مطالعو انسان جي ذهن کي منور ڪندو آهي ملٽن

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد دائم درس طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2020۔

  1. محمد دائم درس

    محمد دائم درس
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2020
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    محمد دائم درس سڪندري
    بخارا جو بادشاھ نوح بن منصور بيماري جي بستري تي هو وڏن وڏن معالجن علاج ڪيو ليڪن سڀ مايوس ٿي ويا سترهن سالن جي نو عمر جوان جي
    هٿان الله کين شفا نصيب ڪئي اهو نوجوان ابو علي حسين بن عبدالله بن سينا هو
    بادشاہ سلامت پنهنجي چاڪائي جي اميدي ۽ امنگي
    جا ڪرڻا روشن ڏسي شاهي پيشڪش ڪئي جيڪو
    گهرڻو اٿئي گُهر نوجوان شاهي ڪتب خاني مان مطالعي جي خواهش ظاهر ڪئي تہ مونکي مطالعي جي عام موڪل ڏني وڃي ابو علي حسين بن عبدالله جي زندگيءَ پڙهبي تہ عمر جو گهڻو حصو مطالعي ۾ گذريو ايڪويهه سالن کان وٺي ستونجاهه سال جي عمر تائين يعني ڇٽيھ سال ۾ ٻه سؤ اٺٽيهه
    ڪتاب لکيا تقريبن روزانو پنجاھ صفحا لکندو هو)
    حڪيم ابو نصر فارابي لکي ٿو تہ مون وٽ تيل جا
    پئسا نه هجڻ جي ڪري آؤن رات جو چوڪيدارن جي قنديلن جي روشني تي مطالعو ڪندو هيس
    هڪڙو مشهور مقولو آهي پڙهندڙ ئي اڳواڻ هوندا آهن
    انسانن کان وڌيڪ دنيا تي ڪتابن حڪومت ڪئي
    آهي گانڌي لکي ٿو تہ دنيا ۾ هڪ باعزت ۽ ذي علم
    قوم بڻجڻ لاءِ مطالعو ضروري آهي مطالعي ۾ جوهرِ
    انساني اجاڳر ڪرڻ جو هڪ راز مضمر آهي)
    علامه اقبال لکي ٿو تہ مطالعو انسان جي لاءِ اخلاق جو معيار هوندو آهي
    جنهن بہ قوم ڪتابن سان دوستي ڇني علم ۽ تحقيق
    جو دامن ڇڏيو اهي زوال جي اونداهي ۾ ڌڪجي ويون مشهور ڊرامه نگار يوري پيدس لکي ٿو تہ نوجوان ڪتابن جي مطالعي کان پري ٿي ڪري ماضي کان بي خبر ۽ مستقبل جي لاءِ مرده ٿي ويندو
    آهي زندگيءَ جو سڌارو ان ڳالھ ۾ آهي ڪتابن سان
    دوستي رکڻ انجو مطالعو ڪري دنيا جو مشاهدو ڪري سگهجي جارج برنارڊ شاھ جو قول آهي ٻہ ڀيرا
    دنيا جي سير ۽ سفر کانپوءِ اهو احساس ٿيو سمورو
    وقت ضايع ڪري ڇڏيو ان کان بهتر هو لئيبري ۾ ويهي ڪتاب پڙهان هان تہ ان سفر کان هزار ڀيرا زياده علم تجربو حاصل ڪيان هان ابو عبيده فرمائي ٿو مهلب پنهنجي پٽن کي نصيحت ڪندي چيو تہ اي
    پٽڙا بازارن ۾ اجايو بي مقصد نہ گهمندا ڪيو اگر وڃڻو به آهي تہ اسلحہ ساز وٽ ۽ ڪتب خاني تي ويندا ڪيو آمريڪا جي رش يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جي هڪ تحقيق مطابق جيڪي بالغ حضرات
    پنهنجو خالي وقت تخليق يا دانشوانه سرگرمين مثال طور مطالعي ۾ گذاريندا آهن تہ پيرسني يا
    اڌهيڙ عمر ۾ دماغي تنزلي (ٿڌو ) جي شرح انهن فردن جي ڀيٽ ۾ 32%فيصد تائين گهٽ هوندي آهي جيڪي ڪتابن يا اهڙين سرگرمين کان پري هوندا آهن
    ڇو ته مطالعو ذهن کي فريش رکندو آهي ڳالاھڻ ۾
    تقويت ٿيندي آهي لفظن ۾ نکار ايندو آهي
    مطالعي سان خلوت ۾ خوشي تقرير ۾ زيبائش ترتيب تدوين ۾ استعداد ۽ تجربي ۾ وسعت ايندي آهي (ملٽن)
    ٽي ڏينهن مسلسل بغير مطالعي جي گذارڻ بعد چوٿين ڏينهن گفتگو ۾ ڦڪاڻ اچي ويندي آهي(چيني ضرب المثل)
    سو ڪتابن جو مطالعو زماني جي حالات کان باخبر رکندو آهي پڙهڻ سان ٻين جي تجربن جي خبر لڳندي
    آهي جيڪي آئندہ اسان کي زندگيءَ ۾ ڪم ايندا. ڪتابن سان دوستي ۽ مطالعو براين کان پري رکندو
    آهي وقت بهترين گذرندو آهي
    حضرت شفيق بلخي فرمايو اسان عبدالله بن مبارڪ
    کي چيو ته اوهان نماز پڙهڻ کانپوءِ اسان سان ڪچهري لاءِ ڇو نٿا ويهو
    تڏھن جواب ڏنائين مان نماز جي فراغت کانپوءِ صحابن ۽ تابعين عليهم الرضوان جن جي ڪچهري ۾ ويهندو آهيان شفيق بلخي چيو صحابي تابعي ڪٿي
    آهن ان جواب ڏنو ڪتاب کڻي انهن جا قول فرمان پڙهندو آهيان)
    تہ مطالعي ڪرڻ وارو ماڻھو اڪيلو ناهي ڇو ته ڪتاب بهترين دوست آهي هڪ مشعل راہ جو بهترين رهنما آهي اونداهي جو سوجھرو آهي علم حڪمت عظمت جو خزانو آهي
    ڪنهن ڏاهي کان پڇا ڪئي ويئي ته اوهان ڪنهن سان ڪچهري ڪندا آهيو ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين انهن جي مصنفن سان
    مطالعو ڪندڙ ماڻهو وٽ لفظن جا ڍير هوندا آهن مواد سان پُر ٿيل هوندو آهي هڪ وقت گھڻن موضوعن تي ڳالاھي ٿو سگهي ڇو ته هن جو ذهن نکريل هوندو آهي اجاين بيهودين ڳالهين کان پري هوندو آهي
    امام غزالي فرمائي ٿو بري صحبت کان تنھائي بهتر آهي ليڪن اڪيلائيءَ سان پريشاني جو انديشو آهي
    ان جي لاءِ بهتر آهي ته سٺن ڪتابن جو مطالعو ڪري

    (مطالعي جي پاڻ ۾ عادت اختيار ڪرڻ جو مطلب
    هي آهي ته اوهان دنيا جهان جي ڏکن ڏوجهرن کان بچڻ لاءِ هڪ بهترين پناه گاه تيار ڪري ورتي آهي (سمر سٽ ماهم)
    انساني جسم جي حرارت لاءِ ورزش ضروري آهي دماغ جي ورزش مطالعو آهي ايڊسين لکيو آهي
    مطالعي جي دماغ لاءِ اُها اهميت آهي جيڪا ورزش
    جي جسم جي لاءِ
    تلسي داس به ساڳين ڳالهه ڪئي آهي چوي ٿو دماغ لاءِ مطالعي جي اُھا اهميت جيڪا ڪنول لاءِ پاڻي جي)
    مطالعي جو شوق انسان جي دماغ کي منور ڪندو آهي ملٽن،)
    مطالعو هڪ اهڙي قسم جي غذا آهي
    جنهن سان ذهن کي تقويت ملندي آهي لفظن ۾ جان
    پوندي آهي اها غذا دماغ کي الزام امراض کان تحفظ
    ڏيندي آهي مطالعو اهڙو بهترين آلو آهي جنهن سان ذهني زخمن کي ختم ڪري مثبتي سوچ جي حوصلہ
    افزائي ڪندو آهي مطالعي سان هڪ پاسي اهل علم ماڻهن سان دوستي جي رشتو مظبوط ٿيندو آهي ٻئي
    پاسي معلومات ۾ اضافو ٿيندو ۽ شخصيت خد به خد
    نکرجي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو