امداحسيني ديومالا شخصيت شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2020۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    امداد حسيني سنڌي شاعرن منجهه ديومالا شخصيت
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري

    مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ

    پنهنجي ڌرتي جا شاعر ته سهڻا من مهڻا آهن سنڌي شاعري جو پليٽ فارم صدين کان وٺي نرالو رهيو آهي پنهنجي ڌرتي جا شاعري ورهين کان وٺي پنهنجي من جو اظهار شاعري جي صورت ڪندي ڪندي اڄ ڏينهن تائين ٻول ڳائيندي ٻڌائيندي نظر اچن پيا ، مڱر هر هڪ شاعر جي شاعري جي خوشبوءَ نرالي آهي ،پنهنجن شاعرن پنهنجي ڌرتي تي رهندڙ سماج جي ترجماني شاعري وسيلي ڪري واهه جو نالو ڪمايو آهي اهڙين شخصيتن منجهه جديد دور جي ادبي دنيا جي نرالي شخصيت جناب امداد حسيني جو نالو مونکي نمايا نظر پيو اچي ،

    هي پيارو انسان سال 1940ع جي مارچ مهيني جي 10 تاريخ آچر ڏينهن تي علم ادب واري شهر ٽکڙ منجهه پڙهيل لکيل خاندان جي معتبر شخصيت سيد فضل محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو ، سندس جي ڇٺي جو نالو (سيد امداد علي شاهه ) رکيو ويو سندس کي پيار منجهان ادب جي دنيا وارا (سانول يا امداد حسيني) به سڏيندا آهن مڱر سنڌ ڌرتي جو هي سرموڙ شاعر پنهنجي نرالي شخصيت جي ڪري اڄ ڏينهن تائين (امداد حسيني ) جي نالي سان سڄي جڳ ۾ مشهوري ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. پاڻ پڙهڻ واري عمر کي پهتو ته سندس والدين سندس کي (کٿاب ) واري اسڪول ۾ ويهاريو جتان هن ذهين ٻار پرائمري درجا پاس ڪيا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول منجهان پرايائين ،انٽر جي تعليم سچل سرمت ڪاليج حيدرآباد مان ۽ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم جنت نماءَ ڌرتي جي ٽڪري تي قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽي منجهان وڏي شوق سان ڊگريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو .امداد حسيني سانول خان پنهنجي من جو اظهار شاعري جي ٻولن سان ٻارنهن سالن جي ڄمار ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري ساري آهي پاڻ پنهنجي شاعري واري زبان ۾ چوي ٿو ته

    مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ ،

    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ ،

    تو کي چاهيونٿا، تو کي چاهيون ٿا ،

    بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ ،

    هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو پر ،

    مون سڄو گهر کڻي سجايو آ ،

    حال امداد جو پڇو ڇا ٿا ،

    اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ.

    امداد حسيني شاگردي واري زماني منجهه پارٽ ٽائيم نوڪري ڪرڻ ۾ به دلچسپي رکندي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿائن ۾ بهترين محنت سان ڪم ڪندي نظر آيو تنهن بعد سنڌي ادبي بورڊ منجهه لائبريرين واري عهدي تي پڻ ڪم ڪيائين ، سال 1970ع ڌاري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي منجهه ريسرچ فيلو طور مقرري ٿي تنهن بعد وري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سال 1973ع ڌاري بڻيو انهي زماني منجهه پڙهيل لکيل گهراڻي بلوچ قبيلي جي معتبر شخصيت جناب صلاح الدين احمد بلوچ جي نياڻي (سحر نگار ) سان پيار جي شادي جي ٻڌڻڻ ۾ ٻڌجي ويو ، سندس جي جوڙي اڄ ڏينهن تائين زندگي جون سموريون ڪاميابيون ماڻڻ ۾ ڪامياب پڻ ويا آهن سحر نگار هن وقت پاڻ ادبي دنيا منجهه سحر امداد سڏائڻ ۾ پڻ شاعري واري صنف ۾ عورتن ۾ هڪ وڏو نالو ڪمايو آهي پاڻ سنڌي ادبي بورڊ پاران جاري ٿيندڙ (ٽي ماهي ) رسالي مهراڻ جو سال 77ع۽ 1978ع ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون به نهايت سليڪي سان ادا ڪندو رهيو هن ڏاهي اديب کي سال 1994ع ۽ 1995ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي ايڊيشنل چارچ به هٿن ۾ رهي ، سنڌ جي هن برجستي لاجواب شاعر مولانا غلا۾ محمد گرامي جي تربيت ۽ اتساهه ڏيڻ بعد باقائده شاعري چوڻ جا ٻول عام خلق تائين پهچائڻ ۾ اڄ ڏينهن تائين ٿڪاوٽ محسوس ناهي ڪئي سنڌ جو هي سهڻو شاعر پنهنجي زباني ڪهڙي نه ڀلي ڳالهه ڪري ٻڌائي ٿو

    تو سان روز ملان ، روز نئون هڪ گيت لکان ،

    جي نه ملان تون سان پوءِ به هڪڙو گيت لکان ،

    مرڪان لڙڪان ، لڙڪان مرڪان ،

    امداد حسيني جيئان ، سڪ جي سٽ لکان .

    سنڌ ڌرتي جو هي ديومالا شاعر سنڌ جي اديبن شاعرن جي سٽاءَ منجهه اعلي درجي جي حيثيت رکي ٿو سندس جو شاعري واري صنف ۾ نالو نروار آهي پاڻ شاعري جي مڙني صنفن منجهه طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي جنهن منجهه نظم ، آزاد نظم ، غزل ، گيت ، وايون ، ترائيل ، ٽيڙو ، دوها ، بيت دل سان چئي پنهنجي حلقي جي پرستارن جون دليون ئي موهي ڇڏيون اٿس سندس شاعري سنڌي سماج جي بهترين ترجماني سان سرشار آهي هو عام خاص ماڻهون جو درد خوشي جلد ئي سمجهي وڃي ٿو ئي پنهنجي شاعري جا مضموع بڻائي عام خلق سان دلي اظهار سهڻي نموني سان ڪندي نظر اچي ٿو پاڻ نظم لکڻ جو به ڪوڏيو شاعر آهي امداد حسيني نه رڳو شاعراڻي فصيلت رکي ٿو مڱر نثر لکڻ جو بج ماهر آهي نثر واري صنف ۾ ڪهاڻيون لکي (سانول ) وارو نالو روشن ڪيو اٿائين پاڻ مضمون تحقيقي مون به لکيا اٿين جن جي سنڌي ادب منجهه هڪ الڳ سڃاڻپ آهي امداد حسيني ريڊيو پاڪستان ۽ پڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما ۽ گيتن سان ٽمٽار ڪهاڻيون لکي عوامي داد حاصل ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو آهي ، امداد حسيني کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌي فلمن جهڙوڪ سهڻا سائين ،ڌرتي لال ڪنوار ، حاضر سائين لاءِ بهترين گيت لکي پنهنجي من جو اظهار ڪيو آ ۽ عوامي پذيرائي پڻ حاصل ڪئي آهي پاڻ ٻارن لاءِ به لاجواب گيت لکيا اٿين ، سنڌ جي هن بهترين اديب، شاعر ادب جي جهول کي به ڪتاب ڏئي سونهن منجهه اضفي ڪر ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سندس جو پهريون شاعري مجموعو سال 1976ع ڌاري (امداد آهي رول ) ڇپجي پڌرو ٿيو تنهن بعد (هوا جي سامهون ) پاڻ ٻه ڪتاب سنڌي زبان منجهان اردو ٻولي ۾ ترجما ڪيا اٿين انهن ۾ هڪ مرزا قليچ بيگ جوناول زينت ۽ ٻيو ڪتاب دودو چنيسر تنهن بعد پاڻ نثري ادب ۾ ڪتاب (سنڌي جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ سال 1971ع ۽ ٻيو ڪتاب (علمي آئينو سال 1972ع ۾ ترتيب ڏنائين امداد حسيني صاحب مسلسل لکندو پيو اچي سندس جا جو لکڻيون ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جون زينت بڻجندويون رهن ٿيو پاڻ اديبي ميڙاڪن ، سيمينارن ، ادبي ڪانفرنسسن منجهه گهري دلچسپي سان شرڪت ڪندو رهندو آهي سنڌ جي هن ناليواري اديب شاعر کي ادبي پورهي عيوض سال 2002ع جي آگسٽ مهيني ۾ صدارتي ايوارڊ تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي انهن کان علاوه ڪيترائي انعام اعزاز حاصل پڻ ڪري چڪو آهي سنڌ جو هي ناميارو شاعر پنهنجي زندگي جون 80 بهارون ڏسي چڪو آهي پاڻ اڄ 10 مارچ 2020ع تي پنهنجي ادبي لڏي وارن دوستن ۽ گهر ڀاتين سان 80 سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيندو منهنجي هن ڏاهي اديب شاعر لاءِ ڌڻي در دعا ته ڪامل صحت ۽ وڏي ڄمار ماڻي جئين هو نئين نسل نوجوانن جي بهترين اصلاح ڪندو رهي سنڌي ادب جي جهول ڀريندو رهي

    اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي ،

    اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا

    Ibrahim
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو