تهذيبن جو ٽڪراء ڇو ٿو ٿئي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ” تهذيبن جي ٽڪراء“جو اصطلاح پروفيسر سيموئل هل ٽنگٽن جي مشهور زمانه ڪتاب The Clash of Civilization ذريعي سڄي دنيا جو پنهنجي طرف ڌيان ڇڪرايو،ان تهذيبي ٽڪراء جا شروعاتي نشان يورپي نو آبادياتي نظام جي قيام ۽ صليبي جنگين جي تاريخ ۾ موجود آهن.هن وقت تهذيبي ٽڪراء جي صورت رڳو اها ناهي جو مختلف تهذيبن سان تعلق رکندڙ ڪجهه ملڪ هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن بلڪه ان کان وڌي ڪري معاملو اهو آهي جو اوڀر ۽ اولهه جا ملڪ پنهن جن جغرافيائي حدن ۾ تهذيبي ٽڪراء کي منهن ڏيئي رهيا آهن.مسلمان ملڪن ۾ مغربي ۽ اسلامي تهذيب جا علمبردار سيڪيولر ۽ اسلامي گروهن جي شڪل ۾ آمهون سامهون آهن.ٻئي طرف يورپي ملڪ پنهنجي آباديء ۾ موجود اهڙي مسلم برادري جي چيلينج کي منهن ڏيئي رهيا آهن جيڪا پنهنجي تهذيب،ثقافت ۽ قدرن تي ضد ڪري رهي آهي ۽ يورپي تهذيب اهڙن قدرن کي پنهنجي سماج ۾ ضم ڪرڻ کان مڪمل انڪاري آهي.هوڏانهن نه رڳو عام يورپي پر ڪيترائي يورپي دانشور به نه رڳو اسلامي تهذيب جي حمايت ڪري رهيا آهن پر انهيء نظريي کي قبول به ڪري رهيا آهن. برطانوي خاتون صحافي ”ايون رڊلي“،اڳوڻي برطانوي وزير اعظم ايسڪوٿ جو پوٽو ”جوناٿن برٽ“،مشهور برطانوي صحافي ۽ ٽوني بليئر جي سالي ”لورن بوٿ“ ۽ ان جهڙا ٻيا نوان مسلم هاڻي يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ اوپرا ناهن رهيا.يورپي ملڪن ۾ تيزيء سان گھٽجندڙ مقامي آبادي ۽ انهن ملڪن ۾ مسلمانن جي وڌندڙ انگ ”ڊيوز بري“ ۽ ”بليڪ برن“ جهڙن بيشمار مسلم اڪثريتي شهرن کي جنم ڏنو آهي جتي مسلم ثقافت مغربي تهذيب تي ڇانئيل نظر اچي ٿي.يورپ ۾ پيدا ٿيندڙمسلمانن جو نئون نسل ايشيا ۽ آفريڪا کان ايندڙ پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر معذرت وارو رويو نٿا رکن بلڪه پنهنجن تهذيبي قدرن تي ڄميل آهن.فرانس ۾ جن ٻن هزار عورتن پردي تي پابنديء بعد به نقاب پهرڻ تي ضد ڪيو آهي اهي مقامي فرينچ نيون مسلم عورتون آهن.اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اولهه جي دنيا اسلامي تهذيب کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ جو رويو ترڪ ڪري هڪ زنده چيلينج جي طور تي ڏسڻ شروع ڪري ڏنو آهي.پردو ڪرڻ يا نه ڪرڻ هيستائين عورت جو ذاتي فيصلو سمجھيو ويندو هو پر هاڻي ان مسئلي کي فرانس جي پارليامينٽ طيء ڪري رهي آهي.ڪنهن عبادت گاه جي عمارت ڪهڙي هئڻ گھرجي ۽ ڪهڙي نه هئڻ گھرجي ان قسم جا مسئلا هر هنڌ مذهب کي مڃيندڙ پاڻ طيء ڪن ٿا پر سوئزرلينڊ جي پارليامينٽ اهو مسئلو به ريفرينڊم ذريعي طيء ڪري سوئزرلينڊ ۾ مسجدن جي مينارن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ڪنهن رياست ۾ ڪهڙو قانوني ۽ سماجي ڍانچو بهتر رهندو اهو سوال هر دور ۾ هر رياست پاڻ طيء ڪيو آهي پر اڄ آمريڪا ۽ ٻين مغربي طاقتن انهن مسئلن جو حل پنهنجي ذمي کڻي ورتو آهي.ٻئي طرف پوري دنيا ۾ اسلامي تهذيب جا علمبردار،مسلمان دانشور ۽ خود اولهه جي ملڪن ۾ موجود مقامي ۽ غير مقامي مسلمان پنهنجي تهذيب ۽ ان جي قدرن تي زور ڏيئي اولهه جي تهذيب کي چيلينج ڪري رهيا آهن.انهيء صورتحال سوچڻ سمجھڻ وارن ماڻهن جي ذهنن ۾ تهذيبي ٽڪراء جي باري ۾ ڪجهه بنيادي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.تهذيب ڇا ٿيندي آهي؟ هڪ تهذيب ڪنهن ٻي تهذيب کان ڪيئن جدا هوندي آهي؟ دنيا ۾ موجود تهذيبون ڪيئن هڪ ٻئي جون مددگار يا متصادم هونديون آهن؟ڇا تهذيبي ٽڪراء هڪ وقتي صورتحال آهي؟ان تهذيبي ٽڪراء ۾ ڪير ڪهڙي هٿيار سان ميدان ۾ لٿل آهي؟تهذيبن جي ٽڪراء جا اهم ڪردار ڪير ڪير آهن؟ڪهڙي تهذيب جي کٽڻ جا امڪان آهن؟۽ سڀ کان وڌي ڪري اهو ته تهذيبن جي ان ٽڪراء جو انجام ڇا ٿيندو؟

    تهذيب جي معاملي ۾ هڪ غلط فهمي اها آهي ته ڪجهه ماڻهو تهذيب ۽ تهذيب جي مظاهرن ۾ فرق نٿا سمجھن ۽ تهذيبن جي مظاهرن مثال رسم،رواج،پوشاڪ ۽ رهڻي ڪرڻي جي مامرن جي فرق کي تهذيبي اختلاف قرار ڏين ٿا.اهي ماڻهو تهذيبي اختلاف کي شلوار،پينٽ،ميز يا دسترخوان جي اختلاف سان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اها هڪ سطحي ڀيٽ آهي.اهي سڀ تهذيب جا مظاهر ۽ تفصيل آهن.تهذيب جو بنياد ان جي ڪجهه بنيادي نظرين تي هوندو آهي.تهذيب پنهنجي ڪائنات جي تصور،خالق ۽ مخلوق جي تصور سان سڃاتي ويندي آهي.اهي تصور ۽ انهن تي ٻڌل تهذيب هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.عقيدو جڏهن فڪر ۽ عمل ۾ سمائجي ٿو ته ڪجهه مظاهر سامهون اچن ٿا.اهي ئي مظاهر تهذيب سڏائين ٿا.عقيدن جي درست يا غلط هئڻ جو اندازو تهذيبي مظاهرن مان ٿئي ٿو.ان ڪري تهذيب هڪ لحاظ کان عقيدن جو اظهار آهي ۽ عقيدا تهذيب جو باطن آهن.عقيدن ۽ تهذيب ۾ ٻج ۽ ٻوٽي جو لاڳاپو آهي.

    خالق ڪائنات،ڪائنات،انسان ۽ علم جي باري ۾ مختلف نظريا ۽ عقيدا تهذيبي اختلاف جو سبب بڻجن ٿا.هن وقت دنيا ۾ سيڪيولر مغربي تهذيب،اسلامي تهذيب،هندو تهذيب،عيسائي ۽ چيني تهذيب ۽ ٻڌ مت تهذيب سميت ڪيتريون ئي تهذيبون موجود آهن.اسلامي تهذيب کان سواء ٻيون سموريون تهذيبون پنهنجي مخصوص بناوت جي بنياد تي سيڪيولر مغربي تهذيب سان مفاهمت ۽ تعاون جو رستو اختيار ڪري چڪيون آهن.عيسائيت ڪجهه صديون پهرين شروعاتي ٽڪراء بعد هار مڃي چڪي آهي.هندو تهذيب ڪجهه سببن ڪري هڪ مڪمل زندگيء جو نظام مهيا ڪرڻ کان لاچار آهي.ٻڌ مت تهذيب کي زندگيء جي معاملن سان ڪو لاڳاپو ناهي.البت چيني تهذيب ۾ موجود تائو ازم ۽ ڪنفيوشس ازم جي بنياد تي چيو ٿو وڃي ته انهن تهذيبن جي بنياد تي آئيندي چين ۽ اولهه ۾ ٽڪراء ٿيندو.پر اهو امڪاني ٽڪراء رڳو مفادن جي جنگ هوندي جنهن جو تهذيبي اختلاف سان ڪو تعلق نه هوندو.هن وقت اسان جنهن تهذيبي ٽڪراء جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون اهو رڳو اولهه جي سيڪيولر جديد تهذيب ۽ ادسلامي تهذيب جي وچ ۾ آهي.پر ايئن ڇو آهي؟ سيڪيولر جديد مغربي تهذيب ۽ اسلامي تهذيب وچ ۾ مفاهمت ڇو نٿي ٿي سگھي؟اهو هڪ اهم سوال آهي.اولهه جي تهذيب سان جن قومن جو ٽڪراء ٿيو انهن مان ڪجهه اهي هيون جن جي ڪا مستقل تهذيب نه هئي ۽ جيڪڏهن هئي به ته اها ايتري مضبوط نه هئي جو ڪنهن ٻي تهذيب جي مقابلي ۾ بيهي سگھي.ڪجهه تهذيبون اولهه جي تهذيب سان سهمت هيون.ان صورتحال ۾ گھڻيون قومون آسانيء سان مغربي تهذيب جي رنگ ۾ رنگجي وييون پر ان سلسلي ۾ اسلامي تهذيب جو معاملو بلڪل مختلف هو.دنيا جي هر تهذيب چئن بنيادي اصولن تي ٻڌل هوندي آهي.اولهه جي تهذيب جااهي چار بنيادي اصول مڪمل طور تي اسلامي تهذيب جي مخالف رهيا آهن.ان اختلاف سبب ئي دنيا ۾ اصل تهذيبي ٽڪراء اسلامي تهذيب ۽ اولهه جي جديد سيڪيولر تهذيب جي وچ ۾ رهيو آهي.دنيا جي هر تهذيب ڪائنات جي جوڙ جي باري ۾ پنهنجو نظريو رکي ٿي.اهو نظريو تهذيب جا ٻيا سمورا وچور طيء ڪندو آهي.ان ڪري دنيا جي هر تهذيب پنهنجو هڪ بنيادي تصور يعني ”خدا جو تصور“ رکي ٿي.عيسائيت ۾ ٽن خدائن جو ذڪر آهي ته اسلام ۾ اڪيلي خدا جو.جيڪي ماڻهو ڪنهن به خدا کي نٿا مڃين اهي به مادي،انسان،فطرت يا سرمايي جي خدائيء جا قائل ضرور آهن.مختصر اهو ته دنيا جي ڪابه تهذيب خدا جي تصور کان خالي ناهي.اهو تهذيب جو پهريون اصول آهي.ڪنهن به تهذيب لاء بنيادي سوال اهو آهي ته هيء ڪائنات ڇا آهي؟ انسان جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي جنهن لحاظ کان سندس ڪردار مقرر ڪيو وڃي.انسان هن ڪائنات ۾ خدا آهي يا خدا جو بندو آهي؟ ان اصول کي خالص علمي زبان ۾ الاهيات (Ontology) جو اصول چئبو آهي.اسلامي تهذيب ۽ مغربي تهذيب ۾ به بنيادي فرق انهيء ئي ”تصور خدا“ جو آهي.اسلامي تهذيب ۾ هڪ اڪيلي ذات ”الله“ جي ئي آهي جيڪو ڪائنات کي خلقڻ ۽ هلائڻ وارو آهي.اولهه جي تهذيب جي سوچ مطابق هيء ڪائنات پاڻهي بنان ڪنهن خالق جي وجود ۾ آئي آهي ۽ ڪائنات مرحليوار ۽ هڪ خود ڪار عمل ذريعي پنهنجي پيدائش ۽ هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي آهي.اولهه جي تهذيب موجب انسان پاڻ ئي سڄي ڪائنات جو محور ۽ مقصد آهي جيڪو ڪنهن به مٿانهين هستيء جو پابند ناهي.

    تهذيبن جي سڃاڻپ جو ٻيو اصول اهو آهي ته دنيا جي هر تهذيب يقيني ۽ حتمي علم جو ڪو نه ڪو شعور ضرور رکي ٿي.اهو شعور ٻڌائي ٿو ته يقيني علم ڪٿان حاصل ٿئي ٿو؟اسلامي تهذيب جي سوچ آهي ته يقيني ۽ حتمي علم رڳو وحي ذريعي حاصل ٿي سگھي ٿو،باقي ٻين ذريعن حاصل ٿيندڙ علم کي وحيء جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو.جديد مغربي تهذيب جو علم جو نظريو اهو آهي ته علم جوحتمي ۽ يقيني ذريعو رڳو سائنس آهي ۽ سائنس ئي ٻئي هر علم جي قدر ۽ قيمت جو فيصلو ڪندي.علمي زبان ۾ ان اصول کي علم جو ذريعو يا (Epistemology) چئبو آهي.

    تهذيب جي سلسلي ۾ ٽيون اهم سوال اهو آهي ته زندگي ۽ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ اهو Efficient Cause جو اصول سڏائي ٿو.هتي اسلامي تهذيب ٻڌائي ٿي ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود زندگي جي وجود ۾ اچڻ جو واحد سبب الله تعاليٰ جو ارادو آهي.ڪائنات جي خالق ”ڪن“ چيو ۽ ڪائنات توڙي ان ۾ موجود هر زندگي وجود ۾ اچي ويئي.آدم عليه السلام پهرئين ڏينهن به انسان هو ۽ اڄ به انسان آهي.ان جي ڀيٽ ۾ جديد تهذيب جو اعلان آهي ته انسان ڊارون جي نظريي مطابق هڪ ڪيڙي مان اوسر ڪري انسان بڻيو آهي.دنيا جي هر تهذيب انساني ڊوڙ ڊڪ لاء ڪنهن نصب العين جو فيصلو ضرور ڪيو آهي.انسان آڏو اهو سوال سدائين اهم رهيو آهي ته سندس سموري ڊوڙ ڊڪ جو حاصل ڇا آهي؟ اهو ڪهڙو مقصد آهي جنهن لاء انسان پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ توانائيون ۽ وقت خرچ ڪري ٿو.انهيء کي حتمي سبب (Final cause) چئجي ٿو.اسلامي تهذيب الله جي رضا ۽ آخرت ۾ نجات کي انساني ڪاوشن ۽ ڪوششن جو محور قرار ڏئي ٿي.جديد تهذيب موجب انساني ڪاوشن جو اڪيلو مقصد رڳو مادي ترقي آهي.جهڙيء طرح انسان پنهنجن خوبين تي ضد ڪري ٿو اهڙيء طرح هر تهذيب نه رڳو برائي،ڀلائيء جو پنهنجو نظام رکي ٿي بلڪه انهيء تي ڄمي بيهي ٿي.مختلف تهذيبن جو پنهنجن قدرن تي اهو سندرو ٻڌي بيهڻ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي تهذيبي ٽڪراء کي جنم ڏئي ٿو.فرانس ۾ مسلمان عورتن کي زبردستي پردو ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.اسڪولن ۾ شاگردياڻين کي اسڪارف پائڻ کان منع ڪئي پيئي وڃي.ٻئي پاسي مسلمان عورتون پردي ڪرڻ جي حق کان هٿ کڻڻ لاء ڪنهن طرح تيار ناهن.اهو ننڍڙو مامرو ان تهذيبي ٽڪراء جو هڪ مثال آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو