھو، ھن جي طاقت ۽ سياسي اثر رسوخ سبب سندس ترَ ۾ پوليس کي اچڻ جي ھمت نہ ھئي، ھاشم جي ھٿان سانول خان جي نوجوان پٽ جي مارجڻ تي بہ پوليس خاموش رھي جنهن ڪري ٻھراڙيءَ جي ھڪ ڳڀرو نوجوان جي ناحق خون جو ڪيس عدالت بدران ھڪ ظالم ۽ جاھل وڏيري جي ور چڙهي ويو، ان کان اڳ بہ ھن پنھنجي غلط ۽ انوکن فيصلن سبب ڪيترائي گھر اجاڙيا ھئا.
    ھاشم ھٿان مارجي ويل نوجوان جي قتل جي ٽن ڏينهن کان پوءِ شھمير خان جي اوطاق تي ترَ جا ڪيترائي ماڻهو ويٺل هئا، ٿوري دير ۾ مارجي ويل نوجوان جي قتل جو فيصلو اچڻ وارو هو، اوطاق جي خاص ڪمري ۾ گھڻي دير کان شھمير خان ۽ ڪجھ ٻيا وڏيرا ھاشم پاران سانول جي پٽ کي قتل ڪرڻ جو ڏنڊ مقرر ڪرڻ لاءِ بحث مباحثي ۾ مشغول ھئا.
    نيٺ ان ڪمري جو در کليو ۽ شھمير خان ۽ ٻيا چڱا مڙس ٻاھر اچي ڪرسين تي ويٺا، فيصلي جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن تي خاموشي ڇانئجي ويئي، سڀني جون نظرون شھمير خان تي کُتل هيون، اوطاق جي ھڪ ڪنڊ ۾ دين محمد پنھنجي ڀائرن ۽ پٽن سان اچڻ واري فيصلي جي انتظار ۾ ويٺل ھو، سندن منھن لٿل ھئا. ٻئي پاسي سانول پنهنجي اڪيلي پُٽ جي جدائي جي ڏک ۾ روئي رهيو هو.
    شھمير خان فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو. "توهان سڀئي ڄاڻو ٿا تہ دين محمد جو پٽ ھاشم چوريءَ جي ارادي سان سانول جي گھر ۾ گھڙيو ۽ سانول جي جوان پٽ کي بہ ماري وڌائين".
    سڀني ماڻهن ھاڪار ۾ پنھنجا ڪنڌ لوڏيا.
    شھمير خان وري ڳالھائڻ شروع ڪيو. "ان ڏوھ جي سزا طور ھاشم کي پنهنجي ڀيڻ ڪونج جو سَڱ سانول کي ڏيڻو پوندو ۽ ڇھن مھينن اندر سانول سان ڪونج جو نڪاح ڪرائي سندس حوالي ڪيو ويندو".
    شھمير خان جو فيصلو ھاشم ۽ دين محمد تي وڄ بڻجي ڪِريو پر ھو ان جي خلاف ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھائي سگھيا ۽ مجبور ٿي ٽٽل دل سان فيصلو قبول ڪري ساڻيون ساڻيون وکون کڻندا گھر پھتا، گھر پھچڻ سان ئي دين محمد اوڇنگارن سان روئندي ڪونج کي سيني سان لڳايو، ڪونج زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن بہ پيءُ کي روئيندي نہ ڏٺو ھو، ھوءَ ڪجھ نہ سمجھندي بہ پيءُ سان گڏ روئندي رهي ھئي پر جڏهن پيءُ کيس شھمير خان جي ڪيل فيصلي بابت ٻڌايو تہ سندس پيرن ھيٺان زمين ئي نڪري وئي، پاڻ سان ٿيل اھڙي ناانصافي ۽ انياءُ تي سندس روح بہ رنو ۽ رڙيو پئي، اھڙي ڏاڍ ۽ جبر سبب سندس اندر ۾ ماتم برپا ٿي پيو ھو پر ھن پنھنجي پوڙھي پيءُ ۽ ڀاءُ خاطر چپ چاپ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو.
    ڇھن مھينن کان پوءِ ڳوٺ جي مولوي ڪونج جو نڪاح اڇن وارن واري اڌڙوٽ سانول سان پڙهائي ڇڏيو ۽ سندس رخستي بہ ٿي وئي...
    ٻھراڙيءَ جي ھڪ معصوم ڪونج سان ٿيل ان ناانصافي بابت ٻڌڻ کان پوءِ مان زاھد کان موڪلائي گھر آيس پر مون کي سڄي رات ننڊ نہ آئي ھئي.
    اڄ وري ڪونج ۽ سندس پوڙهو مڙس منھنجي دڪان اڳيان لنگهيا، منھنجي دڪان ۾ سرمد جو ڳيت پئي ھليو...
    ويل اويلي سڏڙو ٿي ٿو
    پوڙهو اچي ٿو وڪرو ٿي ٿِي
    ڌنَ ڌياڻي ڪيئن وِڪاڻي
    ڪنهن جي نياڻي ڪيئن وِڪاڻي...
    گيت جا اھي لفظ ٻڌڻ سان ڪونج جا قدم ھڪ پل لاءِ رڪجي ويا پر مڙس جي رڪجڻ کان اڳ ئي ھوءَ ھلي ويئي....
     
  2. zaheer hussain

    zaheer hussain
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    وا جــو يــار لکيــو اٿئـــی صــفا مـــاری چـــڏي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو