سنـڱ چٽـي م آيـل ھـڪ عـورت جي ڪـھاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    **سنڱ چٽي ۾ آيل ھڪ عورت جي ڪھاڻي* .
    *تحرير : سردار ظھير حسين ملوڪاڻي* .


    ھـن دنيا م ڪٿي نـہ ڪٿي ڪجھ نـہ ڪجھ ٿيندو رھـي ٿو ڪڏھن مھـل خوشين جي ذريعي ھر انسان جي چپن تي مسڪراھٽ لڳي پئي ھوندي آھي وري ڪٿي تہ ھان کي ڏاريندڙ ڪي اھڙا بہ واقعہ ھوندا آھن جيڪي فقط انسان کي روئڻ تائين محدود نہ رکندا آھن پر انھن تي ويچارو انسان ماتــم ڪري يا وري وڏي آواز سان روڄ راڙو ڪري پنھنجي اندر جي غم کي ٻاھر ڪنڍي ڪجـھ حصي تائين پنھنجي اندر کي خالي ڪندو آھي پر ان جي باوجود ڪي اھڙا بہ ڏک ھوندا آھن جيڪي انسان جي اندر کي کاھي اندر جو اندر م وڄندڙ دھل جيان خالي ڪري چڏيندا آھن اڄ مان بہ اھڙي ڏک طرف وڃي رھيو آھيان
    اڄ صبح جو مان وري ماري يار ڌرمو ڀيل جي طرف وڃڻ لڳس ماري يار ڌرمو ڀيل جو شھر م درزي وارو ھڪ دڪان آھي پر مان ان جي دڪان تي جڏھن ويو آھيان مارو يار سدائين ڪي نہ ڪي ڏک وارا ٻــول ٻڌندو رھندو آھي ء سندس دڪان جي پريان وري مائين جي ويم جي ھڪ پرائیويٽ اسپتال آھي ماري يارجي دڪان سامھون وري منھنجي وڏي ڀـاء جي دوسـت ساحل جو بجلي وارا دڪان آھي ان ڏينھن مارو يار پنھنجي دوڪان تي شاعر جاويد عالماڻي جا ھي ٻــول ٻڌي رھيو ھئو
    ھمـيشہ خدا ھونـدو صبـر وارن سـان ڳڏ آھي
    صـبر م فائدو پـوندو آھـی پـر ٿوري ديـر لڳندي آھي
    اھيي ٻـول ھليا پئي تہ دڪان جي اڳيان ھڪ ويھن سالن جي نوجوان چوڪـري ء ھڪ ڪراڙي شخص جو گذر ٿيو چوڪري نوجوان ھئي اوچتو ڏٺوسين تہ چوڪري ماري يار ڌرمو واري دڪان جي اڳيان بيھ رھين ء جيڪي ٻـول اسـتاد جاويد عالماڻي جا ھلي رھيا ھئا انھن کي غور سان ٻڌڻ شروع ڪيائین چوڪري کي برقو پاتل ھو فقط سندس اکيون ظاھر ھيون جن مان زارو قطار لڙڪ وھين رھيا ھئان ڄڻ ائین لڳي رھيو ھئو تہ ڪنھن جو ڪو تازو قضيو ٿيو ويو ھجي پر جئین ڪراڙي شخص ان رابيل جھڙي حسين چوڪري ڏانھن نھاريو تہ چوڪري بہ تڪڙا قدم ڀري تيز وڌڻ لڳي ء آئون ء مارو يار بہ دڪان مان نڪري انھن طرف وڌڻ لڳاسين پر اھي ٻئی سامھون واري اسپتال م ھليا ويا ء اسان جي نظرن اوجھيل ٿئی ويا پوء تہ اسان جون شيطاني سوچون شروع ٿئی ويون مارو يار مونکي چوي پيو چوڪري پاڻ سان نيڻ اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪري پئي پر سندس ڪراڙي پيء کان ڍڄي ڪري تڪڻو ھلي وئي پر منھنجي ذھن م ڪي سوال گرم ٿيل پاڻي جيان ٻڙڪڻ لڳا رھين نہ سگھيس ماري يار ڌرمو کان سوال ڪيم يار ڇو چوڪري پاڻ طرف ڏسي روئڻ لڳي ء پنھنجي پيء سان گڏ ويم جي اسپتال ڇو پئی وڃي ء ڏسڻ م بہ ايتري وڏي ڪونہ پئي لڳي پوء ويم جي اسپتال ڇو پئي وڃي اھيي سوال ٻڌڻ سان ئي ماري يار جو بہ منھن لھي ويو برحال اسان پريشان ٿي ويھي رھياسين اوتري م ماري ڀاء وارو يار ساحل بہ پنھنجي ڪم ڪار مان فارغ ٿي مونسان ملڻ ھليو آيو پوء تہ ڌرمو پنھنجي ھڪ شاگرد کي چاھي جو چيو خيرن سان ٿوري دير بعد چاھي بہ اچي وئي پوء تہ ٽنھي ڄڻن چاھت جي چاھي مان ڏاڍا ورتا مـزا پوء تہ دنيا جي ڳالھين م لڳي وياسين بحث ڇڙي ويو سياست جو تہ ڪنھن جي حڪومت ڀلي آھي پوء چوندا ڪونہ آھن جيترا وات اوتريون ڳالھيون پر ھتي تہ ٽي وات ھئان الھي ڪيتريون ڳالھيون ھيون ڳالھين ء چاھي جي مزن م مگھن ٿئي وياسين خبر ئي ڪونہ پئي ٽيم ڇا ٿيو آھي اوچتو ماري يار ڌرمو جو ھڪ شاگرد آيو ء چوڻ لڳو استاد شام ٿي وئي آھي مان گھر وڃان ان جا لفظ اڃان کٽا مس ھئان تہ ساحل جي دڪان جو ھڪ مزدور بہ اچي ڪري ساحل جي اڳيان دڪان جون چاٻيون فٽيون ڪيون تہ وڃي خبر پئي تہ سج پنھنجو مقررہ وقت پوري ڪري چنڊ کي گھرائي رھيو آھي پوء تہ چاھت وارا ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئی سين مان بہ وڃي ڪري پنھنجي بائیڪ کي چالو ڪئی پر اڃان روانو ٿيڻ وارو ھئس تہ ساحل دڪان تان نڪري مونکي چوڻ لڳو توھان ڪجھ دير پھريان شيرو ء سندس گھرواري کي عجيب ء غريب نظرن سان ڇو پي ڏٺو ان تي ڌرمو يڪدم وراڻيو اسان تہ ڪنھن بہ ڪونہ ڏٺو آہ اسانکي اھيا خبر ئي ڪونہ ھئي تہ ساحل جو اشارو ان جوان چوڪري ء ڪراڙي شخص طرف آھي مان بہ کڻي پچيومانس الھي ڪھڙو شيرو جنھن تي ساحل يڪدم وراڻيو اھيي ٻئي جيڪي ڌرمو واري دڪان جي اڳيان گذريا ھئان ء اسپتال جي طرف وڃي رھيا ھئان اسان بہ پوء سمجھي وياسين تہ ھي ان جوان چوڪري ء ڪراڙي شخص جي ڳالھ ڪري رھيو آھي پر الھي ڇو اسانکي ساحل تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ماري يار ڪاوڙ م ساحل کي چيو اھيو ڪئین ٿو چوي تہ اھيي ٻئی زال مڙس آھن ٿي سگھي اھيا جوان چوڪري انھي ھمراہ جي ڌي ھجي تنھن تي ساحل کلڻ شروع ڪيو اسان کي تہ ويتر ساحل تي ڪاوڙ اچڻ لڳي پر ساحل چوڻ لڳو انھن ٻنھنن کي مان چڱي طرح سان سڃاڻيان ٿو شيرو مــراد خان جو ڀاء آھي جنھن کي پوري ڳوٺ م ڪير بہ چوڪري ڪونہ پيو ڏي پر نصيب ڦٽل ھئو ان نياڻي جو جيڪي اھڙي بدبخت کي بخت سان ملي وئي مان جو اھيان ڳالھ ٻڌي تي بائیڪ بند ڪري ساحل کي دڪان جي اندر وٺي ڪري چيومانس يار سڀ کان پھريان تہ اھيو چئو جيڪو ڪجھ چيم اھو سب ڪوڙ آھي جنھن تي ساحل وراڻيو يار ظھير تون دنيا جو پھريو انسان آھي جيڪو چوي پيو مونکي سچي ڳالھ ڪوڙي ڪري ٻڌائي پوء مان بہ ٿوري دير ٿنڌو ساھ کڻي چيو مانس يار اھيو سڄو معاملو ڇا آھي جو اھيو گل جيڪو اڃان صحيح طرح سان ٽريو ئی ڪونہ ھو جو ايترو جلدي م ٻوسائجی ويو تنھن تي ساحل چيو يار مان سڄو ڏينھن ڪم ڪار آھي مان ٿڪجي پيو آھيان اھيا ھڪ وڏي داستان آھي صبح جو اگر حياتي رھين تہ ڪنداسين کڻي اھيا ڳالھ پر مان گھڻو زور لڳايو مانس پر ساحل منھنجي ھڪ نہ ٻڌئي نيٽ مان بہ چيومانس يار صبح جو اھيا سڄي داستان الف کان يا تائين ٻنڌو مائي پوء تہ چاھت وارا ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئي سين مان بہ بائیڪ تي سوار ٿئي اچي گھر پھتس ڪافي ساري رات ٿئي وئي ھئي گھر جا سڀ فرد ڀلي ستا پيا ھجن پر ھڪ فرد اھڙو بہ آھي جيڪو سڀني افرادن کي ستل نہ ڏسي تہ ان کي اوستڪ ننڍ نہ ايندي اھا آھي جيجل امڙ جئین بائيڪ کي بند ڪري پنھنجي ڪمري طرف وڌيس تہ امان مانی سان گڏ پاڻي بہ کنيو آئين مان بہ ھٿ ڌوئي ماني کائڻ شروع ڪئي پر جئین ھٿ ڌوئڻ لڳس تہ ھيٺ ڪرندڙ قطرن تي نظر پئي تہ ان جوان چوڪري جي اکين مان وھندڙ لڙڪن جو عڪس اچي منھنجي اکين م چاپجي ويو مان بہ خاموش ٿئي سوچيندو رھيس امڙ بہ منھنجي اڳيان ويھي رھي مونکي تہ محسوس ئي ڪونہ ٿيو تہ منھنجي اڳيان ڪير ويٺو آھي پر امان گھڻي دير تائين خاموش نہ رھي وڏي آواز سان چوڻ لڳي اڃان تہ خيرن سان بابا سائين بہ زندہ آھي پوء تونکي ڪھڙين زميوارين جو جو احساس پيو ٿئي جو ايترو سوچڻ لڳي ويو آھين مون بہ کڻي چيو امان اھڙي ڪا ڳالھ ڪونھي بس ماني مان ٻہ ٽي گرا گرا ھيم پر يار ان رات گھڻو ٿڪل ھيس پر ننڊ ھڪ پل بہ نہ آئي بس بي چيني سان صبح ٿيڻ جو انتظار نہ بلڪي ڪنھن مظلوم سان ٿيل ڏاڍ جو قصو ٻڌڻ لاء بيتاب ھيس گھڻي کوشش کان پوء رات جي پوئين حصي م وڃي ڪا ننڊ آئي پر اللہ سائين جا لک احسان آھن جو فجر نماز وقت سجھاڳ ٿي وۂي اٿي نماز پڙھي قرآن جي تلاوت ڪري رب پاڪ کي پاڏائي ٻاھر جو نڪتس تہ اڃان سج نڪرڻ م ڪافي ٽائم ھيو پر مان بائیڪ کي چالو ڪري شھر جي طرف وڌڻ شروع ڪيم ايترو جلدي پھتس جيترو جلدي موذن آزان ڏيڻ وقت مسجد جي طرف تيز وڌندو آھي مان بہ وڄي شھر پھتس پر اڄان ڏينھن ٿيڻ جي ڪجھہ روشني نڪتي ھئی مان بہ وڄي ڀنڀرن واري ھوٽل تان چائين جون وڄي ٻہ سرڪيون پريون پوء تہ سج بہ پنھنجي روشني سان جلوہ افروز ٿيو مان بہ اٿئي ساحل جي دڪان طرف وڌيس ڏسان کڻي تہ ساحل پنھنجي دڪان جو درواز کولي دڪان جي صفائي پيو ڪري ء سامان کي پنھنجي جڳھن تي پيو رکي مان بہ تڪڻو وڃي ڪري انکي سامان جي سٽينگ ڪرائڻ م لڳي ويس ان تہ ويچاري ڪم کان گھڻي روڪيو پر سائين مونکي تہ جلدي ھئي ڏاڍ جو قصو ٻڌڻ جي ساحل بہ ويچاري سامھون واري ھوٽل تا چائي گھرائي چائي ڪوپن م وھجي ڪري اڳيان رکي پر سائين ساحل کي تہ مان چائي جي سرڪي بہ نہ پيئڻ پيو ڏيان نيٺ ويچاري ساحل تڙتڪڙ م چائي جون سرڪيون ڀري ڳالھ ڪرڻ شروع ڪئي ساحل چيو يار ظھير ڪجھ ٽائم پھريان جي ڳالھ آھي اسان کان اڳئين ڳوٺ م ھڪ گھر وسندو ھئو جنھن م ڌڻي بخش نالي ھڪ شخص رھندو ھئو جيڪو پنھنجي گھرواري جنت سان گڏ ڏاڍو خوش رھندو ھئو سندس ٻہ پٽ ء ھڪ نياڻي جو اولاد ھئو ارسل تہ اٺ سالن جو ھئو پریل چھ يا ست سالن جو ھوندو پر سندن ڀيڻ سيرت پنجن سالن جي مس ھوندي ھئي ڌڻي بخش ويچارو ڏينھن ساگي مزدوري ڪرڻ لاء شھر جي طرف نڪري ويندو ھئو ٻار وري ويچارا اسڪول طرف ھليا ويندا ھئان ء مائي جنتي وري ويچاري اٿي ڪري گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ م مشغول ٿئي ويندي ھئي ساحل چيو يار ظھير ھئان تہ ڏاڍا غريب پر ڏاڍا خوش رھندا ھئان ء ڏاڍا سکيا وسندا ھئان پر الھی ڪھڙي ظالم جي نظر لڳي جو سڄيو ويڙو ويران ٿئي ويو يار وقت گذرندو رھيو ٻار بہ نوجوان ٿيڻ لڳان ارسل تہ ٻارانھن درجا پاس ڪيان پريل ويچارو بہ يارانھن ڪلاس جو شاگرد ٿيو باقي سيرت ويچاري فقط پنج درجا پاس ڪيان ڌڻي بخش پيرسني جي طرف قدم وڌائڻ لڳو مائي جنتي بہ ويچاري وڃي پيرسني جو در وسايو وقت گذرندو رھيو پر ايتري تيزي سان گذرندو ڪنھن کي خبر ئي ڪونہ ھئي ارسل شڪل جو ڏاڍو موچارو ء قد فٽ م بہ صحيح ھوندو ء ڏاڍو سلجھيل ڇوڪرو ھو پر ڪن ڳوٺ جي برن ڇوڪرن جي سٿ جو وڃي ساٿي ٿيو پريل ويچارو پنھنجي تعليم ڪرڻ م مشغول رھيو باقي سيرت ويچاري پنھنجي امڙ سان گھر جو ڪم ڪار ء سھلين سان راند روند م مشغول رھڻ لڳي ء ڏاڍي خوش رھڻ لڳي پيء ء مان جي ھڪ تہ نياڻي ھئي ء ٻئي ڏاڍو ڀائيندا ھئس پر چوندا آھن نياڻي تہ رحمت ھوندي آھي پر ايڏي پيار جي باوجود ڌڻي بخش ويچارو انھي ڳالھ طرف بلڪل متوجہ ڪونہ ھئو تہ سندس ٻار ھاڻ ٻار نہ رھيا آھن بلڪي نوجوان مڙس وڃي ٿيا آھن مائي جنتي بہ انھي ڳالھ جي طرف بلڪل متوجھہ ڪونہ ھئي تہ سندس پيٽ ڄائو بہ ائين ڪري سگھي ٿو ھڪ دفعي شام جي پھر ڌڻي بخش ڌڻي بخش مزدوري کان موٽي ڳوٺ جي طرف اچي رھيو ھئو تہ گس پنڌ م پوڙھو بورل گڏجي پيس پھريان تہ ھڪ ٻڪي حال احوال وٺڻ لڳا پوء ٻارن ٻچن جي باري م پچڻ لڳا بس مڙي ڳالھين مان پئي ڳالھيون نڪتيون پر پوڙھو ڀورل چوڻ لڳو يار ڌڻي بخش تنھنجو وڏو ڇوڪرو ارسل تہ تنھنجي دسترس مان صفا نڪري ويو آھي پر خير ڪا ڳالھ ڪونھي وقت ايندو تہ پاڻ خبر پئجي ويندس تہ مان ڪھڙي طرف وڃي رھيو آھيان ڀورل جي لاء تہ اھيان ھڪ ڳالھ جيان ڳالھ ھئي پر ويچارو ڌڻي بخش تہ صفا پريشان ٿئي ويو ء پوڙھي ڀورل کي چوڻ لڳو خير تہ آھي جنھن تہ ڀورل وراڻيو ڇا تونکي ارسل بابت ڪنھن ڳالھ جي ڪا ڄاڻ ڪونھي ان تي دڻي بخش چيو منھنجو ڄائو آھي مونکي خبر نہ ھوندي تہ ڪنھن کي خبر ھوندي خيرن سان ھن سال ٻارانھن درجا پاس ڪنيان اٿس ھاڻ وري سدائين چوي نڪرندو آھي تہ ڪنھن سٺي يونورسٽي م داخلا وٺي اڳتي تعليم حاصل ڪيان بس ائين چئي ڪري اسان جي پيرن تي ھٿ رکي ء اسان بہ پٽن تي ٽپي ڏئي ڪري دعا ڏيندا آھيو اللہ تعالي ڪامياب ڪندي پوء تہ موڪلائي شھر جي طرف روانو ٿيندو آھي پوء تہ ڪنھن مھل رات جو سوير يا ڪنھن مھل رات جو دير سان ايندو آھي ان تي پوڙھي ڀورل وراڻيو يار سدائين ڪو داخلا وٺڻ ڪونہ ويندو آھي بلڪي ارسل تہ نواز ء منٺار واري پٽن سان گڏ سڄي ڳوٺ م پيو رلندو آھي تونکي خبر تہ آھي نواز ء منٺار وارا پٽ ڪيڏانھن تہ لوفر قسم جا انسان آھن پاڻ تہ نہ سنڌريا پر جيڪو سندن سٿ جو ساٿي ٿيندو آھي انکي بہ ڪونہ ٿا سڌرڻ ڏين بلڪي مون تہ ٻڌو آھي ارسل جو مراد خان جي ڌي سان ڪو چڪر پيو ھلي اھيو سڀ ڪجھ ٻڌڻ سان تہ ويچاري ڌڻي بخش جي پيرن مان ڄڻ زمين ئي نڪري وئي پر ڌڻي بخش ويچارو منھن جي پڪائي ڪري گھر جي طرف ھليو آھيو پر انھن ڳالھين تہ ڌڻي بخش کی صفا لا جواب ڪري چڏيو نيٺ اچي گھر رسيو رات بہ ٿيڻ واري ھئي ڌڻي بخش بہ اچي کٽ تي ويٺو مائي جنتي سيرت کي سڏ ڪري چيو گل پاڻي جو گلاس ڏي پنھنجي پيء کي پر ويچارو ڌڻي بخش تہ ڏاڍو پريشان ھئو پر سيرت کي ايندي ڏسي عارضي طور تہ پنھنجي چھري تہ ڪجھ مسڪراھٽ آڻڻ م ڪامياب ويو بھرحال ڪافي ساري رات ٿئي وئي ھئي پريل ء سيرت ماني کائي سمھي پيا مائي جنت بہ ويچاري وڃي کٽ جو پاسو جھليو باقي ڌڻي بخش ويچارو پيو ننڍ م وفلجي ء دل م پيو خيال ڪري تہ اللہ ڪري پوڙي ڀورل واريون چيل ڳالھيون ڪوڙ ھجن ء ارسل جي اچڻ جو بي چيني سان انتظار ڪرڻ لڳو ء مائي جنت کي چئي تي تون ڀلي سمھي رھ اڄ ارسل کي مان پاڻ ماني ء پاڻي کڻي ڏيندم مائي جنت اڳئي ٿڪيل ھئي اھا ويچاري بہ اھيو ٻڌي سمھي رھين گھڻي دير کان بعد م ارسل جي بائيڪ جو آواز م ٻڌڻ م آيس ڌڻي بخش گھر جي رڌڻي مان ماني ء پاڻي کڻي ارسل جي کٽ تي ويھي رھيو ارسل بہ اچي بائيڪ بند ڪري پنھنجي کٽ طرف اچڻ لڳو پر پيء کي سندس کٽ تي ويٺل ڏسي ارسل جي چھري جو ئي رنگ تبديل ٿئي ويو پر ارسل منھن جي پڪائي ڪري چوڻ لڳو بابا خير تہ آھي اڄ توھان ماني ھٿ م کڻي ويٺا آھيو جنھن تي سندس پيء وراڻيو پٽ ڪا پريشاني ڳالھ نہ آھي اڄ سوچيم تہ مان ڏينھن سانگي مزدوري ڪرڻ لاء نڪريو ٿو وڃان تون بہ صبح جو سوير پنھنجي ڪم ڪار سان نڪريو ٿو وڃي پوء تہ شام جو ٿا واپس اچو ٿڪل ھوندا آھيو ھڪ ٻھڪي ڪي حال احوال نٿا ٿين اڄ دل م خيال ڪيم تہ ماني ڏيڻ جي بھاني توکان ڪي حال احوال وٺان پوء تہ ارسل بہ ٿورو خوش ٿئي ماني کاڌي ماني کان بعد م پيء ء پٽ م حال احوال شروع ٿيان ڌڻي بخش چيو پٽ داخلا ملي وئي ارسل چيو بابا ڪوشش م لڳو پيو آھيان جنھن تي سندس پيء چيو پٽ اللہ ڪندو ملي ويندي پھريان تہ ڌڻي بخش سوچيو ٿي سگھي ٿو ڀورل واريون ڳالھيون بي بنياد ھجن پر دل م ويچار ڪئي تہ ارسل کا پچي وٺان ء چوڻ لڳو پٽ مون ٻڌو آھي تون نواز ء منٺھار جي پٽن سان سنگت رکي آھي پٽ خبر تہ اٿئي اھي ھڪ قسم جا لوفر آھن اھيو تہ ٺيڪ آھي پر تنھنجو ڪو مراد جي ڌي سان ڪو چڪر ھلي پيو انھن ڳالھين تہ ارسل جي چھري جو ئي رنگ تبديل ڪري چڏيو ارسل تہ مختلف جواب ڏيڻ لڳو پر سندس والد ھر دفعا پيو ساڳين ڳالھين کي تڪرار ڪري ء چوڻ لڳو پٽ اسان جو خيال نہ اٿئی تہ پنھنجي نوجوان ڀيڻ جو تہ ڪجھ خيال ڪر پر ارسل تي ڄڻ ٻڌي ڪونہ پيو ء والد سان صفا تلخ ڪلامي ڪرڻ لڳو ء چوڻ لڳو مونکي ننڍ پئي اچي توھان ھاڻ منھنجي پچر چڏيو ويچار ڌڻي بخش بيوس انسان جيان اٿي اچي پنھنجي کٽ تي لٽي پيو يار ظھير اھا رات بہ اچي وئی جنھن رات ارسل پنھنجی لوفرن دوستن سان گڏ مراد جي ڌيء کي ڀڃائڻ جو ڪو پروگرام رٿيو ھو بس يار ارسل تہ ان چوڪري کي گھر مان ڪنڍڻ م ڪامياب ويو پر ھاڻ جيڪا قيامت ڌڻي بخش لاء اچڻي ھئی اھا تہ اللہ ٿو ڄاڻي بس ھاڻ صبح ٿيڻ جي دير ھئي پرڌڻي بخش ء مائي جنتي کي ڪا خبر ڪونہ ھئي تہ صبح وارو سج انھن لاء قيامت ڀرپا ڪرڻ وارو اڀرندو صبح جو ڪجھ سوجرو نڪتو ھو تہ ڳوٺ جي ھرماڻھون جي زبان تي ارسل ء مراد جي ڌي جا چوٻول ھئان بس حاجي داد وارو پٽ رضوان ڌڻي بخش جو درواز کڙڪايو ويچارو ڌڻي بخش ننڍ مان اٿي دروازي طرف وڌيو در کولي چوڻ لڳو پٽ خير تہ آھي جنھن تہ رضوان چيو چاچا خير ئي تہ نہ آھي ارسل مراد واري ڌي راڻي کي ڀڄائي ويو آھي ڌڻي بخش جيئن اھيان ڳالھ ٻڌئي تہ بيھوشي وارا دورا اچڻ شروع ٿيس پر ويچار پاڻ کي سنڀاليندي اچي پنھنجي کٽ تي رسيو پر اھيا خبر جڏھن گھر جي ٻين فردن کي پئي تہ قيامت صغري جا منظر ٿئي ويو بس جڏھن سج پنھنجي روشني سان مڪمل جلوہ افروز ٿيو تہ ڳوٺ جي وڏيري شاھنواز ڌڻي بخش کي گھرايو ڌڻي بخش بہ ٿڪل ڳيري جيان اچي وڏيري جي اڳيان پيش ٿيو وڏيرو شاھنواز چيو ٽن ڏينھن جي اندر مراد جي چوڪري واپس ڪرائي ڏئی وڏيرو اھيي جملا چئي اندر ھليو ويو حالاتن کان مجبور ويچار ڌڻي بخش اچي گھر رسيو مائي جنتي کي چوڻ لڳو وڏير ٽن ڏينھن جو ٽائم ڏنو آ چوڪري واپس ڪري ڏيو ھاڻ ويچارو ڪري تہ ڪري ڇا پر پيرل ٿورو اٿي وٿي وارو ماڻھون ھو جيڪو ارسل جي تمام سٿ کي سڄاڻيندو ھو پوء تہ ارسل جان ھرروز قاصد جيان ارسل جي ھر دوست ڏي پنڌ ھوندا ھئان نيٺ وڃي ڪا ھڪ ڏينھن ارسل بابت ڪا خبر پيس پر يار ظھير دير جام ٿئی ويس ارسل ان چوڪري سان ڪورٽ سڳوري م شادي ڪري چڏي ھئي پر پيرل ارسل ء ان چوڪري کي ساڻ ڪري اچي گھر رسيو پھريان تہ ڌڻي بخش جيئن ارسل کي ڏٺو تہ زارو قطار روئڻ لڳو پر ھاڻ ويچارو ڪري تہ ڪري ڇا برحال ڌڻي بخش وڃي وڏيري شاھنواز جا پير جھليا تہ مراد خان کي منٿ ميڙ ڪري پرچڻ لاء چئوس وڏيري ٻئين ڏينھن مراد خان ڏانھن نياپو ڪري بنگلي تي گھرايو پر مراد خان پرچڻ کان بلڪل انڪار ڪيو تنھن تي وڏيري آخر انھي مسئلی جو حل ڇا ڪنڍو تنھن تي مراد خان وراڻيو سائين مسئلو غيرت جو آھي مان چوان ٿو برادري جا ماڻھون گھرائي جرڳو رکي انھي مسئلي حل ڪنيو وڃي پوء تہ وڏير سڄي ڳوٺ م اعلان ڪرايو آچر جي ڏينھن صبح ڏھين وڳي مراد خان ء ڌڻي بخش جو فيصلو ڪيو ويندو بس ھر ڏينھن ڌڻي بخش لاء تہ قيامت جو گذرندو ھئو ء ھر روز وڏير ڏي پنڌ ھئس بابا سائين رحم جي نظر ڪندا بس يار ظھير انتظار جا ڏينھڙا ختم ٿيان آچر جي صبح ڏھين وڳي ڳوٺ جا معزز ء عام ماڻھون وڏيري جي بنگلي تي گڏ ٿيان ويچارو ڌڻي بخش بہ پنھنجو ساہ تري تي رکي اچي ماڻھن ميڙ م ويٺو وڏيرو شاھنواز ء ٻيا معزز مراد خان سان گڏ پھريان تہ ڪمري م ويھي ڪري جيڪان باھي ارسل پنھنجي ننڍڙي گھر ڏني ھئي انکي وسائڻ بدران وڏيرو ء معزز ماڻھون ان کي وڌائڻ لاء ان م ڪاٺيون وجھي رھيان ھئان پرمختصر دير کان بعد م وڏيرو ء معزز ماڻھن جو ھنجوم ڪمري مان نڪتو پھريان وڏيري سڀني ماڻھن حال احوال ورتا پوء چیائين تي توھان کي تڪليف ڏيڻ جو مقصد ھئو مراد خان ء ڌڻي بخش وارو فيصلو آھي وڏير چيو ڪجھ ڏينھن پھريان ڌڻي بخش جي پٽ ارسل مراد خان جي غيرت م ھٿ وڌا تنھن تي ڌڻي بخش تي ڪجھ ڏنڊ رکيو ويو آھي اھيو جيڪو وڏيري ڪجھ ڏنڊ چيو اھيو ئي ڌڻي بخش لاء سب ڪجھ آھي وڏيرو اڳتي چوڻ لڳو تہ ھن جرڳي م ڌڻي بخش تي ڪجھ پيئسا ھاڻ جيڪي وڏيرو جي وات مان جملا نڪرڻ وارا ھئان اھی تہ ڌڻي بخش کي تيز لڳندڙ گولي وانگر سندس جگر ئي فاڙي چڏين پر وڏيري کي تہ اھي جملا چوڻ ھئان ء چوڻ لڳو تہ ڌڻي بخش پنھنجي ڌيء سيرت جو رشتو سنڱ چٽي م مراد خان جي ڀاء شيرو کي ڏيندو بس انھي وقت ڇا گذري ھوندي ويچاري ڌڻي بخش تي اھا تہ اللہ ٿو ڄاڻي بس اھو وقت ڇا ھوندو جنھن وقت سڄي ڳوٺ جي ماڻھن جي وچ م ھڪ وڏيرو چوي تہ فلاڻو ھمراہ پنھنجي ڌيء فلاڻي کي ڏنڍ م ڏيندو پر جڏھن ڪنھن انسان جا حالات ان جو ساٿ نہ ڏين تہ اھو ڇا ٿو ڪري سگھي بس حالاتن جو ماريل ڌڻي بخش اچي گھر رسيو مائي جنتي ء سيرت سندس بي چيني سان انتظار ڪري رھيون شاھد سيرت ان ڳالھ کان اڻ واقف ھئي تہ سندس پيء سندس بخت کي ڏنڍ طور تسليم ڪري آيو آھي ڌڻي بخش سان ئي سيرت کي ڀاڪر پائي زاروقطار روئڻ لڳو سيرت ويچاري بہ پيء روئندي ڏٺو تہ سندس اکڙين مان بہ لڙڪ نہ بيٺان پر گھڻي دير روئڻ کان بعد م ڌڻي بخش سيرت کي چوڻ لڳو اي منھنجي پياري ڌيء ھڪ ڳالھ چوان تونکي سيرت چوڻ لڳي بابا سائين حڪم ڪريو تنھن تي ڌڻي بخش چوڻ لڳو پٽ ھميشہ پيء جي ميراث جا حصيدار ھوندا آھن پر ڌيئرون پنھنجي پيء جي ڏکن جون ڀاڱيدار ھونديون آھن تنھن تي سيرت وراڻيو بابا سائين حڪم ڪنيو مان توھان جي حصي جي ڏکن جي جھولي ڀريندس ڌڻي بخش سوچيو تہ چوڻو تہ آھي اويل يا سويل نيٺ چوڻ لڳو سيرت وڏيري طرفان ڪجھ پيئسان موتي ڏنڊ رکيا آھن ء اڃان اڳتي ڌڻي بخش چوڻ وارو تہ سيرت پنھنجي ڪنن مان واليون ء ھٿ م پيل ھڪ سون جي منڊي ء پوتي جي پلاند م ٻڌل ڪجھ پيئسان والد جي اڳيان رکيان ء چوڻ لڳي بابا توھان پريشان نہ ٿجو ھن وقت تہ مون وٽ اھيي موجود آھن پر مان ڳوٺ جا ٿانو ء پوريو ڪري توھان کي ڏيندس سيرت جي انھن ڳالھين تہ ويچاري ڌڻي بخش کي ويتر روئڻ تي مجبور ڪري چڏيو تنھن تي سيرت پچڻ لڳي بابا سائين توھان روئو ڇو پيا جنھن جي سندس پيء چيو ڌيء منھنجي ڳالھ اڃان مڪمل نہ ٿئي آھي سيرت چيو بابا پوء مڪمل ڳالھ ڪريو ويچارو ڌڻي بخش چوڻ لڳو وڏيري طرفان تنھنجو سنڱ بطور چٽي مراد خان جي ڀاء شيرو کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي بس پيء جا لفظ اڃان کٽا ئي ڪونہ ھئان تہ سيرت کي بيھوشي جا دورا اچڻ شروع ٿيان بس يار حالاتن جي اڳيان ٻئي بيوس ٿئي روئڻ لڳان اھا رات تہ گھر جي ھر فرد روئي گذاري پرھاڻ سيرت ويچاري ڪري تہ ڪري ڇا نيٺ سوچيي تي امان ابي جي اڪيلي ڌيء آھيان ابي امان کي انھي غمگين وقت م اڪيلي ڪيئن چڏيان بس يار ظھير پوء تہ صبح تائين سيرت جي اکين تي لڙڪ ائين وھي رھيان ھئان جيئن وارا بدن کان پوء ڪنھن شاخ م پاڻي کي کوليو ويندو آھي
    بس يار ظھير پوء تہ ڌيء پيء کي ڪھڙا لفظ چئي انھي ڳالھ جو جواب ڏنو ھوندو اھا تہ فقط منھنجي اللہ تعالي جي ذات ٿي ڄاڻي پر جيتري قدر مونکي اندازو آھي ھيء لفظ چيان ھوندس بابا سائين توھان تہ چيو ھئو ڌيئرون پيء جي حصي جا ڏک کڻڌيون آھن بابا مان تہ اڪيلي آھيان توھان پنھنجي جھولي جا سڀ ڏک منھنجي جھولي م وجھو ء مونکي ڀاء ارسل جي سنڱ چٽي م ڏئي چڏ باقي بابا منھنجي قسمت ڄاڻي تہ مان ڄاڻيان
    بس يار پوء تہ سيرت ويچاري جو نڪاح مرادخان جي ڀاء شيرو سان ٿي ويو بس يار اھيان ھئي داستان سيرت جي ڏک ڀري زندگي جي پوء تہ يار منھنجي اکين زارو قطار ڳوڙھان وڙھڻ لڳان
    نوٽ
    ھي ڪھاڻي توھان جي اڳيان ان ڪري پيش ڪئي اٿو تہ تمام انسان ان مان سبق حاصل ڪن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو