منھــنجو لکــيل غــزل

'سنڌي شاعري' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    تنھنجي اکـڙين م شرم آ ديـدار تنھنجي م ڇا ھوندو
    جي ملي شرم منجـھان ڪـردار تنھنجي م ڇا ھوندو

    نڪو ڪـجل اکــڙين م آ نڪو ٿيل ڪي تيل ڦوليل
    تنھنجي سادي رھڻ م سونھن ايڏي سينـگار تنھنجي م ڇا ھوندو

    محبت ڪري باطن م من کي مجھول محبوب جيان رکي ٿو
    محبت ملي باطن منجھان اظھـار تنھنجي م ڇا ھوندو

    ڪاوڙ سان ملي ٿئي قرب تنھنجا اڃان اڳتي
    ڪاوڙ شھد جيان مٺي آ ظھـير پيـار تنھنجي م ڇا ھوندو

    غــزل
    ظـھيــر حـــسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو