ڪرونا وائرس ٻيهر سرمائيداري جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ نور راچپر طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2020۔

  1. نور راچپر

    نور راچپر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    Advocate
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ڪرونا وائرس پاڪستان ۾ اچي چڪو آهي اگر ڪو به انهي خام خيالي ۾ مبتلا آهي ته ڪرونا کان بچي سگهجي ٿو ته انهي کي اُن خول مان ٻاهر اچڻ گهرجي . چيو وڃي ٿو ته 1918 1920 ع جي هسپانوي فلو کانپوء ڪرونا جديد دور جي سڀ کان وڏي بيماري ثابت ٿيندي . ياد هجي ته اُن هسپانوي فلو جي نتيجي ۾ 5 ڪروڙن کان 10 ڪروڙ انسان پنهنجي جان جي بازي هاري چڪا هئا

    هي حقيقت به پنهنجي جڳھ تي موجود آهي ته هنئير تائين هن بيماري صرف ڪجھ هزار ماڻهن جي جان ورتي آهي پر هڪ حقيقت هي به آهي هن بيماري جي ڪري ملڪن پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهن . آفيسون، اسڪول ۽ روز مره جي زندگي جي ڪار وهنوار تي پابندي جا امڪان آهن . سڄِي جي سڄيون صنعتون راتون رات تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪيون آهن. جنهن ۾ سڀ کان نمايان هوائي ڪمپنيون سڀ کان وڌيڪ آهن آمريڪا سميت دنيا جون وڏي ۾ وڏيون اسٽاڪ مارڪيٽون زوال پذير جو شڪار آهن .

    يقنين اهڙا ڪاوباري حلقا به آهن جيڪي هن مصيبت مان به فائدو وٺي رهيا آهن . پر پوء به مجموعي طور تي معاشي سرگرميون ڏينهون ڏينهن محدود ٿينديون پيون وڃن ۽ اقتصادي ماهر اُن ڳالھ تي متفق نظر اچن ٿا ته ايندڙ ڪجھ مهنين ۾ عالمي معسشيت کي شديد بحران سان منهن ڏيڻو پوندو جنهن جا سڃِي دنيا ته ڏور انديش اثر پوندا.


    پاڪستان جي معشيت پهريائين ئي لوڏن جو شڪار آهي پر ڪرونا جي ڪري معاملا اڃان وڌيڪ خراب ٿيندا. وزير اعظم عمران خان جڏهن گهڻن ڏينهن جي خاموشي کان پوء قوم کي خطاب ڪيو ته اُن جو چوڻ هو پاڪستاني معشيت جي مڪمل بندش برداشت نٿا ڪري سگهون، جيتوڻڪ هن پنهنجو پراڻو نعرو گهٻرائڻو ناهي جو نعرو لڳايو پر اُن باوجود اُن جي سڀنين ڳالهين مان ٻڌڻ وارن هي اندازو بخوبي لڳائي ڇڏيو هو ته هو پاڻ گهٻرايل آهن ۽ حڪمراني جو نظام کوکلي پڻ جو شڪار ٿي چڪو آهي .

    سڄ هي آهي ته عام حالتن ۾ به بحران جو سڀ کان وڌيڪ شڪار غريب ۽ لاچار حلقن تي پوندو آهي ، ڪرونا جي باري ۾ سائنس ٻڌائي ٿي ته اُن وائرس مان وڏي عمر جا ماڻهو يا وري اُنهن ماڻهن تي سڀ کان وڏو خطرو لاحق هوندو آهي جنهن جي قوت مدافعت پهريان کان ئي ڪمزور هجي
    اگر هي بيماري پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ڦيلجي ٿي ته رڳو هي طبقا متاثر نه ٿيندا مثال طور تي اڄڪلھ هر پاسي کان سوشل ڊسٽسنگ (سماجي مفاصلو ) جي ڳالھ ٿي رهي ، ماهر هن ڳالھ تي زور ڏئي رهيا آهن ته هڪ ٻئي سان فاصلو رکڻ سان ئي ڪرونا کان بچڻ جو سڀ کان بهتر طريقو آهي چيو وڃي ٿو ته جنهن حد تائين ممڪن هجي گهرن جي اندر پنهنجو پاڻ کي محدود رکي ڪم ڪيو پر پاڪستان سميت دنيا جي کوڙ سارن ملڪن جو عوام گهرن ۾ اندر ويهي پنهنجي روزي روٽي نٿو ڪمائي سگهي.

    ريڙهو لڳائڻ وارو بازار وڃي ٿو، ڪچرو جمع ڪرڻ وارو سڄو شهر گهمي ٿو، هاري کي ٻڄ ، دوا وٺڻ لاء شهر جي دوڪان تي وڃڻو پوي ٿو . اهڙي طرح هزارين ٻين ڌنڌي ڏاڙي وارا مزدورن کي گهرن کان ٻاهر نڪري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا . جيسيتائين اُنهن کي گهرن اندر پابند ڪرڻ جي ڳالھ آهي ته پوء ياد هجڻ گهرجي ته پاڪستان جي تقريبن 45 سيڪڙو آبادي ڪچي آبادين ۾ رهائش پذير آهي ، ڪچي آبادي جو مطلب اُهو ناهي جيڪو ڪوٺي وارا تصور ڪندا آهن ، نه ئي انهن جي گهرن جي اندر سوشل ڊسٽسنگ ممڪن آهي نه ئي گهرن جي وچ ۾..

    جڏهن اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪرونا جي ممڪنا تباه ڪارين جي باري ۾ سوچيو وڃي ته محنت مزدوري ڪرڻ وارن جي اڪثريت جي حالتن کي بحث جو اگر مرڪز نه به بنايون ، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ انهن کي مڪمل طرح سان نظر انداز به نه ڪيو وڃي.

    هو به عام حالتن ۾ به معاشي بدحالي جو وڏو بوجھ غريب محنت ڪش جي اڪثريت کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي هتي هي به ڳالھ وسارڻ نه گهرجي ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڪيترائي شهري آهن جيڪي مسلسل جنگ، دهشتگردي ، فوج ڪشي ۽ تاريخي عدم توجه ۽ جبر جو شڪارٿيندا پيا اچن جئين قبائلي ضلعن جا ماڻهو .

    جي اگر ڪرونا کي ڦيلجڻ کان نه روڪيو ويو ته غريب مزودر ۽ مظلوم قومن کي چيو ويندو ته هو وسيع تر قومي مفادن ۾ قرباني ڏين، جئين ايران بارڊر تفتان تي نام نهاد ؛ قرنطينه ڪئمپ ؛ جو داستان واضع ڪري ٿو ته پاڪستان جو سڀ کان مظلوم صوبو بلوچستان حسب روايت سڀ کان وڌيڪ مصيبت جو شڪار آهي هي گنڀير صورتحال رڳو پاڪستان جي ناهي پر سڄِ دنيا جي آهي ، هر ملڪ ۾ زيردست طبقا ۽ مظلوم قومون ئي ڪرونا جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين پيا ڇو ته هي ماڻهو اُن وائرس يا وري اُن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري معاشي بحران جو نشانو بنجي رهيا آهن .

    جيتوڻڪ عالمي وبا جي سبب بااثر اشرافيا کي به نقصان رسي رهيو آهي در اصل ڪرونا عالمي معاشي ۽ سياسي نظام جي باري ۾ اُنهن حقيقتن کي مڪمل طور وائکو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 2008ء جي مالياتي بحران جي وقت ۾ منظر عام تي آيو هو. جي ڪڏهن اسان ڪجھ به نه ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي هي عهد ضرور ڪرڻو پوندو ته ڪرونا جي بحران کان پوء پاڪستان سميت دنيا سڄي جي اسٽيبلشمنٽ ۽ اشرافيا جي بي لغام عوام دشمن پاليسين کي ٻيهر دنيا تي مسلط ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين تاريخ شاهد آهي ته بحران ئي عوام دوست سياسي ۽ معاشي متبادل کي جنم ڏيندا آهن

    2008 ء ۾ ٿيڻ واري عالمي بحران اُنهن ئي پاليسين جو نتيجو هو جيڪو سرد جنگ جي خاتمي جي کانپوء سڄِ دنيا جي مٿان حاوي ٿي ويو هو. عمومي طور تي اُنهن پاليسين کي عالمگيريت جي لفظ سان گڌ منسلڪ ڪيو ويندو آهي جنهن مان مراد اهڙا سياسي و معاشي قائدا ۽ ظابطا آهن جن سان سرمائي کي وڏ کان وڌ ڦيلجڻ جا موقعا ۽ وسيع پيماني تي معاشي سرگرمين کي تفويت ملندي هجي. اُن جو عملي مطلب هي ٿيو ته دنياسڄِي ۾ منافعي خوري جا دروازا مڪمل طرح کلي ويا ، قدرتي وسيلن جي اهڙي بندر بانٽ ٿي جيڪا يورپي نوآبادياتي دور ۾ به ڏٺي وئي هئي . صحت ، تعليم ، روزگار رهائش ۽ ٻين زندگي جي بنيادي ضرورتن جي فراهم ڪرڻ وارن رياستي ادارن کي آزاد منڊي جي حوالي ڪيو ويو ۽ مجموعي طور تي اجتماعيت جي جڳھ تي انفراديت جي اصولن کي پروان ڇاڙيو ويو.

    هر شئي کي خريد و فروخت جو عمل بنائڻ جو نتيجو هي ضرور نڪتو ته ڪيترن ئي ماڻهن تمام گهڻو پئيسو ڪمايو ۽ مجموعي طور تي ترقي پروان ڇڙهي . ڪروڙن انسانن هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ تي تعليم ۽ روزگار جي سبب هجرت ڪئي . ظاهري طور تي سرمائي ۽ انسانن کي سڄي دنيا ۾ اچڻ وڃڻ وارو هي نظام صرف ئي صرف فائدي مند ٿيو پر ترقي جا سدائين ٻه رخ ٿيندا آهن معاشي سرگرمين جي برتري ۽ اُن جي پس پرده منافعي خوري جي يلغآر پاڪستان سميت دنيا جي هر سماج کي وڌيڪ ناهموار بنائي ڇڏيو آهي.

    عالمگيريت جي هن 30 سالن جي دور ۾ غربت ۽ مفلسي ۾ بي پناه واڌارو آيو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي انسانن کي جنگين ۽ ماهولياتي تباه ڪارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي يقينن پاڪستان ۾ هي مسئلا عالمگريت جي دور کان پهريان ئي موجود آهن پر گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان جيهڙن ملڪن جي آبادي ۾ بي حساب واڌ ٿي آهي جنهنجڪري مسئلا اڄ به بي حساب آهن

    غالب امڪان هي آهي ته اهڙو ڪجھ ٿِيڻو ناهي ڇو ته عام حالتن ۾ ئي رياستي ادارا محنت ڪش اڪثريت ۽ مظلوم قومن ڏانهن اهڙو رويو روا ناهي رکيو ويندو جيڪو شهرين جو بنيادي حق آهي جيتونڪ ضرورت اُن امر جي آهي ته سوچڻ سمجهڻ وارا ماڻهو اُن فرسوده سياسي و معاشي نظام جي بنيادي ااصلاحن جي ڳالھ ڪن جيڪو ڪرونا جي ڪري اُن بحران کي کي جنم ڏنو آهي

    هي متان سمجهون ته هي هڪ حياتياتي بحران آهي جنهن کي اسان روڪي نه پئي سگهياسين اسان ايٽم بم ٺآهي سگهون ٿا . سڄِي ملڪ ۾ بحريا ٽائون اسڪيمون رات وچ ۾ بيهاري سگهون ٿا دنيا سڄِي جي منافعي خورن کي ملڪ ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏئي سگهون ٿا ته پوء اسان سڀنين ماڻهن کي صحت ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جي به صلاحيت به رکي سگهون ٿا . اڄ هن حقيقت کي سوچڻ شروع ڪنداسين ته ٻئي دفعي اسان ايترا بي بس نظر نه اينداسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو