ڪرونا وائرس

'مختلف موضوع' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2020۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪورونا اصل ۾ نئون وائرس آھي، ان ڪري ان جي باري ۾ ڪا گھڻي ڄاڻ ڪٿي به موجود ڪونھي۔ پر ڪيترائي مريض جيڪي ڪورونا وائرس سان انفيڪٽيڊ ٿيڻ کانپوء ٺيڪ ۽ صحتمند ٿي ويا آھن، انھن جو چوڻ آھي ته کين ڪورونا وائرس مائلڊ انفلوئنز جھڙو ئي لڳو۔ اسي سيڪڙو ماڻھن کي ته ڪورونا وائرس لڳڻ کانپوءِ يا ته ڪي خاص سمپٽمز ڪونه ٿو ڏيکاري يا انھن تي مائلڊ انفلوئنزا جيترو اَثر ڪري ٿو، باقي ڏھ سيڪڙو نمونيا تائين پھچن ٿا ۽ نمونيا جو علاج ٿيڻ تي اھي به بچي وڃن ٿا، باقي اڳواٽ ئي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل ۽ هيڻي اِميون سسٽم وارن ڏھ سيڪڙو ماڻھن کي اھو وائرس اَڪيوٽ ريسپائريٽري ڊسٽريس تائين پھچائي ٿو ڇڏي ۽ جيڪڏھن صحت جون سھولتون سٺيون آھن ته انھن مان به گھڻا بچي وڃن ٿا. ڪورونا وائرس جي ڪيترين مريضن کي مليريا جي دوا سان به ڪافي فائدو پھتو آھي ته ڪيترن ئي مريضن کي ”والٽريڪس“ يا ”زوويريڪس“ جيڪا اصل ۾ اينٽي وائرل دوا آھي ۽ هرپيز وائرس لاءِ اڪثير آھي، اھا به ڪورونا وائرس جي مريضن کي ڪافي فائدو پھچائي رھي آھي، ان کانسواءِ انھن سڀني دوائن کان به وڌيڪ واٽامن سي پڻ وڌيڪ فائدي مند آھي، ڇو جو هڪ ته واٽامن سي ڏاڍي سٺي اينٽي آڪسيڊنٽ آھي ۽ ڪورونا وائرس جو روڳ هوندي، وٽامن سي واپرائڻ سان اھا جسم ۾ انفليميشن وڌڻ نٿي ڏي ۽ انفليمشن جي نقصان کان بچائي ٿي ته ٻئي پاسي رت جي ايسڊٽي ليول کي 3۔4 تائين برقرار رکي ٿي، جنھن جي ڪري وائرس کي وڌڻ ويجھن لاءِ موافق حالتون نه ٿيون ملن، جنھن جي ڪري ڪورونا وائرس کي تکائي سان گروٿ ڪري وائرس لوڊ وڌائڻ ۾ وقت لڳي وڃي ٿو، ۽ ان وقت دوران ئي جسم جي مدافعتي نظام کي اينٽي باڊيز ٺاھڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو ۽ ماڻھو ڪورونا وائرس لڳڻ جي باوجود به گھڻو بيمار نٿو ٿيئي ۽ تڪڙو ئي سگھرو (صحتياب) ٿيڻ شروع ٿي وڃي. لڳي ٿو ته ڪورونا وائرس انفلوئنزا وائرس جيترو ئي خطرناڪ آھي، جيئن ڪمزور اِميون سسٽم وارن کي انفليوئنزا به ماري سگھي ٿو ۽ هر سال آمريڪا ۾ ئي الاءِ ڪيترا پوڙھا ۽ پوڙھيون مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل هئڻ ڪارڻ ۽ اِميون سسٽم هيڻو هئڻ سبب انفلوئنزا جي ڪري مري ويندا آھن، ڪورونا به ماڻھن سان ساڳي ئي ڪار ڪري ٿو، پر جيئن ته انفلوئينزا کي منھن ڏيڻ جا اينٽي باڊيز اڳ ۾ ئي انسانن جي جسم موجود آھي، تنھنڪري ماڻھو وري بج انفلوئنزا کي جيئن تيئن ڪري منھن ڏئي وڃن ٿا، پر ڪورونا جيئن ته نئون آھي ۽ انساني جسم ۾ ان خلاف اڳواٽ ئي اينٽي باڊيز موجود ڪونھن، تنھنڪري هيڻي اِميون سسٽم وارن ماڻھن کي انفلوئينزا وانگر ئي ڪورونا وائرس ٽف ٽائيم ڏي ٿو.''
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    هن وائرس متعلق گهڻيون ڳالهيون افواح ۽ غلط به آھن
     
    WASEEM هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو