دنيــا سان گـڏ ھلڻ سکو ٿا پــيا

zaheer hussain

سينيئر رڪن
غزل/ ظــھير حســين

دنيا سان گـــڏ ھلڻ سکون ٿا پيــا
دشمن سان ٺــاہ ڪرڻ سکون ٿا پـيا

زمانو وھندڙ دريا جيـــان آھي
جنھن م تـــرڻ سکون ٿا پيـا

ناراض جيڪي ھـئا انھن کي پرچايو پيا
بس پــاڻ م پرچڻ سکون ٿا پيــا

ظلم خلاف چپ رھڻ ڳــار جيان ڳاري پئي
بس ڳار وانگر ڳـــرڻ سکون ٿا پيـا

سڪ ظھير تنھنجي بــاھ جيان ساڙي پئي
بس باھي م ســڙڻ سکون ٿا پيا
 
Back
Top