اي سنڌ جا علي!

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    53
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    اي سنڌ جا علي!
    مير سردار چنڙ


    سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستار اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي پڻ هڪ آهي . علي بابا 1945ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ) ۾ محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو سندس نالو علي محمد رکيو ويو ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي ليول تي ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو .
    علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا علي بابا جو پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو جيڪو ڪوٽڙي لڏي آيو عليءَ پرائمري تعليم نانگو لائن ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شيردل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته عليءَ هڪ ڇوڪري کي ڀوندو (بجو) ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحان سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي پيو.
    علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرٿي ٿيو جتي ست سال نوڪري ڪيائين بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسٽنٽ ميئنيجر طور ڪم ڪيائين 1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين .
    علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هئائين جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جوسفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ مون اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئي هئس.
    اهڙي طرح علي ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لاڳاتار سلسلو هلائيندي 1965ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي ميگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ رسالي جي آخر تائين شايع ٿيندو رهيو
    علي بابا پنهنجي قلم کي سچي ۽ نيڪ نيتي سان هلايو هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهيئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو سنڌو درياءُ ڪارونجھر جبل ٻيڙي مهاڻا ۽ تاريخ هئي
    علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي واري موجن ۾ ڏسان ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا ڏسان سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسان نه ڪي پنجاب جي فيڪٽرين جو ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسان علي بابا سنڌو کي ٻيهر موجن ۾ ڏسڻ چاهي پيو .
    علي پنهنجي جيون ۾ 300 کان مٿي ڪهاڻيون ريڊيو ڊارما لکيا علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا هن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺ تي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ رني ڪوٽ ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ” ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي “ ۾ لکي ٿو ته ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا جيتوڻيڪ حفيظ شيخ حميد سنڌي غلام نبي مغل نسيم کرل نوان موضوع آندا هئا پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو اها ڳاله 1960ع جي آهي .
    علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو هر وقت پيو لکندو هو سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي اهن گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف چڪڻ ڄاڻيندا آهن ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن سنڌو کان ويندي ڪارونجهر ڪينجھر رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيو سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن علي بابا ، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي ، اسان ماڻهو ، علي بابا جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي ڪيترائي ڊارما لکيا 100 کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور ٿيا
    دنگي منجهه درياءُ
    دُنگي منجهه درياءُ علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن سرجي سگھي ٿو 1976ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي 79 ملڪن حصو ورتو هو ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو هن ڊارمي ۾ سنڌو درياءُ جي جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعلي طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪيو آ سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استمعال ڪئي آهي پهاڪا پن شامل آهن هن ڊارمي جا ٽي مرڪزي ڪردار شامل آهن ڍانڍي (مڙس) ڏاڻو (زال) ساماڻو (پٽ ) علي بابا ٽنهي سان برابر انصاف ڪيو آهي انهن ٽنهي مان ڌاڻو تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جو ڪجه منظر هيٺ پيش ڪجن ٿا
    ”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙِ درياهه ۾ چير وجھندي،هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي ڪئمرا ڌاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽنڊي ٿي ڏيکاري اوچتو ڌاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي .
    ٻار : آن آن....موندو ڦوتنو.... آن... آن... آن.... مونديو ڦتو
    (هيج مان)
    ڌاڻو : الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري س،هي پئُه لطيف جو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه. هان وٺ ويبي“
    ***
    ”؟ڍانڍي : رن، منڇر مان لڏيئي، ڪينجهر مان لڏايئي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟
    ڌاڻو : ڇو، وات ڇو بند ڪريان ؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريوم مڇيون به ڪون هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون_ او.... ڪوٽڙي واري پل تان بيهنديساءِ
    (منشي کي نهاري نماڻيءَ مان)
    ڍانڍي : صائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي
    (ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان)
    ڌاڻو : ڇو ؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم .
    هي سين نمبر ون 1 مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن“
    علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدابهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينه بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدابهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو هي گيت درياه جي درد تي سمايل گيت آهي جنهن ۾ علي درياهه جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن
    اسين ماڻهو لاڙ جا
    درياهه جي پڇاڙ جا
    اُترڙو ٿو لڳي
    اُترڙو ٿو لڳي الا
    واسڙو لڳي
    جھڙيل جھوپڙا پنهنجا
    هانوَ به هڄيل پنهنجا
    تو بن منهنجو ڙي راڻل
    روحَڙو نه لڳي
    اسين ماڻهو لاڙ جا
    درياهه جي پڇاڙ جا
    اُترڙو ٿو لڳي

    تو سين منهنجا جھيڙا
    توسين منهنجا ميڙا
    توکي ڏسيو ڙي راڻل
    ساهڙو ٿو کڄي
    ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا
    اسين ماڻهو لاڙ جا

    سنڌ باد جو سفر
    علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو هن ناول اندر سنڌباد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياءُ بادشاه جو سير ڪري ٿو هن ناول ۾ ۾ درياءُ ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان هوٿل پري ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به اڻپورت جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي هان ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي هان.
    علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان هان ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول “ سهڻي نموني ڏيان هان ته ناول وڏيڪ اثرائتو ٿئي هان.
    موهن جو دڙو
    علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي هن ناول شاهڪار ناول 2 حصن ۾ اچڻو هو پر 2 حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي به ڪوهين ڏور هليو ويو باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.
    هن ناول جون ڪجهه قسطون 1968ع واري دور ۾ حميد سنڌي جي ميگزين ” روح رهاڻ “ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون ”روح رهاڻ“ تي بندش کان پوءِ بقايا قسطون شمشير الحيدري جي ميگزين ” نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيون هن ناول بابت مدد علي سنڏي لکي ٿو ته ” تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو . پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ ابزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين“
    مدد علي سنڌي جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿس ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين .
    علي بابا 1983ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو ان کان علاوه 1984ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا 1990ع ۾ موهن جو دڙو ناول 1993سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ 1996 ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا.
    علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو شاهه لطيف ڊوامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو
    سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار 8 آگسٽ 2016 سومر جي ڏينهن 71 سال 7 مهينا گذاري هميشه لاءِ سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو علي بابا جي وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽري جو نالو مٽائي علي بابا گورنميٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇو هان ته شايد علي اسان کي گھڻو ڪجهه اڃا ڏئي وڃي هان پر ڏئي به ڇو هان ؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي ؟ دُنگي مجهه درياهه جهڙو ڊرامو يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي ڇا ڇا ملي ها توهان سوچي به نٿا سگو پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضي مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو نه وٽس ڪو عهدو هو . علي اسان جي دل ۾ اڄ اسان جي دلين ۾ ميسارجڻ لڳو آ.
    احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءُ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته
    جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي کان دور ٿيند ا پيا وڃن ايئن علي اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي _ اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي اسان کان نه پر اسان علي کان ڏور ٿي پيا وڃون . آئون علي بابا جي نانءُ هي سٽون ڪندس
    ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون
    ملني ڪي نهين ناياب هم
    تعبير هي جس ڪي حسرتون و غم
    اي هم نفس وه خواب هي هم

    حوالا
    هڪ نظر هيڏانهن به : احمد شاڪر
    موهن جو دڙو : علي بابا
    سنڌ باد جو سفر : علي بابا
    سنڌي ادب : يوسف سنڌي
    ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي : مدد علي سنڌي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو