ماڻهن کي جمهوريت کان بد دل نه ڪريو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سياست ۾ ”ڊڪٽيٽرن وارو ڊسيپلين“ نٿو هلي،سياست ته ”ڳالهه ٻولهه “ جي ذريعي اڳيان وڌندي آهي. پاڪستان کي هن وقت جيڪي ٻاهريان خطرا لاڳو آهن ۽ بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۽ تيزيء سان تبديل ٿيندڙ خطي جي صورتحال جي بنياد تي جيڪي ٻيا مسئلا ۽ معاشي بحران سامهون آهن انهن چيلينجن کي پار ڪرڻ لاء سڀني کي پنهنجي پنهنجي طرز فڪر ۽ طرز عمل جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ خودفريبيء مان نڪري خود احتسابيء طرف اچڻو پوندو.ٻي صورت ۾ حالتن جي جبر جو بي رحم ڦٽڪو اسان مان هر ڪنهن تي وسندو.وزير اعظم عمران خان کي قومي مفاد هيٺ پنهن جي ذاتي مفاد لاء فيصل واوڊا پاران بوٽ جي نمائش واري عمل جو سخت نوٽيس وٺڻ کپندو هو پر جڏهن هن اهڙو نوٽيس نه ورتو ته پڪ سان عمران خان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. سياست کي خوار ڪرڻ ۽ ادارن کي بي عزت ڪرڻ واري رسم جو خاتمو اچڻ گھرجي.سياست کي الزام تراشين،طعنن،مهڻن ۽ بدزبانين کان پاڪ ڪرڻ گھرجي اهو سمورن سياستدانن توڙي ملڪ جي مفاد ۾ آهي.آئين هيٺ قائم قومي رياستي ادارن کي غير تڪراري رکڻ سڀني جي آئيني ذميداري آهي ۽ ادارن تي پاڻ به لازم آهي ته اهي پاڻ به ڪا اهڙي حرڪت نه ڪن جو ماڻهن کي مٿانئن آڱريون اڀيون ڪرڻ جو موقعو ملي.اسان مان هرهڪ کي ان حقيقت جي ڄاڻ هوندي ته ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن کي غير ملڪي دشمنن کان محفوظ رکڻ لاء جتي وقتي گھرجن مطابق جديد دفاعي نظام سميت هڪ اهڙي مضبوط فوج ضروري آهي جنهن جي پٺ تي پوري قوم هڪ نه ٽٽندڙ ديوار جيان بيٺل هجي اتي ان اداري جي به ذميداري آهي ته اهو ڪنهن وقتي يا گروهي مقصد لاء ڪنهن به عمل ذريعي پاڻ کي تڪراري نه بڻائي.پاڪستان ڪنهن جنگ يا لشڪر ڪشيء هيٺ نه جڙيو هو بلڪه هڪ سياسي ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي ئي وجود ۾ آيو هو.ان جي سلامتي ، بقا ۽ ترقيء لاء به آئين جي بالادستي تسليم ڪندڙ سياسي جماعتن جو وجود ضروري ۽ سياسي عمل جو لاڳيتو جاري رهڻ اڻ ٽر آهي.البت اسان جي سياسي جماعتن تي به لازم آهي ته اهي پنهنجي اندر جمهوري روايتن کي اڀرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو ماحول پيدا ڪن.جماعتن ۾ اندروني طور تي جمهوريت جي اڻاٺ اسان جي سياسي جماعتن اندر غير جمهوري سوچ جو انداز رکندڙ قوتن جو عمل دخل خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي جنهن سبب سياست بدنام ۽ سياسي اڳواڻن تي آڱريون اڀيون ٿي رهيون آهن.سياسي جماعتون هجن يا آئين هيٺ قائم ٻيا رياستي ادارا ،سڀني جو دائرو ۽ ڪمن جي حد آئين ۾ طي ٿيل آهي.اسان جي سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي حڪمران جي طور تي به ۽ پارٽي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪردار کي پنهنجو رول ماڊل بنائڻ گھرجي ۽ انهيء سياسي ڪلچر کي پنهنجو ڪرڻ به ضروري آهي جنهن ۾ پارٽيء اندر پيدا ٿيندڙ اختلافن کي به کليل دل سان قبول ڪرڻ جو حوصلو هئڻ گھرجي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جو نقطه نظر به تحمل،سهپ ۽ رواداريء سان برداشت ڪرڻ جو ڏانء هئڻ گھرجي.قائد اعظم هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ طور انهيء رويي جو ئي مظاهرو ڪيو هو.قائد اعظم جي زندگيء جو گورنر جنرل طور توڙي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر طور جائزو وٺو ته معلوم ٿيندو ته هر هنڌ قانون ۽ ضابطن جي پابندي ۽ هر جڳهه تي جمهوري انداز فڪر نظر ايندو.پاڪستان جي هڪ اڳوڻي وزير اعظم چوڌري محمد علي پنهنجي ڪتاب ” پاڪستان جو قيام “ ۾ لکيو آهي ته ” جڏهن قائد اعظم کي پاڪستان جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي خواهش تي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاء چيو ويو ته قائد اعظم جي هدايت تي ان جي باقائدي ڪابينا کان منظوري حاصل ڪئي ويئي.ڪابينا ان جي منظوري ڏيندي اها وضاحت به ضروري سمجھي هئي ته اها اجازت فقط قائد اعظم جي لاء آهي جيڪو باباء قوم آهي ته جيئن ان اجازت کي ڪنهن ٻئي سربراهه مملڪت لاء مثال طوراستعمال نه ڪري سگھجي.قائد اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاسن جي روداد پڙهو ته اوهان کي اندازو ٿيندو ته اتي اشوز تي ڪهڙي نه کليل نموني بحث ٿيندو هو.قائد اعظم ۽ تحريڪ پاڪستان تي مستنند ڪم ڪندڙ اڳوڻي ڊائريڪٽر قائد اعظمايڪيڊمي خواجا رضي حيدر تصديق ڪئي آهي ته قائد اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاسن ۾ ايجنڊا ۽ پارٽي پاليسين تي کليل بحث ٿيندو هو ۽ قائد اعظم پارٽيء جي صدر ۽ لياقت علي خان بطور پارٽيء جي جنرل سيڪريٽري جڏهن به برطانوي حڪومت جي ڪنهن نمائندي يا ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا ته انهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي پارٽيء جي ورڪنگ ڪميٽيء کي ضرور اعتماد ۾ وٺندا هئا.قائد اعظم ڊسمبر 1947ع ۾ پنهنجي سرڪاري رهائش گاهه گورنر جنرل هائوس ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي آخري اجلاس جي لاء اجازت ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سربراهه مملڪت جي سرڪاري رهائش گاهه يا دفتر ۾ ڪنهن به سياسي جماعت جو اجلاس نٿو ٿي سگھي.مسلم ليگ ان مقصد لاء ڪو هال ڪرايي تي حاصل ڪري ته آئون اتي هليو ايندس.جنهن بعد اهو اجلاس خالقڏنه هال ۾ منعقد ٿيو هو جنهن ۾ قائد اعظم آل انڊيا مسلم ليگ جي صدارت تان استعفا ڏيئي جماعتي سياست کي خيرباد چئي ڇڏيو هو.

    پارٽي اجلاس دوران ميمبر پنهنجي راء جو کلي ڪري اظهار ڪندي سخت تنقيد به ڪندا هئا پر قائد اعظم ڪنهن جي به تنقيد تي ڪڏهن به ڪاوڙ ڪرڻ بدران انهن جي حوصلا افزائي ڪندو هو.تنقيد ڪرڻ وارن ۾ سڀني کان اڳيان مولانا حسرت موهاني مرحوم هوندو هو.ان کان سواء قائد اعظم جا ٻيا به ڪيترائي ويجھا دوست به سخت تنقيد ڪندا هئا.خواجا رضي حيدر ٻڌائي ٿو ته ڪنهن عام جلسي ۾ مولانا حسرت موهاني قائد اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٿيل ڪنهن فيصلي کي تنقيد جو نشانو بنايو ته اسٽيج تي موجود ڪجهه مسلم ليگي اڳواڻن مولانا کي چيو ته اهو تنقيد جو صحيح هنڌ ۽ موقعو ناهي ته قائد اعظم پنهنجي ڪرسيء تان اٿيو ۽ مائيڪ تي اچي چيو ته مولانا موهانيء کي ڪوبه منع نه ڪري،اهو سندس حق آهي ته هو پنهنجي قيادت جو کلئي عام احتساب ڪري.

    سياست ۾ ”ڊڪٽيٽرن وارو ڊسيپلين“ ناهي هلندو،سياست ته ڳالهه ٻولهه ذريعي افهام تفهيم ذريعي اڳيام وڌندي آهي.جيڪڏهن مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي سروس ترميمي بل تي پنهنجن پارٽين اندر بحث بعد اتفاق راء پيدا ڪن ها ته ميڊيا ايڏا سوال نه اڀا ڪري ها.ميڊيا جو ته پيشوراڻي بنياد تي ڪم ئي سوال اڀا ڪرڻ آهي پر سوال اهو آهي ته پارٽيء جا اهي ميمبر هاڻي ڇو پشيمان آهن جن لنڊن ۾ ته نواز شريف جي موجودگيء ۾ قرآن پاڪ تي حلف کڻندي سوال نه ڪيو هو۽ نه ئي ان فيصلي سان اختلاف ڪيو هو ۽ نه ئي ان وقت فيصلي تي ڪنهن پشيمانيء جو اظهار ڪيوهو.هاڻي محترمه مريم نواز صاحبه جي باري ۾ اهو چوڻ به بي معنيٰ آهي ته کيس ان فيصلي جي باري ۾ اعتماد ۾ نه ورتو ويو،اها ذميداري سندس والد ميان نواز شريف جي هئي.جيڪڏهن هن ان جي ضرورت محسوس نه ڪئي ته ٻيا ڇو ان جون وضاحتون پيش ڪري رهيا آهن.سياست ڪا وندر ناهي بلڪه اهو ته ڪل وقتي سنجيده ڪم آهي جنهن ۾ هالڊيز جو ڪو تصور نه هوندو آهي جو جڏهن ضرورت هجي ته سرگرم ٿجي ۽ جڏهن مرضي پوي ته خاموش ٿي وڃجي.لنڊن ۾ ٿيل ان اجلاس بعد اهو تاثر ته ختم ٿي ويو آهي ته وڏي ميان ۽ ننڍي ميان جي موقف ۾ ڪو فرق آهي.رڳو حڪمت عمليء جي ڳالهه آهي جيڪا جدا جدا نظر آئي آهي ۽ شايد آئيندي به نظر ايندي!

    (روزاني عوامي آواز)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو