لاڪ ڊائون ۾ ٻارن تي ڌيان ڏيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    ڪورونا وائرس Covid _19 ھن وقت پوري دنيا جي 197 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ڪروئنا وائرس هڪ تڪڙو ڦهلجندڙ وائرس آهي جنهن جي ڪري پوري دنيا ۾ ھڪ وڏي تاريخي افراتفري مچي وئي آهي ڪورونا وائرس جي ڪري ھن وقت تائين پوري دنيا ۾ 714252 مريض متاثر ٿي چڪا آھن جڏهن ته 33629 مريض پڻ ڪورونا جي بک بڻجي ويا آهن جيتوڻيڪ دنيا ۾ روزانو تقريبن 50ھزار کن ماڻھو موت جو شڪار ٿين ٿا پر ھڪ يي بيماري ۾ ايترا ماڻھو فوت ٿيڻ ۽ شڪار ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ھن ڪروونا وائرس جھڙي موذي بيماريء پوري دنيا کي منجھائي وڌو آهي ھن وقت پوري دنيا جو 95 سيڪڙو ڪڙي (Lock Down) ھيٺ اچي چڪو آهي جنهن ڪري سڀ روڊ رستا ويران ڳوٺ شھر جھر جھنگ وستيون واھڻ ويران آهن جنهن جي ڪري پوري دنيا جي معشيت توڙي سياست کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي نه رڳو ايسيتائين پر نوجوان نسل جي زندگي به تمام گھڻي متاثر ٿي چڪي آهي ٻارن جي تعليم پڻ رڪجي وئي آهي ھن وقت ھڪ طرف پوري ملڪ ۾ ڪڙو (Lock down) چڙھيل آهي جنهن ۾ بار بار اھو چيو وڃي ٿو ته پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ رھو ته ٻئي طرف اسان کي گھرن ۾ آرام نٿو اچي گھر ۾ ويھڻ نٿو اچي جنهن جي ڪري اسان کي ڪافي نقصان ٿي سگھي ٿو . اسان کي ھن وقت پنهنجي ٻارن تي سخت خيال رکڻ ۽ انھن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آھي اوھان سڀ ھن وقت گھر ۾ موجود آهيو ته اوھان ھيٺ ڏنل تجويزن مطابق پنهنجي ٻارن جو خيال رکي سگھو ٿا
    1 جھڙي ريت ھن وقت پوري ملڪ ۾ تعليمي ادارا عالمي وبا سبب متاثر ٿيڻ چڪا آهن جنهن ڪري اسريل ملڪن ۾ آن لائن (Online) ڪلاس شروع ٿي چڪا آهن جن ۾ ٻارن کي گھر ويٺي تعليم ڏني وڃي ٿي پر اسان جو ملڪ غريب ھجڻ ڪري سھولتون نه ھجڻ ڪري اھو نه ٿي سگھندو تنهنڪري توھان کي گھرجي ته روزانو پنهنجي ٻارن کي گھر ۾ پڙھايو ھنن کان استاد وانگر گھر ۾ اسڪول جو ڪم ڪرايو.
    2 ڪتاب انسان جا بھترين دوست آهن ڪتابن کان دنيا اڌوري آهي ڪتاب ئي شعور جو سرچشمو آهي اوھان پنهنجي ٻارن کي ڪتاب ڏانهن ڌيان ڏيارايو ۽ انھن کي ڪتابن ۾ دلچسپي وٺرايو ھي انھن کي متوجهه ڪرڻ لاء تمام بھترين وقت آهي اھو سڀ تڏهن ٿيندو جڏهن اوھان پاڻ به ڪتاب پڙھندو ڇاڪاڻ ته ٻار جيئن وڏن کي ڏسندا آهن تيئن ئي ڪندا آهن .
    3 ٻارن کي موبائيل ڪمپيوٽر تي گھڻو ٽائيم نه ضايع ٿيڻ نه ڏيو جنهن ڪري سندس ذهني اوسر متاثر ٿي سگهي ٿي.
    4 ٻارن جي سامھون ڪورونا وائرس جي ۾ ملوث مريضن جا انگ اکر ۽ انهن جي فوتين جو ذڪر نه ڪيو نه انه سامهون هلندڙ افواهن جون ڳالهيون ڪيو ڇاڪاڻ ته ان سان ٻار جي ذھني تي خوف حملو ڪري سگهي ٿو جنهن ڪري ان تي ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿي سگھي ٿو.
    5 ٻارن کي ٽي وي کان پري رکو خاص ڪري انھن کي ٽاڪ شوز Shows)) يا خبرن (Headlines) کان پري رکو ۽ انھن کي جيڪڏهن ٽي وي ٿورو وقت ٽي وي ڏيکاريو ته انھن کي مزاحيه وڊيوز ۽ معلوماتي سائنسي دستاويزي (Docomentarys) فلمون ڏيکاريو جنهن مان ھو لاڀ حاصل ڪري سگھن .
    6 ھن موجوده وقت ۾ اسان اڪثر وقت ارام,ننڊ ۾ گذاريون ٿا جڏھن ته ماھرين جو چوڻ آھي ھر انسان کي 24ڪلاڪن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 7 ۽ وڌ ۾ وڌ 9 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گھرجي . جنهن ڪري اوھان ٻارن کي پوري ننڊ ڪرايو .جنهن سان کين ڪنهن نقصا جو خدشو ٿئي
    7 پنهنجي ٻارن سان گھر ۾ گڏ وقت گذاريو انهن کي ڪھاڻيون قصا ڳالھيون ٻڌايو دپ هراس کان پري رکو.
    8 ٻارن سان روزانو ورزش/ يوگا گھر ۾ ڪيو کين صحتمند بڻايو ۽ ٿڪاوت کان پري رکو
    10 پنهنجي ٻارن کان تخليقي ڪم ڪرايو ۽ انھن کان پئنٽنگون ڪرايو ۽ انھن ذھني نشونما ڪريو
    11 ٻارن سان شام جو راند کيڏو انهن کي مصروف بڻايو .

    12 ٻارن جي صفائي جو تمام گھڻو خيال رکو سندن هٿ بار بار ڌوئيندا رهو کين مٽي ۾ نه ويهاريو.
    13 ٻارن کي گھرن تائين محدود ڪيو .
    ٻارن کي فروٽ ۽ سبريون کارايو کين گوشت فاسٽ فود رول برگر کارائڻ کان پرھيز ڪيو ڪوشش ڪري کين کيرا گجرون ونگا جيڪي ڪچا کائي سگھن اھي ڪچا کارايو سبزيون وڌيڪ نه پچايو جو موجوده غذائيت سڙي وڃي.
    جيڪڏهن اوھان ھن وقت تائين جيڪڏهن انهن تجويزن تي عمل نه ڪري رھيا آهيو ته اوھان انھن تجويزن تي عمل ڪيو جيسيتائين دنيا ۾ ھن موذي مرض کي مات نه ٿي ڏئي تيسيتائين پنهنجي ٻارن کي گھر ۾ سٺو ماحول پيدا ڪري انهن کي زندگي ۾ اڪيلائپ جو احساس ۾ ڏياريوي تدبيرن تي عمل ڪيو ڪروونا وائرس کان پاڻ کي ۽ ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ احتياط گھر ۾ رھو ۽ محفوظ رھو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو