”اسٽرنگ ٿيوري“ جو انڪار ڇو نه؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مفاصلو 93 ارب نوري سال آهي ۽ اها لاڳيتو پکڙجي رهي آهي.روشنيء جي رفتار ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.جيڪڏهن روشنيء جو ڪرڻو هڪ ڇيڙي کان سفر شروع ڪري ته اهو ڪڏهن به ٻئي ڇيڙي تائين نٿو پهچي سگھي يعني سائنس وٽ ڪو اهڙو طريقو موجود ناهي جنهن ذريعي ڄاڻي سگھجي ته ڪائنات جي ٻئي ڇيڙي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ البت ”هائر ڊائمينشنز“ ۾ پهچ سان اهو ممڪن آهي.”اسٽرنگ ٿيوري“ مطابق وقت کي ملائي ڪل يارهن ڊائمينشنز ٿين ٿيون جن مان اسان رڳو ٽن ۾ قيد آهيون.اسان جي چوٿين ڊائمينشن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ان کي هڪ مثال ذريعي سمجهو.فرض ڪريو ته ڪا مخلوق ٻن ڊائمينشنز تائين محدود آهي يعني ڪاغذ جي هڪ ٽڪري اندر.جيڪڏهن اها ڪاغذ جي ٽڪري مان نڪري اوهان جي ڪمري ۾ اچي وڃي ته ان کي اوچتو ايتري قدر گھڻي ڊيٽا کي پنهنجي حسيات ۽ دماغ سان سنڀالڻو پوندو جو اهو مائوف بڻجي ڪري رهجي ويندو ۽ هوڏانهن اهڙن تجربن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ان لاء ممڪن نه رهندو.ساڳيو حال اسان جو ٿيندو جيڪر اسان چوٿين ڊائيمينشن ۾ هليا وڃون.ته اها ڳالهه آهي جيڪا سائنس به مڃي ٿي.پوء وري اهي ماڻهو آهن جيڪي سمهڻ مهل جسم مان آزاد ٿي روحاني سفرن جو تجربو ڪري چڪا آهن. جيڪي هوا ۾ ٽنگجي پاڻ پنهنجي ستل جسم کي ڏسي سگھن ٿا ۽ ٻين روحاني جسمن سان ملاقات ڪري سگھن ٿا ۽ مختلف مشقن ذريعي اها ڪيفيت پنهنجي مرضيء سان به پنهنجي مٿان طاري ڪري سگھن ٿا.ڄڻ ته هائير ڊائيمينشن ۾ وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن کي Out of body experience چئجي ٿو.

    اهڙيء طرح اسان جو دين جڏهن معجزن،ڪرامتن،برزخ،آخرت،جنت،جهنم جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهي سمجھو ته اهي ڊائيمينشنز آهن جن جي ڪيفيت اسان جي ٽن ڊائيمينشنز جي عادي ۽ انهن ۾ قيد عقل سمجھڻ کان لاچار آهي.هاڻي جيڪي ماڻهو عقل کي ڪسوٽي مڃين ٿا اهي انهن ”غيبي“ معاملن جو انڪار ڪري ڇڏين ٿا. اهي ماڻهو ٻئي قسم جي ماڻهن جي روحاني سفرن کي به سندن وهم قرار ڏيڻ لڳن ٿا ۽ نبين سڳورن جي ذاتي تجربن مثال معراج جي واقعي جو به مذاق اڏائڻ لڳن ٿا پر جڏهن” نيل ڊي گراس ٽائيسن “ جهڙو ملحد انهن کي اسٽرنگ ٿيوري پڙهائي رهيو هوندو آهي ته ڪنڌ لوڏڻ ۽ واه واه ڪرڻ لڳن ٿا.توڙي جو هو پاڻ مڃي رهيو هوندو آهي ته اسان جي فزڪس جا قانون هائير ڊائمينشنز ۾ لاڳو نٿا ٿين.جنهن بنياد تي اوهان مذهب جي غيبي معاملن جو انڪار ڪيو ٿا،روحاني سفر ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا.جنات سان تعلق پيدا ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا عين ان بنياد تي اسٽرنگ ٿيوري جو انڪار ڇو نٿا ڪريو؟جڏهن ڪو ملحد ناول نگار لکي ٿو ته فلاڻي ڪردار هڪ ”غير مرئي دروازي“ ( وارپ پوائنٽ) مان گذري چوٿين ڊائيميشن ۾ وڃي ڪري پنهنجن ساٿين کي ڏٺو ته ان کي سندن هڏين جو گودو به نظر نه اچي رهيو هو ته انهيء تي اوهين داد ڏيئي نچڻ ٽپڻ لڳو ٿا پر اها ئي ڳالهه جڏهن حديث ۾ جنت جي حورن جي باري ۾ اچي ٿي ته اوهان مذاق اڏائڻ لڳو ٿا.اصل سبب اهو آهي جو مذهب جي غيبي شين کي مڃڻ جي صورت ۾ انهن غيبي شين جي خبر ڏيندڙ خدا کي به مڃڻو پوي ٿو ۽ ان جي بندگي به اختيار ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوء ان جي هر ڳالهه کي مڃڻو پوي ٿو ۽ هن کي ناراض ڪندڙ هر ڳالهه کان به بچڻو پوي ٿو جڏهن ته اهي ماڻهو هن دنيا جو هر مزو حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.بنان روڪ ٽوڪ جي عياشيون ڪرڻ گھرن ٿا،جيڪو جيء ۾ اچي سو ڪرڻ گھرن ٿا.بلڪل انهن ٻارن وانگر جن کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي ڪا خبر نه هوندي آهي.جيڪي وڏن کي رڳو ان ڪري خراب سمجھن ٿا جو اهي کين روڪين ٽوڪين ٿا،مٿانئن ڪي پابنديون لڳائين ٿا،کين زوريء اسڪول موڪلين ٿا،خراب حرڪتون ڪرڻ کان روڪين ٿا،گنديون شيون کائڻ کان منع ڪن ٿا.توڙي جو انهن جي پنهنجي عقل مطابق نه اسڪول وڃڻ ضروري هوندو آهي ۽ نه اها ڳالهه خراب هوندي آهي جيڪا اهي پنهنجي دل سان ڪري رهيا هوندا آهن.نه وري سندن نظر ۾ اها شيء گندي هوندي آهي جيڪا اهي کائڻ پسند ڪندا آهن.ته پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ ملحدين به اصل ۾ذهني طور تي اهڙا ئي بي سمجھه ٻار آهن جيڪي هر ان شيء کي رد ڪري ڇڏين ٿا جيڪا شيء سندن نابالغ ذهن ۾ سمائجي نه سگھي.

    ۔
     
    نورعلي پاشا ميمڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نورعلي پاشا ميمڻ

    نورعلي پاشا ميمڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2020
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ڪاروباري
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪائنات جي جوڙجڪ عقل کان مبرا آھي ۽ انھيءَ کي عقل جي ڪسوٽي تي پرکي نٿو سگھجي پر ھا انھيءَ کي سمجھڻ جي لاءِ عقل جي ضرورت آھي، ڪائنات جا ڳجھا راز تہ اڃان ڪيترائي پري آھن پر انھيءَ عقل جي ڪسوٽي تي پرکڻ وارا قرآن جي رازن کان انڪار ڪرڻ وارا اڄ مجبور آھن تہ انھيءَ کي عقل کان مٿانھون ڪري سمجھجي، عقل چوي ٿو تہ باھ ساڙي ٿي، عقل چوي ٿو تہ ڇُري ڪٽي ٿي، عقل چوي ٿو تہ انسان بغير ڪنھن مصنوعي ساھ کڻڻ واري آلي جي پاڻي ۾ وڌيڪ دير زندھ نٿو رھي سگھي. پر جيڪر عقل سچو آھي تہ باھ حضرت ابراھيم کي ساڙي ھا، ڇُري حضرت اسماعيل کي ڪٽي ھا ۽ حضرت يونس مڇي جي پيٽ ۾ جيئرو نہ رھي سگھي ھا.... پر ائين نہ ٿيو جو سڀ مالڪ جي ھڪ جي تابع آھن. اھڙي طرح اڄ عقل تلوار کنيو بيٺو آھي تہ جيئن آئون چوان ٿو انھيءَ تي عمل ڪريو توھان بچي ويندا.... ننڍا ھوندا ھئاسين تہ وڏن جي واتان دجال جو ڳالھيون ٻڌندا ھئاسين.... جنھن ۾ ھڪ ڳالھ اھيا بہ ھئي تہ دجال چوندو مونکي پنھنجو خدا تسليم ڪريو .... ڇو جو آئون توھان کي زندگي ڏئي سگھان ٿو ۽ توھان کي موت بہ... ڇا اڄ جي صورتحال انھيءَ تي ڀيٽ نٿي ڪري؟ اڄ عقل چوي ٿو تہ لڪ، پنھنجي رب جي گھر ۾ نہ وڃ عبادتن جون جڳھيون خالي ڪري ڇڏيو ڇو جو اتي توھان جي رب وٽ توھان کي ڪجھ ناھي ملڻو .... آئون جئين چوان ٿو تئين ڪريو.... ۽ عقل واقعي بہ تسليم ڪري ٿو تہ يار واقعي ... احتياط لازم آھي مسجد ۾ يعني اللہ جي گھر ۾ گڏ ٿياسين تہ مارجي وينداسين خبر ناھي ڪير بيماري کڻي لڳائي وڃي وبا ڦھلجي وڃي.... ڇا اڄ اسان جو عقل اسان کي روحانيت ۽ پنھنجي دين کان پري پيو ڪري، دين جا وڏا وڏا مفتي ۽ عالم جيڪي رب جي گھر ۾ پنھنجي مرڻ کي پنھنجي وڏي خوشنصيبي سڏيندا ھئا... اڄ اھي ئي مختلف فتوائون ڏيو اسان کي ٻڌائين پيا تہ متان گڏ ٿيا آھيو رب جي گھر ۾...”آئون ڪو ملو ناھيان نہ ئي ھن کان اڳ ڪو مسجد ۾ وڃي پنج وقت نماز پڙھندو ھئس، جنھن جي مونکي ڪا تڪليف ٿي آھي پر منھنجو عقل ٻڌائي ٿو تہ اھيو دجالي دور آھي ... ۽ عقل اسان جو خدا آھي جنھن جي چوڻ تي نہ ھلياسين تہ مارجي وينداسين... پر جي انھيءَ جي مخالف ھلياسين تہ بہ مارجي وينداسين... پر ھڪ موت رب جي در ۽ انھيءَ جي رضا لاءِ ٿيندي ٻئي موت .... عقل کي خدا سمجھي ھن کي دنيا جو دجال بڻائي موت کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي حرام موت مرنداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو