پاڻ سڃاڻڻ جو فڪر ( مخمور بخاري

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پاڻ سڃاڻڻ جو فڪر ( مخمور بخاري)​


    سنڌي ٻولي پنهنجي شاندار علمي ۽ ادبي پس منظر سان دنيا جي قديم زبانن ۾ شمار ٿئي ٿي، شاھ عبدلڪريم بلڙيءَ وارو، مخدوم نوح رح، قاضي قادن، لطيف الله قادري، شاھ عنايت رضور، شاھ عبدلڪريم ڀٽائي، خواجه مخدوم زمان، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم معين الدين ٺٽوي، عبدلڪريم گرهوڙي، سچل سرمست، سامي، روحل فقير، نانڪ يوسف، پير راشد روضي ڌڻي، علي گوهر شاھ اصغر، حمل فقير، خليفو نبي بخش لغاري، سيد ثابت علي شاھ، قادر بخش بيدل، محسن بيڪس ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽ شاعر ۽ فاضل سنڌ جي ادبي پس منظر ۾ ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور حڪومت به هڪ جدا حيثيت رکي ٿو. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جو هڪ معتبر، تخليقي ۽ بي مثال شاعر شاھ عبدلطيف ڀتائي جنم ورتو، ته ساڳي ريت ٽالپر دور ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي تخليقي شاعر سچل سرمست جنم ورتو. اهي ٻئي شاعر نه رڳو پنهنجي وقت جا وڏا اهم شاعر آهن پر هنن جي ڪري سنڌي شاعري جي صورت ئي تبديل ٿي وئي. شاھ عبدلطيف ڀتائي پنهنجي ڪلام ۾ ڏاڍي مڌرتا، ترنم ۽ تمثيل ذريعي تصوف جو مفهوم بيان ڪيو آهي، پر ان سان گڏو گڏ پورهيت جو ذڪر، وطن دوستيءَ جو اظهار، ۽ آجپي جي ڳالھ پڻ ڪئي آهي. ان کانسواءِ شاھ صاحب وٽ ٻولي جو اڻکٽ خزانو، دريائي جيوت، وڻ ٽڻ، ٻوٽن، ولين ۽ سامونڊي بندرن جو ذڪر ۽ وقت جي حالتن جو گھرو سماجي ۽ سياسي شعور موجود آهي. ان مان ثابت آهي ته شاھ عبدلطيف ڀٽائي پنهنجي وقت جو انتهائي ذميوار ۽ حساس شاعر آهي اهڙي ريت سچل سرمست وري منصور جي انالحق واري نعري جي پوئيواري ۾ گھڻو بيباڪ آهي، هو وڏي واڪ معرفت الاهي جا راز عيان ڪري ٿو، سندس اهائي مستي کيس سرمست چوائي ٿي.

    سچل سرمست پنهنجي ڪلام جي ذريعي، ”وحدت الوجود“ جي نظريعي جي پرچار ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ طالب لاءِ مئي، مستي، وحدت، ڪثرت، حيرت، فنا، بقا، نفي ۽ اثبات جا ڪيترائي راز عيان ٿيل آهن، هن ڄڻ پنهنجي اندر جا سمورا راز افشان ڪري ڇڏيا آهن. سچل سائين جو سنيهو انوکو آواز آهي. هو منصور، عطار ۽ رومي وانگر ڏاڍي بيڊپائي سان پنهنجو آواز بلند ڪري ٿو. جنهن مان حق جا اهم اسرار ظاهر ٿين ٿا. جيڪي طالب لاءِ انهيءَ واٽ تي هلڻ لاءِ وڏو فڪري سهارو آهن، سچل جو نعرو ”حق موجود سدا موجود“ فنا کان پوءِ بقا واري منزل جو ڏس ڏئي ٿو.

    سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،

    اندر ٻاهر هڪو هويون، موتو قبل مريجي،

    سبحاني ما اعظم شاني، سچل سر سڻيجي،​


    سچل، منصور جيان حقيقي عاشق آهي. جيڪو حق ۾ ضم ٿي وڃڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته جيسيتائين پاڻ ۾ پاڻ کي نه وڃائبو، تيسيتائين پاڻ کي سڃاڻي نه سگھبو ۽ پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ ڄاڻ ملي ٿي ته، پنهون (حق) ته انسان جي اندر ۾ ئي موجود آهي. ڀٽ گھوٽ فرمائي ٿو،

    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

    نه ڪي ڏونگر ڏيھ ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

    پنهون ٿيس پاڻ، سسي ته سور هئا،



    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،

    منجھس ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو،

    راڻو ئي راڻو، ريءُ، راڻي ٻيو ناھ ڪي،



    سچل سائين به اهائي ساڳي وائي ورائي ٿو،

    پيهي پروڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آهيان،

    پاڻ ئي منجھان پاڻ کي، هي پڙلاءُ پيوم،

    صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.



    جان پروڙيم پاڻ کي، تان آءُ پنهون آهيان،

    ڪنهن طرف ڪاهيان، جو طرف مڙيئي ”تم“ ٿيا،



    لنگھيا لڊاڻو، ڪاڪ ڇڏيائون پوئتي،

    تاتي وڃي رسيا، جت مومل نه راڻو،

    نه ڪا مسجد تڪيو، ات نڪو ٽڪاڻو،

    تاتي ٿين ٿاڻو، جتي ”مون“، تون، ناهي ڪا. ​
    سچل چواڻي ته جڏهن پنهون من اندر ۾ آهي، ته پوءِ ان کي ڳولهڻ لاءِ سسئي وانگر ظاهر ڇپر جا پنڌ ڇو ڪجن. تون پاڻ ۾ پاڻ کي ڳولهي ڏس. هيڏي هوڏي واجھائڻ ۽ ڀٽڪڻ سڀ اجايو آهي. جيئن پاڻ چوي ٿو.

    هيڏي هوڏي نه نهار، تنهنجي ويڙهي سو ته يار وسي ٿو.

    ڦولهي لهج پاڻ ۾، ڇو ٿو وڃين وڻڪار،

    ”وفي انفسڪم افلا تبصرون“ ويجھو ڪيم وسار،

    پرين نه پڇج پنڌڙا، تون سچو پاڻ سنڀار،​
    پاڻ سڃاڻڻ واري واٽ تي عاشق جڏهن هلي ٿو ته مٿس نفساني خواهشن ۽ شيطاني خيالن جو زور وڌي وڃي ٿو. پر سالڪ ان کان پهرين جو سندس نفس مٿس ضابطو ٿي آڻي، وڏي جهد سان پنهنجي نفس کي پنهنجي ضابطي هيٺ آڻي ٿو. ۽ پنهنجي اندر مان ”مان“ وارو فرق مٽا؟ي ٻيائيءَ کي ابهر ڪڍي ڇڏي ٿو. اهائي رياضت سالڪ کي محبت جي مچ مان مچائي صوفي صادق بڻائي ڇڏي ٿي. ۽ پوءِ ئي هن کي هر سوءِ جانب جي جمال جو جلوو نظر اچي ٿو. هو هر صورت، هر مورت ۽ هر نظاري ۾ فقط حق کي ئي پسي ٿو. ڇاڪاڻ جو هو سمجھي ٿو ته ڪائنات ۾ جيڪي ڪجھ آهي، اهو فقط ئي فقط حق آهي. ۽ ٻيو سڀ ان جو مظهر آهي، سچل سائين اها ڳالھ ڪجھ هن طرح سمجھائي ٿو،

    پاڻ پنهنجو پاڻيهي، صورت منجھ سڃاڻ،

    الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،

    تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ شاهد آ قرآن،

    ناهي شڪ گمان، سچو سائين هڪڙو​
    .

    سچل سائين پاڻ سڃاڻڻ واري منزل تي رسڻ کان پوءِ انتهائي بيباڪ ٿيو پوي. ۽ ڏاڍي بيڊپائي مان چوي ٿو،

    آهيان آءُ اسرار، جيڏيون مونکي ڪير ڀانيو ٿيون،

    نوري ناري، ناهيان، آهيان رب جبار،

    مرشد ٻانهو نه چيو. تون سچو آهين سردار​
    .

    پاڻ سڃاڻڻ سالڪ جي مسلسل تلاش ۽ عمل جو نتيجو آهي. سچل سائين پڻ ان لاءِ اڪسائيندي سمجھائي ٿو ته جيئن سمنڊ انيڪ قطرن جو ميڙ آهي ۽ ساڳي قطري کي الڳ ڪري نه ٿو سگھجي، تيئن خدا جي خدائي به ساڳي ڳالھ آهي، يعني هر شي ۽ هر مظهر نفي ۽ اثبات جو مجموعو آهي. رڳو عمل جي ذريعي ئي نظرياتي اختلافن جو منجھيل سٽ سلجھائي سگھجي ٿو، پرين جو پار پري نه آهي، من جون اکيون کليون ته يار جو ديدار نصيب ٿيندو. مخدوم نوح رح به اهڙي وائي ورائي ٿو.

    اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،

    آهي اکڙين عجب، پر پسڻ جي،

    خواجه محمد زمان پڻ اهڙي ڳالھ ڪري ٿو.

    پاڻي لهر پسڻ ۾ برابر ٿيا،

    ڪي اتيئي اڙيا، ڪي لنگھي مقصد مڙيا،



    سچل سائين معرفت جي وادي جو اهو ذڪر هن ريت ڪري ٿو.

    صحيح سڃاڻج ساري، خود آهين وي خدائي،

    لکين ستارا گم ٿيا، روز ڪئي روشنائي،

    سچو، سچي ڳالھڙي پاڻ پرين پرجھائي،

    عاشق اکيون اپٽي ڏسين، آهي مڙيو ئي يار،

    جن کي پسڻ هت پرين جو، هت ڀي تني ديدار،

    ٻانهون ٻڌين ڇو ٻين، سچا تون سردار​
    .

    جڏهن سالڪ تي معرفت الاهي جا راز کلي ٿا پون ته پوءِ هو الله ۽ پاڻ کي ٻه هڪ سمجھي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته روح ڪل جو جز آهي. جيڪو ان ۾ ملي هڪ ٿيڻو آهي ۽ جسم روح جو لباس آهي جنهن جي ڪابه دائمي حيثيت نه آهي. اهو مٽي آهي ۽ مٽي ٿيڻو آهي روح کي بقا آهي، پر روح اها بقا تڏهن حاصل ڪندو جڏهن فنا في الله جي منزل تي پهچندو ۽ انهي منزل تي پهچڻ لاءِ سالڪ وڏي سڌ ڪري ٿو. وڏا ڪشالا ڪاٽي ٿو، پنهنجي اندر مان پنهنجا ويري، ڪام، ڪروڌ، لوڀ، اهنڪار ۽ اوديا کي تڙي ٻاهر ڪڍي پنهنجي وجود جي ورق کي عشق جي شراب سان ڌوئي حق جي تات جي وائي تنوارڻ شروع ڪري ٿو، اها ئي سالڪ جي بقا آهي، جيڪا هن کي پنهنجو نفس ماري پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ، پاڻ کي فنا ڪرڻ کانپوءِ ئي حاصل ٿئي ٿو.

    بقا جي منزل تي پهچڻ کانپوءِ سالڪ ڪيئن پنهنجي ذات لڪائي ٻي ذات سڏائي، جي هو پنهنجي ذات لڪائي ٻي سڏائي ٿو ته اها سندس لاءِ نفي آهي، سچل سائين چئي ٿو.

    جي ڄاتو پاڻ، آءُ ٻيو ڪي آهيان،

    ڪندئي غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالھ ۾،



    پنهنجي ذات لڪائي ڪيئن ٻي ذات سڏايان،

    ظاهر ڪريان ذات کي، تاهي بت ڀڄايان،

    منصوري جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان،

    سچو سارو سچ ٿيو، حڪمت هي چلايان.​
    سالڪ جڏهن اها ڄاڻ حاصل ڪري وٺي ٿو ته خدا ۽ هو ٻه نه بلڪ هڪ آهن ته پوءِ هن لاءِ هاڻ عبادت ڪجھ به نه هوندي، هو ته ڪنهن ٻي فهم جو متلاشي هوندو آهي. اهو فهم هو پروڙي وٺندو آهي. هاڻ هو لاحد ۾ داخل ٿي چڪو هوندو آهي، جتي مٿس ڪابه جسماني ۽ ظاهري عبادت جي پابندي مڙهي نٿي سگھجي. هو ته بقا حاصل ڪري خود حق جو جلوو ٿي پوندو آهي. انهي منزل تي پهچڻ کانپوءِ ئي منصور بن حلاج، ”اناالحق“ جو نعرو هنيو. انهي جاءِ تي فريد الدين عطار ”من خدايم“ جي دعويٰ ڪئي. انهي واٽ تي هلندي شاھ عبدالطيف ڀٽائي ”پنهون ٿيس پاڻ“ واري وائي ورائي ٿو. انهي منزل تي پهچڻ کان پوءِ ئي سچل سرمست ”حق موجود سدا موجود“ جو راڳ الاپيو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ اهڙو فڪر شال هر مومن کي عطا فرمائي ، آمين بجاه النبي الامين صلي الله عليه وسلم
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو