مائڪرو ڪهاڻي ۽تجريدي نظم جي منفرد نانءُ عزيز قاسماڻي ي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    مائڪرو ڪهاڻي ۽ تجريدي نظم جو منفرد نانءُ عزيز قاسماڻي....!

    فقير محمد سنڌي


    ٻيلو نه جهلي ٻوُرُ اهو ناممُڪن ،

    تنهنجو نه پَوي پور اِهو ناممڪن.

    استاد جي آواز کي ٿا لُڙَ ۾ لٽيو،

    اوندھ ۾ لڪي نور اهو ناممڪن..


    هوچي منھ جو خيال آهي ته : '' ماڻهوءَ جي عقل جو دليل، ان جو قول آهي ۽ ان جي قول جو دليل ان جو فعل آهي '' اهڙو ئي هڪ خوبصورت نانء عزيز قاسماڻي به جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ مائڪرو ڪهاڻي جو فن ڄاڻيندڙ آهي، عزيز قاسماڻي جون ڪهاڻيون مٿين قول سان بلڪل متفق نظر اچن ٿيون، سنڌي ٻوليءَ ۾ فليش فڪشن تي تبصرا به ٿيندا رهيا آهن ۽ عزيز قاسماڻي پنهنجي اسلوب ۾ بهتر کان بهتر تجربا ۽ تجويزون پيش ڪيون آهن.

    16 مارچ 1971ع تي هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽تجريدي نظم جو پيارو ڪوي عزيز قاسماڻي جنهن جو اصل نالو عبدالعزیز چانڊيو ولد سونو خان( سرمد چانڊيو ) جي گهر ڳوٺ جمع خان چانڊيي تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. عزيز قاسماڻي فن آرٽ کي مائڪرو ڪهاڻي جي کيتر ۾ 1990ع کان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندوء پيو اچي.

    آرٽ جيڪو فطرت جون اوڻايون ڪڍي ٿو، فطرت جي نئين جمالياتي تخليق ۽ اڻت ڪري ٿو. اهي سڀ تخليقي صلاحيتون عزيز قاسماڻي جي ڪهاڻي ۽ شاعريءَ ۾ منفرد نموني سان ملن ٿيون.هن ڪهاڻي جي اڻت ۾ زندگيءَ جي گھڻن پاسن کي سلامت رکي سڀ منظر عام لا ظاهر ڪيا آهن جيڪي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنھن تي دل کي بي ساختا سڪون ملي ٿو. عزيز قاسماڻي هن ڪهاڻي ۾ جيڪي احساس پيش ڪيا آهن اهي سڀ منظر اکين جي آڏو محسوس ٿي رهيا آهن.

    شه رڳ کي چمي ڏيڻ وارو آهي موت :

    بادشاه شهزادي ڪانويليءَ کي ميسيج ڇڏيو.

    ”رات بهار جي آهي،

    ٿڌيريءَ رات ۾ تو منهنجو انتظار ڪيوآهي.

    پڪ تون هاڻي سمهين پئي هوندينءَ.

    مان بهار جي آمد واري جشن ۾ آهيان

    ديرمدار رات تو وٽ اچي ويندس. مون کي توتي فخر آهي..

    مان گنهگار آهيان تنهنجو...!!

    تنهنجي بهادريءَ جي پيرن جو مَٽُ ناهيان.

    منهنجي مٿي واري تاج جو ڀرم توئي رکيو آهي.

    مون کي معاف ڪجانءِ.

    مان تنهنجي خواهشن جو ڪڏهن احترام نه ڪيو آهي!!“

    جينءَ صبح ٿئي ٿو.

    مور جي محل تي ڪانون جو بادشاه سميت ڪانگيرو آهي.

    سج کي سڀئي ڪانوَ کانگھارا ٿا هڻن....

    هن جي اڀرڻ تي ڏمريل آهن.

    هنن کي ڪهڙي خبر ته سارو جڳ ميهار جي گھر جي لوٽي آهي ۽ سج مانڌاڻي.

    ڪانگيري جو دائرو وڌيڪ گھرو ٿيندو ٿو وڃي.

    سج تي سڀ ڏمريل آهن.

    شور ۾ مان ايترو ٻڌي سگھيس.

    ”تون پوءِ اڀرين ها،

    اسان ڪانويليءَ کي ته وٺي وڃون ها.“

    زندگي جو هر عڪس قوي جي اک کان وانجهيل نه ٿو رهي سگهي، تڏهن ته عزيز قاسماڻي جا نظم پيارا لڳن ٿا.

    تجرﻳﺪﻱ ﻧﻈﻢ

    ﭘﻴﺎﺭ ﺳﻨﺴﺎﺭ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﭘڙﻱ ﺁ .

    ﺳُﻮﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﺶ - ٽري ﺗﻲ،

    ﺳﺎﻝ ﺳﺎﺭﻭ ﺩُﮐﻲ

    ﺟﻮﺍﻧﻲ ﺟﻲ ٽاري

    ٽُٽﻲ ﭤﻲ ﭘﻮﻱ .

    ﺳُﻮﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﺶ - ٽري ۾،

    ﭘﻴﺎﺭ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﭘڙﻱ

    ڊﻫﻲ ﭤﻲ ﭘﻮﻱ.

    عزيز قاسماڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ سچي ڏاهپ جو پاسو ورتو آهي، اها سچي ڏاهپ آهي ڪتابن جي دنيا جا انساني ضميرن کي قلعي ڪري ٿي.

    پهريون ڪهاڻين جو مجموعو، '' ڪجھ به نه '' 58 شارٽ اسٽوريز جنهن جو ٻيو ايڊيشن 2007ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو.

    ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو، '' مان اوهان مان ناهيان '' 56مختصر ڪهاڻيون 2010ع ۾ اشاعت ٿيو.

    ٽيون ڪتاب '' کير ٿر تان اڏار ''گڏيل ڪهاڻين جو مجموعو، جنھن ۾ 9 مختصر ڪهاڻيون شامل آهن.

    چوٿون ڪتاب، شيخ اياز جي غزل جو فن،( تحقيق)2020ع تي ڪنول پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو.

    عزيز قاسماڻي، صاحبِ ڪتاب هجڻ سان گڏ ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو سرگرم رڪن ۽ اڳواڻي جا فرائض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. دوستي جي معاملي ۾ قاسماڻي پرعزم ئي رهيو آهي، دوست زندگيءَ جا خوبصورت پل آڇيندا آهن، اهي پل انتهائي حسين هوندا آھن. جيڪي پل گائڪ جي زندگي کي امرتا بخشيندا آهن. عزيز قاسماڻي جي ڪهاڻي '' ڪلائيميڪس ''

    پاڙي جو ننڍڙو دوڪاندار

    سپنا ساڀيا ٿيندي نظر اچنس ٿا.

    پٽ اسڪول ۾ پڙهيس ٿو.

    ٻيا گهر ڀاتي ٿڌي ڇانوَ ۾.

    هڪ ڏينهن ڳوٺ وڃي ٿو.

    دوست مليس ٿو ڳوٺ واري سڙڪ تي.

    خوش ڀڙائيء کان پوءِ :اڳي کان سکيو آهين؟،،

    بس يار ڪڙمت ۾ سڀئي لوڙيندا هاسي، هاڻي مان هڪڙو ئي دڪان ٿو هلايان،،

    افسوس آ،،

    ڇو ؟،،

    بيزاريءَ مان : توجهڙو غيرتي ماڻهو به شهر لڏي ويو آهي!،،

    عزيز قاسماڻي هڪ ڀاڳ وند خطي جو رهاڪو آهي جتان جا منظر عام ماڻهن کي پنهنجي تخليق ۾ لفظن سان گڏ سماج کي پيار آڇيندا آهن ، اهڙي ئي مصوري ٿورن ماڻهن جي حصي ايندي آهي، اهڙي ئي قسم جي مصوري سان عزيز قاسماڻي نڀاءُ رکندو پيو اچي..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو