حضرت سڄڻ سائين مدظله عالي، امن ۽ محبت جو پيڪر......

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    (21 هين مارچ 57 هون جنم ڏينهن جي مناسبت سان.....!!)

    حضرت سڄڻ سائين، امن ۽ محبت جو پيڪر...!!

    حبيب مرکنڊ

    سنڌ سونهاري جي سرزمين هر دور ۾ مردم خيز رهي آهي، هن ڀلاري ڀونء ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سموري زندگي کي انسان ذات جي خدمت جي لاءِ ارپي ڇڏيو. هن پندرهين صدي، نفسا نفسي واري دور ۾ انسان جو ڇا حال آهي سڀ اوهان جي نظرن جي سامهون گذرندو هوندو، انسان جي اصل صورت ۽ احساسن جو ته قدر ئي ناهي رهيو ۽ نه وري نالو نشان آهي، اهڙي دور ۾ ڪي اهڙا انسان به آهن جن جو انسانيت جي بلندي ۽ عظمت لاءِ ڪردار نمايان نظر اچي ٿو، جن کي تاريخ جا سنهري ورق ڪڏهن به وساري نه ٿا سگھن. اهڙن ئي انسانن ۾ سهڻين صفتن جي مالڪ، صوفياءِ ڪرام جي طريقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ عام ڪندڙ، مخلوق سان پيار رکندڙ، انسانيت جي خدمت کي ترجيح ڏيندڙ، عوامي ڀلائي جو جذبو رکندڙ، درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو جو سجاده نشين، خواجه محمد طاهر عباسي المعروف سڄڻ سائين بخشي جو به نالو شمار ٿئي ٿو، جنهن هميشه پنهنجي تقريرن ۾ ڏکايل انسانن، بي پهچ خاندان، غريب ماروئڙن، مزدورن، هارين جي حق جي ڳالهه ڪئي آهي. سڄڻ سائين، بهترين انداز ۾ زندگي گهارڻ لاءِ تعليم، صحت، تجارت واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ ٻين سان همدردي جي تلقين ڪندو رهندو آهي. سڄڻ سائين، هر انسان سان محبت ڪندي ۽ پنهنجو سمجھندي، اڪثر ڪري پنهنجي خطابن ۾ صحت، علاج معالجي ڪرائڻ جون هدايتون ڪندو رهندو آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سندن جي تقريرن ۽ نصيحتن جو مقصد ئي انسانيت جو قدر ۽ عظمت جو اظهار ڪرڻ آهي.

    سڄڻ سائين، 21 هين مارچ 1963ع تي رحمت پور شريف، لاڙڪاڻي ۾ مشهور صوفي بزرگ، الحاج الله بخش المعروف سهڻا سائين رحه جي گھر ۾ جنم ورتو. سڄڻ سائين، شروعاتي تعليم قرآن پاڪ ۽ ابتدائي فارسي ڳوٺ فقيرپور لڳ راڌڻ اسٽيشن جي مدرسي مان پرائي. قرائت جي تعليم ستن سالن جي عمر ۾ مدرسه رڪن الاسلام هيرآباد حيدرآباد ۾ مولانا الحاج قاري محمد طفيل نقشبندي وٽ حاصل ڪئي. درس نظامي جي تعليم مدرسه جامعه عربيه غفاريه درگاهه الله آباد ڪنڊياري مان حاصل ڪئي. دوره حديث ۽ ٻيا مختلف علوم المرڪز قادريه ڪراچي ۾ مولانا منتخب الحق قادري وٽ پڙهيائون ۽ پنهنجي محنت ۽ جدوجهد جي آڌار تي ان مرڪز مان فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائون، جڏهن ته ان مرڪز ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن جا شاگرد زيرِ تعليم هيا. بين الاقوامي شهرت يافته، مشهور محقق ۽ نقاد محترم عبدالقدوس هاشمي وٽ تاريخ مذاهب عالم ۽ تقابل اديان تي عبور حاصل ڪيو. سڄڻ سائين، نه رڳو ديني علوم پر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پڻ ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ به فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري ورتائون. ان کان بعد سڄڻ سائين پنهنجي والد گرامي جي قائم ڪيل اداري جامعه عربيه غفاريه ۾ درس و تدريس ۽ صدر مدرس جا فرائض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجي والد گرامي حضرت سهڻا سائين رحه کان روحاني تعليم حاصل ڪندا رهيا، ان وقت سندن جي عمر 17 سال هئي. 1982ع ۾ سندن والد سهڻا سائين رحه پاران پنهنجي جان نشين سڄڻ سائين کي سلسله عاليه نقشبنديه جي وڌيڪ اشاعت جي لاءِ کين اجازت ڏني وئي.

    المرڪز قادريه جي هڪ استاد مولانا يحى صديقي، جيڪو معاشيات ۽ تاريخ اسلام جو پيرڊ پڙهائيندو هو. سڄڻ سائين سان ڪلام ڪندي چوندو هئو ته “ مون زندگي جي معمول ۾ صوفي بزرگ صرف هڪ ئي ڏٺو آهي جيڪو اوهان جو والد گرامي (سهڻا سائين) آهي جنهن اوهان کي دنياوي ۽ ديني تعليم ڏياري زندگي گذارڻ جو بهترين طريقو سيکاريو آهي”. سڄڻ سائين جو پيغام آهي ته انسانن ۾ محبت، اخوت، همدردي ۽ برابري ٿئي ته جيئن دنيا سڪون ۽ سلامتي جو گھر بڻجي وڃي، ان فڪر کي عوام الناس تائين پهچائڻ جي لاءِ پاڻ جماعت اصلاح المسلين پاڪستان جي سرپرستي ڪئي ۽ هن تنظيم جي پليٽ فارم تان اصلاح انسانيت جو درس ڏنو ويندو آهي. سڄڻ سائين پنهنجي والد گرامي جي قائم ڪيل تنظيمن، جن ۾ اصلاح المسلمين پاڪستان، جميعت علماءِ طاهريه ۽ روحاني طلباءِ جماعت پاڪستان جو سرپرست اعلى پڻ آهي.

    سڄڻ سائين جو پيغام نهايت ئي سادو ۽ تبليغ سحر آهي سندن چوڻ آهي ته اسان پنهنجي عملن، ڪمين، ۽ ڪوتاهين کي نظر ۾ رکي ڪري پنهنجي حقيقي خالق سان رجوع ڪيون. سڄڻ سائين جن ٻين جي حقن، پاڙيوارن جي حقن ۽ خاص ڪري پنهنجي نياڻين ۽ گھروارين کي پورا حق ڏيڻ جي ڳالهه هميشه ڪندو رهندو آهي، سندن چوڻ آهي ته پنهنجي گهر وارين کي پير جي جُتي نه سمجھو، هو به انسان آهي جنهن جا خدا پاڪ اوهان تي حق رکيا آهن، انهن سان سختي سان پيش نه اچو، انهن سان هر ڳالهه تي مشورو ڪيو جنهن سان زندگي بهترين نموني سان گذاري سگھجي ٿي. سڄڻ سائين فرقيواريت کان پاڪ معاشري جا حامي آهي، سندن چوڻ آهي ته صرف پنهنجي ڪردار کي ٻين ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ سامهون رکي پنهنجي ذات، پنهنجي طاقت، پنهنجي حيثيت سان خلق خدا کي نقصان نه پهچايو، خاموشيءَ سان پنهنجي طاقت ۽ وت آهر زير زمين وهندڙ چشمي وانگر ٻين کي سيراب ڪندا رهون، دين دنيا جي بهتري لاءِ هر وقت قلبي ذڪر ڪندي خدا پاڪ سان پنهنجو رابطو قائم رکون ۽ نبي ڪريم صه جن جي سنتين تي عمل ڪندي رب پاڪ ۽ حضور جن جي رضامندي حاصل ڪيون، سڄڻ سائين جن جي تعليمات، محبت، ڀائيچاري، همدردي، برابري تي مشتمل ۽ منافقت ۽ نفرت کان خالي آهي. سڄڻ سائين جن چوندا آهن ته اسان هتي دنيا ۾ ٽٽل رشتن کي ڳنڍڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. سندن جو چوڻ آهي ته محبت وارو ماحول جوڙيو وڃي، نوجوانن کي تعليم جي طرف ڌياڻ ڏيڻ گھرجي ۽ علم کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ تڙپ وارو جذبو پيدا ڪن، نوجوانن کي گھرجي ته ڪاپي ڪلچر مان پنهنجي جان ڇڏائي محنت ڪري دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪن. سڄڻ سائين جي محبت ڀري پيغام جو مطالعو ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو ته سڄڻ سائين، انسان دوست، محبت ۽ امن جو پيڪر آهي.

    21 مارچ، اڄ سندن جي 57هين سالگرهه جي موقعي تي خدا پاڪ جي دربار ۾ دعا آهي ته شال رب العزت سندن کي صحت ڪامله سان گڏ خضري ڄمار عطا فرمائي ۽ سندن روحاني آواز ۽ انداز سان ٻُڌايل انسان دوستيءَ وارو فڪر دنيا ۾ وڌيڪ ڪامياب فرمائي. آمين
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو