لاڪ ڊائون واري صورتحال کي ڪئين منهن ڏجي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ڪالھ کان وٺي سموري سنڌ جا سڀئي ننڍا توڙي وڏا شهر بند آهن ۽ اُنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن ته جئين لاڪ ڊائون واري صورتحال برقرار رهي سگهي ۽ سموري سنڌ جا رهواسي هن وبا جي شڪار ٿيڻ کان محفوظ رهن.

    ڪنهن ضروري ڪم ڪار سانگان شهر ڏانهن وڃڻ جو هڪ طريقڪار پڻ ٻڌايو ويو آهي ۽ حُڪومت سنڌ طرفان ماڻهن کي حڪومت سان اخلاقي طور سهڪار ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي. جئين ته هن وقت دنيا جي مجموعي طور گهڻن ئي ملڪن ۾ ساڳي ئي طريقي سان هَن وبا کي منهن ڏيڻ لاءَ طريقڪار اپنايا پيا وڃن ۽ اِهو پڻ چيو ويو آهي ته هن مرض کان صرف احتياط وسيلي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

    لاڪ ڊائون جي صورتحال کان پوءِ ماڻهو سمورو وقت پنهنجي گهر ۾ ئي گذاري ٿو ۽ کيس پنهنجي آس پاس توڙي هِيڏانهن هُوڏانهن اجايو وڃڻ جي به ڪا خاص ضرورت نه هجڻ گهرجي. اِهڙي ماحول ۾ وقت گذارڻ جا ڪهڙا موثر طريقا ٿي سگهن ٿا. اچو ته اُنهن تي ٿورو غور فڪر ڪريون.

    . صحت ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ:
    جئين ته اسان توهان سڀني کي خبر آهي ته ”جيءَ خوش ته جهان خوش“. جيڪڏهن ماڻهو چاڱ چڱو ڀلو آهي ته کيس سڀ ڪجھ سُٺو، سهڻو ۽ خوبصورت لڳندو آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو جي طبعيت ۾ خدانخواسته ڪا ناچاڪي آهي ته کيس سڀئي لوزومات بي سوادا ۽ ٻُسا لڳندا آهن. ان لاءَ هنن ڏينهن ۾ صحت ۽ صفائي تمام اهم جُز آهي. ماڻهو جيتري قدر پاڪ، صاف توڙي تازو توانو هوندو اُوتري ئي قدر کيس هن مرض جي لاحق ٿيڻ جا خطرا گهٽ هوندا. سو سڀني کان پهريان پاڻ کي اِهو ڪرڻو آهي ته پنهنجي پاڻ سميت پنهنجي سڀني گهر ڀاتين کي هنن ڏينهن ۾ صاف سٿرو رکڻو آهي.

    . گهر ڀاتين سان ڪچهري ڪرڻ:
    دنيا جهان جي وٺ وٺان ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي گهر ڀاتين کي گهربل وقت ڪونه ڏئي سگهندا آهن جنهن سبب اُهي هڪ ٻي جي خيالن، سوچن ۽ پسند توڙي ناپسند متعلق به گهڻي قدر بي خبر ئي رهجي ويندا آهن. هنن ڏينهن ۾ اسان کي پنهنجي گهر ڀاتين جن ۾ پيءُ ۽ ماءُ سميت ڀيڻ ڀائر ۽ گهرواري اچي وڃي ٿي. انهن سان خوب ڪچهريون ڪرڻ گهرجن ۽ اُنهن کي به احتياطي تدابيرن سان گڏ انهن سان دنيا جهان جي تازي عالمي صورتحال ۽ مجموعي طور ٻين کوڙ سارن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ گهرجي.

    . گهڻي کان گهڻو مطالعو ڪرڻ:
    جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِهو قطعي ضروري ڪونه آهي ته ڪو اوهان کي صرف ادب سان ئي واڳيل ڪتاب پڙهڻ گهرجن پر اوهان پنهنجي ذاتي دلچسپي مطابق ادب، سياست، مذهب ۽ فلسفي تي مبني ڪتاب پڙهي سگهو ٿا. جيڪي ڪتاب ڪن سبب جي ڪري يا گهڻي مصروفتي جي سبب اوهان نه پڙهي سگهيا هجن. اُنهن ڪتابن کي هن واندڪائي واري صورتحال ۾ پڙهي ڪري پورو ڪريو ۽ انهن ڪتابن متعلق ٿوري ٿَڪي معلومات اوهان پنهنجي ٻين ساٿين تائين سوشل ميڊيا وسيلي به پهچائيندا رهو ته جئين ٻيا به اُنهي علم مان مسفيد ٿي سگهن.

    .فضول ۽ اجايو وقت نه وڃائڻ:
    اسان ننڍي هوندي کان انگريزي جو هڪ محاورو ٻُڌندا ٿا اچون ته ٽائيم از مَني“ يعني وقت پئسو آهي. جيڪڏهن وقت واقعي پئيسي جيتري اهميت رکي ٿو ته پوءَ اُنهي کي پئيسي وانگر سوچي سمجهي ڪري پوءِ ئي استعمال ڪجي ته اِهو ئي اسان جي لاءِ بهتر رهندو ۽ اسان ڪنهن به ٿڪائيندڙ صورتحال جو شڪار ڪونه ٿي سگهنداسين.

    مٿي ڏنل مختصر تجويزن تي عمل ڪري نه صرف اوهان پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪري سگهو ٿا پر اوهان هن عمل سان پنهنجي سوچ، فڪر، علم ۽ ڏاهپ ۾ واڌارو ڪرڻ جي هڪ سُٺي ۽ صحت مند سرگرمي جو حصو ٿي سگهو ٿا.

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو