شاعريءَ ۾ موجوده وقت جي وارتائن جي چٽي عڪاسي ڪندڙ سنڌ جو البيلو شاعر سڪندر هاڙهو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شاعريءَ ۾ موجوده وقت جي وارتائن جي چٽي عڪاسي ڪندڙ سنڌ جو البيلو شاعر سڪندر هاڙهو

    تحرير: صدام جوکيو

    اُهو لمحو واقعي عجيب هوندو آهي، جڏهن انسان ذهني ۽ جسماني طور ڪنهن اڪيلائپ جي گود ۾ ستل هوندو آهي ۽ هو ماضيءَ جا ڪي اهڙا ورق اُٿلائيندو آهي، جيڪي جذبات سان ڪناتار هوندا آهن، جن کي ياد ڪري ڇرڪ نڪري ويندو آهي ۽ چپن تي هلڪي مسڪراهٽ ٽڙي پوندي آهي، اهڙن لمحن جي اُٿل کي دائمي حفاظت هيٺ رکڻ ڪاڻ ۽ پنهنجن انهن تجربن کي ٻين تائين رسائڻ خاطر، شاعر اُنهن لمحن کي لفظن جي موتين سان سينگاري سهڻا شعر تراشيندا آهن. شيخ اياز ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه ڪئي هئي ته ”شعر اطمينان ڀريل خاموشيءَ ۾ ياد آيل جذبات جو اظهار آهي“. شاعر جو تخيل ڪائنات جي عميق حصن تائين رسائي رکندڙ ۽ عجيب ماجرائون ميڙي اچڻ جي قوت رکي ٿو. شاعر دنيا جي ڌنڌلين ۽ نظرانداز پيل ڏسائن کي به پنهنجي تخيل ۽ ذهني صلاحيتن سان المياس موتين جهڙو حسن بخشيندو آهي، ساڳئي قسم جي ڳالهه شيليءَ هن طرح ڪئي هئي ته ”شاعري عام شين کي حسين ۽ حسين شين کي حسين تر بڻائي ڇڏيندي آهي“ شاعرَ هر دور جي وارتائن کي ميڙي سهيڙي محفوظ ڪري، اهڙي تاريخ رقم ڪندا آهن، جيڪا ايندڙ وقت جي لاءِ جذباتي، احساساتي ۽ حقيقي واقعن سان سرشار هوندي آهي ۽ هر دور جو انسان ان مان ڪارج ۽ لطف حاصل ڪندو آهي، مطلب ته شاعري تاريخ جي ڳوڙهن ۽ مرڪن سان ڀريل واقعن جي صاف تصوير چٽيندي آهي، تڏهن ئي ته ارسطوءَ چيو هو ته ”ﺷﺎﻋﺮي ﻓﻠﺴﻔﻲ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻓﻜﺮ اﻧﮕﻴﺰ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺳﺒﻖ آﻣﻮز ﭤﺌﻲ ٿي“. موجوده وقت ۾ سنڌي ادب جا شاعر هر ظلم ۽ ڏاڍ، بک ۽ بدحاليءَ، سور ۽ ستم، خوشيءَ ۽ غميءَ جي تصوير ڪشي بلڪل سڌي سنئي ۽ پر خلوص انداز سان ڪري رهيا آهن، ﻫﻮ ﺳﺎدن ۽ ﺳﻠﻮﮢﻦ ﻟﻔﻈﻦ ۾ داﺧﻠﻲ ۽ ﺧﺎرجي ڪيفيتن کي قلم بند ڪري رهيا آهن. اهڙن ئي نوجوان شاعرن مان هڪ سڪندر هاڙهو به آهي، سڪندر شاعريءَ جي ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻨﻔﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺣﺴﺎس ﺟﻲ اظهار ذريعي اﻧﺪر ﺟﻲ اڃ اﺟﻬﺎئي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. سندس ﻛﻮﺗﺎﺋﻮن ۾ ﻣﻌﺎﺷﺮﺗﻲ وارتائون ايتريون ته صاف نظر اچن ٿيون جو، ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هي انهن حالتن مان پنهنجي رُوءِ سُوءِ گذريو هجي. هن پنهنجي ﺷﻌﺮن ۾ دﻧﻴﺎوي حشمت، وحشت، انياءُ ۽ انڌير سان ڀريل ﻣﻨﻈﺮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذاتي مشاهدي ۽ احساس سان اُﭜﺎرڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. اهڙي قسم جا ڪيترا ئي شعر سڪندر جي شاعريءَ جي مجموعن ”روشنيءَ جا رنگ“ ۽ ”مينهن ڪڻيون“ جي ﻣﺨﺘﻠﻒ صفحن تي ﺳﻨﺪس ﺣﺴﺎسيت ﺟﻲ جهلڪ طور ملن ٿا، ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﺷﺎﻋﺮيءَ ۾ روﻣﺎﻧﻴﺖ ۽ ﺟﻤﺎﻟﻴﺎت جا رنگ وڌيڪ تعداد ۾ ملن ٿا، جن ۾ آرايش پسندي، وصل، فراق، انتظار ڪشي، بيقراري، ڏوراپو ۽ ڏک، اُلفت ۽ آشنائي، محبت ۽ رغبت جهڙيون ڪيتريون ئي داﺧﻠﻲ ﻛﻴﻔﻴﺘﻮن شامل آهن. پر سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا سڪندر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي اُها آهي، موجوده وقت جي حالتن جي عڪاسي. سماج ۾ ٿيندر ظلم ڏاڍ ۽ بيداد خلاف ماڻهن ۾ جذبو جاڳائڻ ۽ انهن ۾ جرئت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي لکي ٿو:

    اُٿو وڙهو بهادرو، ظلم اهو ختـم ڪيـو،
    صدين کان ٿيندو پيو اچي ستم اهو ختم ڪيـو.

    موجوده وقت ۾ سنڌ جا ماڻهو بکن، ڏکن، محرومين ۽ محتاجين سبب هر روز پنهنجون جانيون موت جي کڏ ۾ اڇلي رهيا آهن، سڪندر ڪيتري نه صاف ۽ سهڻي انداز سان اُن مسئلي کي شعر ۾ سمايو آهي:

    جي ملي ڪو پل خوشي،
    ڇو ڪري ڪو خودڪشي..

    موجوده وقت جا ٻيا ٻه اهم مسئلا جيڪي هن وقت سنڌ جي عوام ۾ عام جام ڏسي سگهجن ٿا، انهن ۾ هڪ مهانگائي ۽ مفلسي جنهن سبب انسان ويچارو ڇا ڇا نٿو ڪري؟ ۽ ٻيو پيار جي پرڻن سبب پيدا ٿيندڙ اختلافات، قتل ۽ قبيلائي جهيڙا، هي تمام اهم ۽ سنجيده مسئلا آهن، جيڪي هر روز ڌڙا ڌڙ زندگيون ڳڙڪائي رهيا آهن، انهن مسئلن کي سڪندر هن طرح پيس ڪيو آهي:
    هن بکايل پيٽ لئه ٿو گنوائي زنــدگي،
    يا خدايا ڪر رحم تنگ بشر آ هر گهــڙي،
    پيار واري پرڻي ۾ پئي وڌي ٿي دشمنـي...

    ماڻهوءَ کي ماڻهو تڏهن ئي چئي سگهجي ٿو، جڏهن اُن ۾ ماڻهپو هجي، پر افسوس آهي جو هن وقت انسان ته گهڻا آهن، پر انسانيت اڻ لڀ ٿيڻ لڳي آهي، نه همدردي رهي آهي نه سچائي رهي آهي، انسان حيوانن وارا عمل ڪرڻ لڳو آهي، سڪندر لکي ٿو ته:
    اي زمانه تون ٻڌاءِ ڪٿ سچي آ دوســتي،
    وحشي ويا انسان ٿي، مون دنيا جاچي ڏٺــــي..

    شاعري باڪمال اها چئبي جنهن ۾ نيون تشبيهون، نوان استعارا، نوان اصطلاح ۽ نوان خيال اُڻت ڪيل هجن، جنهن سان فڪري حسناڪي پيدا ٿئي ٿي، سڪندر هڪ سڪل نان جي ڳالهه ڪري پاڻ کي اُنهن مسڪينن جي جاءِ تي رکي ڏسي ٿو، جيڪو هر روز ائين سڪل ڀورا کائي پيٽ گذر ڪن ٿا، سندس هنن سٽن ۾ ندرتن ڀريو فڪر سمايل آهي:
    حقيقت نه دنيا رڳو ڪوڙ آهي، سري عام هر جاءِ جهالت کپي ٿي،
    سال صدين جو بکيو آهيــــــــان، يار سڪل ڪو نان کڻــــــــــــــي ڏي..
    عشق ڪرڻ ڪو چوريءَ جو عمل ناهي، پر اسان جي معاشري ۾ چور کان به وڏي سزا پيار ڪرڻ وارن کي ڏني وڃي ٿي، ڪڏهن انهن کي موت جي سزا ته ڪڏهن ان کان به وڌيڪ تڪليف شده جدائيءَ جي سزا ڏني وڃي ٿي، اهڙن سزا سڻائيندڙن ظالمن سان مخاطب ٿيندي سڪندر لکي ٿو:
    ڀتر ڪوئي مان ڀور ته ناهيان، عــــاشق آهيان چور ته ناهيان،
    ماري مون کي ماريو ڇو ٿا. گـــــذريل ڪوئي دور ته ناهيـان..
    سهڻن خيالن کي ميڙي، عجيب ڪيفيتن کي ملائي جڏهن شاعر ڪا سٽ لکي ٿو ۽ ان ۾ تخيل جا رنگ ڀري ٿو ته هڪڙو تعجب خيز ماحول پيدا ٿي پئي ٿو ۽ پڙهندڙ اُن تخيل جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کي ان ڪيفيت مان گذرندو محسوس ڪري ٿو، اُهو ئي شعر ڪاميابيءَ جي سرحدن کي ڇهندو آهي، جنهن کي هر پڙهندڙ پنهنجي احساس جي ترجماني سمجهي.
    وري يــار هــڪ ڏينهن نقابن ۾ آئــــــــــــــــي
    لــــــــــڳي پئي حقيقت خوابــــن ۾ آئـــــــــــي
    سنڌ ڌرتيءَ جو هي ڀلوڙ نوجوان شاعرسڪندڙ هاڙهو نه فقط شاعر آهي پر هن جا ڪالم مختلف اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي پڻ پڙهندا رهون ٿا، هو بهترين نثر نويس به آهي، هو پنهنجي قلمي پورهيي ذريعي سماج جي بهتريءَ ۽ بهبودي لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو