”ڪچي نوڪريء “ وارا تڙيون ناهن لڳائيندا !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جمهوري حڪومت جو هڪ وزير پنهنجي پٽيوالي تي ڪنهن ڳالهه جي ڪري ڪاوڙجي پيو.هن ان پٽيوالي کي پنهنجي آفيس ۾ گھرائي چڱي خاصي جٺ ڪئي.پٽيوالو جٺ سهي جڏهن ٻاهر نڪتو ته ڪنهن پڇيو ته منسٽر صاحب ڇا ٿو چوي؟ پٽيوالي ڪاوڙ مان جواب ڏنو ته ” هي ڪچين نوڪرين وارا اجايو اسان پڪين نوڪرين وارن کي تڙيون لڳائين ٿا.“

    سياست جو سج،جمهوريت جو فخر،مادر ملت،قائد ملت،قائد عوام ۽ دختر مشرق جهڙا لقب پاڪستاني سياست جي سمنڊ ۾ سدائين پاڻيء جا ڦوٽا ثابت ٿيندا رهيا آهن.اسان جي ”شاندار“ تاريخ انهن کي ووٽ جي بي وقعت پرچيء ذريعي ”ڪچي نوڪريء“ تي لڳندڙ بيوقوف سڏيندي رهي آهي.انهن جي نوڪريء جي اوقات ٽي وي تي ” منهن جا عزيز هم وطنو برانڊ“ جي هڪ تقرير جي مار رهي آهي.جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي نوڪري ڪچي هئي جنهن کي هو عوامي حمايت جي گمان ۾ پڪي سمجھي ويٺو هو.هو ڏاڍيون تڙيون ڏيندو هو.1973ع جو پهريون متفقه آئين،جمهوري ڪلچر،ايٽمي پروگرام جو بنياد،اسٽيل ملز،ٽينڪون جوڙڻ جي واه فيڪٽري،ڪامرا ڪامپليڪس ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس سڀ هن جون عظيم خوش فهميون هيون.انهن ”تڙين “ سان هڪ ”مرد مومن“ جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو.1977ع ۾ ساوڻ جي برکا رت جڏهن چانئٺ تي پهتي ته هن ڀٽو کي چيو؛ تنهن جي ٻن ٽڪن جي نوڪري ۽ منهنجو ساوڻ هليو وڃي!”مضبوط ڪرسيء“ وارو رات جي اونداهين ۾ ايئن نوڪريء مان ڪڍيو ويو جهڙيء طرح مکڻ مان وار ڪڍيو ويندو آهي.تڙين ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ئي بعد ۾ ڦاسيء جي جھولي تي جھلي پيو.پنهنجي ووٽ سان ڀٽو کي خيالي مضبوط ڪرسي عطا ڪندڙ رڙندا،روئندا،دانهيندا ۽ پڪاريندا ئي رهيا پر کين ڪوڙن ۽ جيلن جي سبق سان سمجھايو ويو ته اوهين ته پاڻ ئي ڪچا آهيو،ڪنهن کي پڪي نوڪري ڪيئن ٿا ڏيئي سگھو؟ڪچي نوڪري ڏيندڙن ۽ وٺندڙن پر ڪجهه نه سکيو.محمد خان جوڻيجو کي به اها ئي خوشفهمي چنبڙي پيئي هئي.غير جماعتي چونڊن جي پيداوار هو پر تڙيون لڳائڻ واري شوق تي قابو رکي نه سگھيو.چوندو هو ته اوهان مارشل لا ڪڏهن ٿا هٽايو؟سڀني کي سوزوڪيء تي ويهاريندس.بينظير ڀٽو جي وطن واپسيء تي کين ريليون ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي ويهي رهيو.جنيوا ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ کان اڳ صلاح مشوري لاء سياسي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس گھرائي ورتائين جيڪي دائمي ”سيڪيورٽي رسڪ“ هئا انهن کي به پاسي ۾ ويهاريائين.جنرل ضياء الحق جي دادلن وزيرن ڊاڪٽر محبوب الحق،عطيه عنايت الله ۽ ڊاڪٽر اسد محمد خان کي ڪابينا مان فارغ ڪري ڇڏيائين.اوجھڙي ڪيمپ سانحي تي انڪوائري ويهاري ويٺو.جڏهن تڙيون ڏيڻ ۾ حد لنگھي ويو ته پنهنجي هڪ پرڏيهي دوري کان واپسيء تي ڏٺائين ته سندس ”ٻن ٽڪن واري نوڪريء“ تي 58 ٽو بي جو ڪهاڙو هلي چڪو آهي.2 ڊسمبر 1988ع تي پهرين مسلمان خاتون وزير اعظم طور قسم کڻندڙ پرين جهڙي بينظير ڀٽو جي باڊي لينگيوئيج ٻڌائي رهي هئي ته هوء گھٽ ۾ گھٽ پنج سال ته رهندي پر شايد کيس معلوم نه هو ته سندس مقابلو ڪرڻ لاء ان کان ”بهتر“ ماڻهو تيار ٿي رهيا آهن.پيء وانگر هوء به تڙيون لڳائيندي هئي،مڪمل اختيار گھرندي هئي،سو رڳو ارڙهن مهينا ئي سندس نوڪري هلي سگھي.بابا اسحاق کيس 58 ٽو بي جي ڏنڊي سان کيس اها ڄاڻ ڏني ته اسيمبلي سميت سندس ڪچي نوڪري ختم ٿي چڪي آهي.1993ع ۾ بينظير ٻيهر وزير اعظم چونڊجي آئي.بابا اسحاق موڪلائي پشاور وڃي چڪو هو پر پنهنجو ڪهاڙو ايوان صدر ۾ ئي ڇڏي ويو ته جيئن ضرورت وقت ڪم اچي.اهڙي ئي وقت جي ضرورت هيٺ فاروق ڀائي انهيء ئي تيز چاقو سان پنهن جي ڀيڻ جي ڪچي نوڪري ختم ڪري ڇڏي.عوامي حمايت جي جوش ۾ وزارت عظميٰ جي نوڪريء جو شوق هن جي دل مان نه نڪتو.عهدي جي لالچ کي هتي سٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي ان ڪري ملڪ جي ”وسيع تر مفاد“ ۾بينظير ڪنڊي کي هميشه لاء ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽کيس 2007ع ۾ هن دنيا کان ئي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ويوته جيئن پياري وطن ۾ ڪنهن غلط روايت جو رواج نه پوي.

    نواز شريف ٽي ڀيرا وزير اعظم رهي ڪري به پنهنجي نوڪريء جي حقيقت کان اڻ ڄاڻ رهيو.هر ڀيري تڙيون لڳائي پنهنجي ڪچي نوڪري تان فارغ ٿيندو رهيو.پهريون ڀيرو نوڪري ملي ته تڙي لڳائي ويٺو ته ” ڊڪٽيشن نه وٺندس”. 58 ٽو بي جو ڏنڊو جنهن کي بابا اسحاق مناسب وقت لاء دفن ڪري چڪو هو تنهن کي نواز شريف جي ڳالهه ٻڌي ڪري ايئن لڳو ته هي ماڻهو ته پنهنجي نوڪري پڪي سمجھي رهيو آهي،بابا جذباتي ٿي ويو۽ 58 ٽو بي جي آري پنهنجي پاڙي ۾ موجود ايوان وزير اعظم تي هلائي ڇڏي.عدالت عظميٰ ايوان بحال ڪيو پر ڇڪتاڻ برقرار رهي ته جنرل وحيد ڪاڪڙ وچ ۾ ٽپي ٻنهي جون ڪچيون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون.1997ع ۾ نواز شريف ڳرو مينڊيٽ کڻي ٻيهر وزير اعظم بڻيو پر تڙين کان نه مڙيو.مجبوراً چوٿين فاتح پرويز مشرف کيس ڪچي نوڪريء تان برطرف ڪري جيل ۾ وجھي ڇڏيو.هو پارٽي ۽ عوام کي دغا ڏيئي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو.اميد هئي ته برادر اسلامي ملڪن ۾ ڊگھي واندڪائي واري وقت ۾ هن دنيا سان گڏ پنهنجي نوڪري جي بي ثباتيء تي به گھڻو غور فڪر ڪيو هوندوپر افسوس جو هو رڳو خادمين حرمين شريفين جي دعوتن مان ئي لطف اندوز ٿيندو رهيو.2002ع جي چونڊن بعد ”اصحاب قاف“ مان به ظفر الله جمالي ۽ چوڌري شجاعت جون به ڪجهه وقت لاء ڪچيون نوڪريون لڳيون.2008ع ۾ پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ته يوسف رضا گيلاني جي ڪچي نوڪري لڳي جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي هڪ ٻئي مهري ۽ بدنام زمانه منصف افتخار چوڌري هٿان ڪچي ثابت ٿي.2013 ع ۾ نواز شريف ٽيون ڀيرو وزير اعظم چونڊيو ويو پر ماضي جي ڪنهن به سبق مان سندس جھولي خالي هئي.بينظير جيان هن کي به خوشفهمي هئي ته عوامي مقبوليت ۾ ڪو به سندس مقابلو ڪري نٿو سگھي پر هو به ان سچائيء کان اڻ واقف رهيو ته ان کان وڌيڪ ”بهتر“ ماڻهو تيار ٿي رهيا آهن. هن ڀيري نواز شريف جو واسطو ”انقلابي سلسلي“ جي ڊيزل سان هلندڙ هڪ ٻي انجڻ سان پيو.ان انقلابي مهري نواز شريف جي نوڪري ختم ڪرائڻ لاء ڌرڻا ڏنا،ريليون ڪڍيون ۽ احتجاجي جلسا ڪيا،نواز شريف تڙيون لڳائڻ کان باز نه آيو ايستائين جو چوٿين فاتح خلاف آئين جي آرٽيڪل ڇهه جي ڪاروائيء جون تڙيون ڏيڻ لڳو.شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جهڙن جانثارن جون ڪوششون به اجايون وييون.پاناما ليڪس سان نواز شريف جو پلاند گدلو هو.بس غير جانبدار عدليا ذريعي ٻه ٽڪيون ڏياريون وييون ۽ همراهه نوڪريء کان فارغ ٿي ويو.ان کان اها اميد اجائي هئي ته هو جيل ۾ سوچڻ سمجھڻ جهڙي ڪا فضول حرڪت ڪندو سو اهو ئي سندس سٺ تي ڪانٽو رهيو ۽” هم تو ڊوبين هين صنم تم ڪو بهي لي ڊوبين گي “ جي پاليسيء تي گامزن رهندي گھڻو عرصو تڙيون لڳائيندو رهيو پر نيٺ هن جي عقل ۾ به اها ڳالهه اچي ويئي ته پڪي نوڪريء وارن سان ڦٽائي وري ڪنهن ڪچي نوڪري ملڻ جي اميد ڪري نٿي سگھجي ان ڪري ” يو ٽرن پڪڙو“ جو صلاحون ڏيندڙن جي ڳالهه نيٺ ميان صاحب جي سمجھه ۾ اچي ويئي ۽ خير جوڪجهه وقت لاء گورن جي ملڪ روانو ٿي ويو.ماڻهن کي مريم نواز سان به گھڻيون همدرديون آهن جو هوء ويچاري نوڪري ملڻ کان پهرين ئي فارغ ٿي ويئي.هن ته وزير اعظم هائوس ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت ڪري ۽ عملدارن کي حڪم احڪام ڏيئي پنهنجي ٻن ٽڪن واري نوڪريء لاء چڱي خاصي پريڪٽس ته ڪري ورتي هئي پر خدا جي ڪمن ۾ ڪير ٿو ٽنگ اڙائي سگھي؟هن جو جهاز به سمجھو ته تيار بيٺو آهي.پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ٻنهي کي 2018ع وارين چونڊن تي اعتراض آهن. هاڻي ٻئي جماعتون هڪ دفعو وري ڪنهن نئين ”ميثاق جمهوريت “ جي تلاش ۾ آهن،اهي ڪچين نوڪرين وارا سدائين ايئن ڪندا آهن.پهرين هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيندا آهن ۽ جڏهن سمجھندا آهن ته کين ڪنهن سرڪاري پارٽيء جي ڀيٽ ۾ ديوار سان لڳايو پيو وڃي ته وري ڪو نه ڪو ميثاق ڪندا آهن.جيئن ئي انهن مان ڪنهن هڪ جي حق ۾ حالتون ڪجهه درست ٿيڻ لڳنديون آهن ته اهڙن ميثاقن کي کڻي رديء جي ٽوڪريء حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.اڄ ملڪ جون ٻئي وڏيون سياسي جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي ڊيزل سان هلندڙ هڪ ٻي انجڻ جي ڇانو ۾ شش پنج جو شڪار آهن.دور انديش تجزيا نگار سمجھن ٿا ته مولانا عمران خان جي ٻن ٽڪن واري نوڪريء جي خاتمي لاء ڪنهن پري پلان منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي.ٻئي طرف عمران خان جي تڙين ڏيڻ مان به لڳي ٿو ته هو درويش به پنهن جي نوڪري پڪي سمجھڻ واري غلط فهميء جو شڪار ٿي چڪو آهي.عوام تي زندگي تنگ ڪندڙ اهو حڪمران سمجھي ٿو ته ڪجهه لنگر خانا کولڻ سان ۽ مخالفن خلاف سخت زبان استعمال ڪرڻ سان شايد هو هڪ مقبول عوامي ليڊر بڻجي چڪو آهي حالانڪه هن جي نوڪري ته آئيني ۽ عددي طور تي اڳوڻن سياسي حڪمرانن کان به گھڻي ڪچي آهي.رڳو مولانا تي ڪهڙي ميار رکجي،سچائي ته اها ئي آهي جو هتي اهي سڀ جا سڀ اسٽيبلشمينٽ جي ڊيزل سان هلندڙ مهرا ئي رهيا آهن.انهن کي ڪير سمجھائي ته اوهان جي حيثيت رڳو ڪنهن پتليء جهڙي آهي جنهنجو دنيا اڄ تائين تماشو ڏسندي رهي آهي.ان ڪري اي اصول پسندو! اي جمهوريت جا علمبردارو! ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙو!۽ حڪمرانيء جي شيرواني پهڙڻ جي شوق ۾ هڪ ٻئي کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ وارو! سڀ سمجھي ڇڏيو ته اوهان جي نوڪري ڪلهه به ڪچي هئي ۽ اڄ به ڪچي آهي.اها پڪي رڳو تڏهن ٿي سگھي ٿي جڏهن اوهان جون انجڻون ”پن جي پيٽرول “ بدران عوامي بيليٽ جي طاقت سان هلڻ لڳنديون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو