۽ جڏهن سول جج، ماءُ کي نوڪرياڻي قرار ڏنو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ۽ جڏهن سول جج، ماءُ کي نوڪرياڻي قرار ڏنو!
    شير محمد کهاوڙ
    مان هن وقت اسي ورهين ۾ اچي چڪو آهيان، شگر جو مريض آهيان، ديد به گهٽجي وئي آهي، ڏاڏي بابي جي ملڪيت مان جيڪا ٻني ملي ان جا تيرهن ڪئنال پٽ وڪڻي ڇڏيا، مان ۽ منهنجي زال پورهيو ڪري پٽ پڙهايو، الهڏنو انجم اڄ ڪلهه لياقت پور ۾ سول جج آهي.
    انجم سان جڏهن ماءُ ملڻ وئي ته پاڻ وٽ ترسائڻ بجاءِ هو کيس پنهنجي ڳوٺ ڇڏي ويو. هو وري وٽس وئي ته هن وري به ائين ڪيو آخر ماءُ هئي پٽ بنا سندس سري نه پئي، هو ٽيون ڀيرو به وٽس هلي وئي. جج صاحب دوستن سان ڪچهري ۾ مگن هو ته هڪ دوست کيس چيو ته سائين ماءُ کي پاڻ سان گڏ ڇو نٿا رهايو، هو توهان جي سڪ ۾ وري وري اچي ٿي ۽ توهان کيس ڳوٺ ڇڏي ٿا اچوس؟ امان کي پاڻ سان گڏ رهائيندا ته هن جي دل به وندريل رهندي ۽ توهان کي به سندس خدمت نصيب ٿيندي. ان تي جج صاحب وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو ته ماءُ ڪنهن جي ماءُ؟ اڙي يار هي ته اسان جي نوڪرياڻي آهي جيڪا وري وري ڪم لاءِ پئي اچي، ڪراڙي ٿي وئي آهي ڪم کانئس پڄي نٿو ان ڪري کيس ڳوٺ ڇڏي ايندو آهيان. پيرسن ماءُ جڏهن پڙهيل لکيل جج پٽ جا اهي لفظ ٻڌا ته سندس غيرت جلال کاڌو هن چيو ته جيڪو پٽ مونکي ماءُ به نٿو مڃي ۽ مونکي نوڪرياڻي پيو ڪوٺي اهڙي پٽ وٽ رهڻ کان پنهنجو ڳوٺ بهتر. هو روئيندي روئيندي پٽ جو در بند ڪري ڳوٺ موٽي آئي. هو دل برداشته ٿي چڪي هئي جنهن ڪري آپگهات ڪري ڇڏيائين. هي ٻه هزار ٻه جي ڳالهه آهي جيڪا مان توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان.
    مان پاڪستان جي پيئرن ۽ مائرن کي هٿ ادب جا ٻڌي التجا ٿو ڪريان ته اولاد جي محبت ۾ ايترا نه وڌو جو پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي سندن مستقبل روشن ڪريو ۽ پاڻ ذليل ۽ خوار ٿي در در جا ڌڪا کائيندا وتوجيئن مان پيو کانوان ان ڪري پنهنجي لاءِ ڪجهه رقم بچائي رکو ڏکيو وقت پڇي نه ايندو آهي ٻه ڏوڪڙ هڙ تي هوندا ته ڏک نه ڏسندا. جنهن اولاد تي توهان وڏيون رقمون خرچ ڪري رهيا آهيون سڀاڻي اها ئي توهان جي ڪم جي نه رهندي ۽ توهان کي مون جيئان ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيندي. جنهن کان پوءِ توهان وٽ سواءِ ترين مهٽڻ جي ڪجهه به نه رهندو.
    مون پنهنجي رقم جيڪا پائي پائي ڪري بچائي هئي پٽ جي پڙهائي تي خرچ ڪري ڇڏي هن منهنجي تيرهن ڪينال ٻني به کپائي ڇڏي ۽ ٻه هزار پندرهن ۾ ڌڪا ڏئي گهران به ڪڍي ڇڏيو. هن وقت مون وٽ ڪو به گهر گهاٽ ڪونهي ان ڪري ڪڏهن هت هوندو آهيان ته ڪڏهن هت. مان اڻويهه سئو سٺ ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي، مون پنهنجي پٽ کي سماج جو ڪارآمد شهري بڻائڻ لاءِ پنهنجي زال سان گڏ محنت مزوري ڪئي جنهن جا ڳوٺ وارا ۽ هو پاڻ به شاهد آهن. هن وقت مون وٽ چند ڪينال ٻني آهي جيڪا آباد ڪرائيندو آهيان پر ان مان منهنجو گذر سفر نٿو ٿئي. نافرمان ۽ بيغيرت پٽ کي مون تي ڪا به ڪهل نه پئي اچي اهو ئي سبب آهي جو اڄ مان پاڪستان جي والدين کي هٿ ادب جا ٻڌي اپيل ڪري رهيو آهيان ته هو پنهنجو سڀ ڪجهه اولاد تي قربان نه ڪن ڪجهه پنهنجي لاءِ به بچائي رکن، پڇاڙي ڏاڍي خراب ٿيندي آهي.
    مون پاڪستان جي صدر، وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو منهنجي مدد ڪن، مان هنن کان جاگيرون نٿو گهران، مونکي زندگي گذارڻ لاءِ هڪڙو گهرڙو ۽ معمولي وظيفو گهرجي پر ڪير به منهنجي اپيل ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.
    مان هڪ غريب، شريف ۽ ڪمزور انسان آهيان ان ڪري مونکي ڪنهن کان به ڪا شڪايت ڪانهي، مان مذڪوره اختيارين کي اهو ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسان جو سماج ناانصافين ۽ بد اعمالين جي ڪري ناسور بڻجي چڪو آهي جنهن کي سڌاريو وڃي، غريب جي عزت نفس جو خاص خيال رکيو وڃي.
    شريعت ۽ ملڪي قانون مطابق به مان ان ڳالهه جو حقدار آهيان ته منهنجي مدد ٿيڻ گهرجي، مان هٿ ادب جا ٻڌي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي پٽ الهڏتي انجم خلاف به سخت قدم کنيو وڃي جيڪو شخص پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان انصاف نٿو ڪري سگهي ته اهو ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏيندو هوندو؟ مان اها به گذارش ڪندس ته منهنجي سار سنڀال ۽ پئسي ڏوڪڙ جي ذميواري منهنجي پٽ تي نه وڌي وڃي ڇو ته جيڪڏهن هو مونکي پيسا ڏيندو ته اهي لازمي طور تي رشوت وارا هوندا جڏهن ته مان پيٽ ۾ حرام وجهڻ نٿو چاهيان، مان اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته ملازم ميرٽ تي ڀرتي ڪيا وڃن منهنجو پٽ انجم بيغيرت قسم جو ماڻهو آهي جنهن پيءُ ۽ ماءُ کي انصاف نه ڏنو اهو ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏيندو ان سان گڏ ڏوهاري قسم جا ماڻهو سندس دوست آهن جن کان پيسا وٺي هو مونکي ڏيندو جيڪي مون کي نه کپن، مونکي پٽ مان اهو به خطرو آهي ته متان هو پنهنجي ڏوهاري دوستن هٿان مونکي مارائي ڇڏي تنهن ڪري مونکي تحفظ به گهرجي.
    هي ڳالهيون هيون ملتان تعلقي ۽ ضلعي جي ڳوٺ عين پور جي رهواسي غلام حسين پٽ الهوسائي جون جيڪو سول جج پٽ الهڏتي انجم جي نافرماني کان بيزار ٿيو ۽ هڪ وڊيو پيغام ملڪ جي والدين لاءِ نيٽ تي رکائي ڇڏيو.
    ننڍي هوندي ڪچهرين ۾ ٻڌندا هئاسين ته فلاڻي ماڻهو مهمانن سان پنهنجي پيءُ جو تعارف نوڪر جي حيثيت ۾ ڪرايو، هڪ آفيسر بابت سندس هڪ ويجهي دوست ٻڌايو ته هو جڏهن گرمين ۾ ڳوٺ ويو ته سڀ گهر ڀاتي اڱڻ ۾ ستل هئا اڌ رات جو ته سندس پيرسن پيءُ کي کنگهه اچي وارايو جنهن ڪري هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته تون اندر وڃي سهم جنهن ڪري هو جيترا ڏينهن ڳوٺ ۾ هو ته سندس پيءُ گرمين ۾ به اندر سمهندو هو. مون اهڙا ماڻهو ٻڌا ۽ ڏٺا آهن جن پنهنجي شاهوڪار پيءُ جي مرڻ جون تمنائون ڪيون پر لياقت پور جي سول جج الهڏي انجم جيان اهو نه ٻڌو جنهن ماءُ کي نوڪرياڻي چيو هجي عالم سڳوري جمعي جي خطبن ۾ ٻڌائيندا آهن ته جڏهن هڪ نوجوان رسالت ماب جي خدمت ۾ آيو ۽ چيو ته سائين ماءُ جا جيڪي احسان مون تي آهن ڇا اهي احسان مان لاهي سگهان ٿو جنهن تي پاڻ سڳورن چيو ته نه ان لاءِ وڏي ريا ضت گهرجي. نوجوان واپس وڃي ماءُ جي وڏي خدمت ڪئي هو وري سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو ته يا رسول الله مون امان سانئڻ جي هيتري خدمت ڪئي آهي جنهن تي پاڻ کيس چيائون ته چڱو ڪيئي هن وري پڇيو ته ڇا مان هاڻي امان جا ٿورا لاهي ورتا آهن جنهن تي پاڻ چيائون ته نه بلڪل به نه. هو وري گهر ويو ۽ وري ماءُ جي خدمت ۾ جنبي ويو جڏهن ٽيون ڀيرو سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ماءُ جي خدمت جو احوال سائين جن کي ڏنو جنهن تي پاڻ کيس چيائونس ته تون ماءُ جي خدمت ڪري تمام سٺو ڪم ڪيو آهي پر ياد رک تنهنجي ڄمڻ وقت جيڪا تنهنجي امان کي تڪليف ٿي هئي تون جيڪڏهن سڄي ڄمار به خدمت ڪرين ته اها سندس هڪ سور جو به بدلو ڪونهي بس هو اهو ٻڌي همراهه گهر موٽي آيو ۽ ماءُ جا پير چمڻ لڳو.
    هڪ ڀيري هڪ نوجوان سائينجن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي پريشاني ٻڌائي سائين جن کيس چيو ته ماءُ ۽ پيءُ جي قبرن تي وڃي دعا گهر الله سائين قبول ڪندو جنهن تي همراهه چيو ته سائين مان ته اهو بدنصيب آهيان جنهن کي پيءُ ۽ ماءُ جي قبرن جي به خبر ناهي جنهن تي پاڻ کيس چيائون ته ڪا ڳالهه ڪانهي زمين تي ليڪا ڪڍي تصور ڪر ته هي تنهنجي ماءُ پيءُ جون قبرون آهن پوءِ دعا گهر رب پاڪ قبول ڪندو. هن ائين ڪيو سندس دعا قبول ٿي ۽ هو تڪليفن مان نڪري آيو.
    ٻه چار سال پراڻي ڳالهه آهي هڪ دوست پوسٽ رکي جنهن ۾ لکيل هو ته مدرسي جو ٻار جڏهن پڙهي نڪري ٿو ته هو ماءُ ۽ پيءُ کي پيرين به پوي ٿو هنن جي اڳيان ٻڙڪ به ٻاهر نٿو ڪڍي سندن دڙڪا به جهلي ٿو ايتري قدر جو ماءُ ۽ پيءُ کيس بجا به ڏيندا آهن ته تڏهن به هو کل ۾ ٻڏو پيو هوندو آهي جڏهن انگريزي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد جڏهن آفيسر ٿيندا آهن ته پوءِ ٻيو ته ٺهيو پر ماءُ ۽ پيءُ به کانئس پيا ڊڄندا آهن ۽ کيس صاحب صاحب پيا چوندا آهن اها ڳالهه پڙهڻ کان پوءِ مون ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو مون ڏٺو ته جيڪا ڳالهه دوست پوسٽ ۾ لکي هئي اها سئو سيڪڙو سچي نڪتي. مدرسي جي پڙهيل ٻارن جا والدين جيڪڏهن مري به ويندا آهن ته هو سندن قبرن تي به ويندا آهن ۽ کين قل به بخشينده آهن جڏهن ته اسان وارن همراهن جو ورتاءُ وري بلڪل انجي ابتڙ آهي ان ڪري ضروري آهي ته انگريزي سان گڏ ٻارن کي دينيات جي تعليم به ڏني وڃي ته جيئن هو به والدين جو احترام ڪن. ائين به ناهي ته ڪو انگريزي تعليم حاصل ڪندڙ سمورا ماڻهو هڪ جهڙا آهن نه ائين ڪونهي. والدين جي اها ذميواري آهي ته هو ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو اهڙو ماحول پيدا ڪن جو پڇاڙي ۾ کين ڪنڊا ڪڍڻا نه پون. ملتان ۾ غلام حسين سان جيڪو جج پٽ الهڏتي انجم ورتاءُ ڪيو آهي اهو قابل مذمت آهي جنهن جي داد رسي ٿيڻ گهرجي. غلام حسين مجبور ٿي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته ٻارن تي سڀ ڪجهه قربان نه ڪريو ڪجهه پنهنجي لاءِ به سوچيو. لياقت پور جي جج پٽ الهڏتي انجم طرفان ماءُ کي نوڪرياڻي قرار ڏيڻ قابل مذمت فعل آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو