ڪلهوڙا دور جو تاريخي ۽تحقيقي جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    تاريخ جا ورق پنهنجا اصلي قصا آهن...!
    ڪلهوڙا دورجو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو، تي هڪ نظر...!
    فقير محمد سنڌي
    سنڌوءَ جي سرزمين جا رتنا رنگ ۽ گل سدائين تاريخ کي امرت بخشيو آهي، جنھن ۾ مفڪر، دانشور، فلسفي، سائنس ۽ فنون لطیفہ جي امر شخصن تاريخ کي رقم ڪيو آهي. هڪ اهڙو ئي ڪتاب جيڪو سنڌ جي سرزمين تي حڪمراني ڪندڙن جي دستاويز طور تي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اهڙو تاريخي ڪتاب عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ ڇپرايو آهي، جنھن کي سائنسي بنيادن تي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم جهانگير عباسي ۽ مشتاق ڪلهوڙو مرتب ڪيو آهي. جهانگير عباسي ڪهاڻي ۽ مترجم جي حيثيت ۾ محقق جي پاسي کان پاڻ موکيو آهي، هي تاريخي ڪتاب ترتيب ڏئڻ ۾ ڪيتريون مشڪلاتون برداشت ڪيون هونديون اها ڄاڻ سندس کي ئي هوندي. ڪلهوڙا دور جي مختلف موضوعن تي چونڊ ۽ ايوارڊ يافته مضمون، مقالا هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڪلهوڙا دور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزي جو انتساب ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي نانءُ ٿيل آهي، جنھن پنهنجي سموري حياتي دُکي انسانيت جي سماجي خدمت ۽ پاڪستان ۾ مستحڪم حقيقي جمهوريت لئہ جدوجهد ڪندي گهاري.
    ڪلهوڙا دور جو پسمنظر! ڪلهوڙا دور 1700ع کان شروع ٿيو، اهڙي طرح 1782ع تائين سنڌ ۾ 82 سالن جي عرصي تائين گهڻي وسعت وٺي سنهريءَ دور کي رقم ڪيو. هن دور ۾ جنگيون، مذهبي پرچارڪ، اخلاقي قدر، سياست ۽ ادب پنهنجي مڪمل روح سان معراج ماڻيو. ڪلهوڙن جو وڏو ڏاڏو پيري مريدي وارو هو، طريقت ۾ ميران محمد جونپوري جي سلسلي سان وابستا هو. ميان آدم شاهه کان، ڪاهه ڪندڙ کي هر ويل خوف رهندو هو. ان خوف جي ڪري ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي قيد ڪري ملتان موڪليو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو سندس وڇوڙو 1593ع ۾ ٿيو،آدم شاهه جو مقبرو سکر جي ٽڪريءَ طور اڃان به مشهور آهي. ڪتاب ڪلهوڙا دور جو تاريخي ۽تحقيقي جائزو جو پبلشر نوٽ مشتاق ڪلهوڙو لکيو آهي. پيغام، ڪلهوڙا عباسي تنظيم جي پڳدار حاجي منور عباسي لکيو آهي. مرتب پنهنجي پاران به ويچار پيش ڪيا آهن. مضمون ۽ مقالا ڪتاب ۾ 15 شامل جنهن ۾ ڪلهوڙا دور تي جامع روشني وڌل آهي. شاعرن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلهوڙا دور جو مايه ناز شاعر آهي، جنھن جي تاريخ تي گهرائي سان اک هئي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي نفسيات چڱي طرح سان ڄاڻيندڙ انسان ۽ ٻوليءَ جو امين آهي، جنھن جنگي حالتن، مذهب، تصوف ۽ انساني رواداري کي لطيف سرڪار ويجهڙائي کان محسوس ڪيو.
    تاڃي توريائون، ته عيب نڪتا اڳيان،
    ڪوٺي ڪاپائتين کي پر ۾ پڇيائون،
    اگلڙي آئون مون کان ڀڙا ڀڳا نه ٿيا.
    منظور علي پيارو عباسي، ڪلهوڙن جي دؤر جي مطلق لکي ٿو ته : چانڊڪا پرڳڻي يعني هاڻوڪي لاڙڪاڻي ۾ ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ميان شاهل محمد لاڙڪاڻي جو گهاڙ واھ کوٽايو جيڪو اڄ به موجود آهي.
    سڪندر عباسي، ڪلهوڙادور جي باري لکي ٿو ته :علمي خدمتن کان پوءِ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ وڻج واپار طرف نظر ڪجي ته اها به ڪافي حد تائين مطمئن ڪندڙ نظر اچي ٿي.
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڪلهوڙادور جي حاڪميت کي نظر ۾ رکندي هن ريت لکي ٿو ته : ميان آدم شاهه کان پوءِ شاھ عنايت شهيد به انهيءَ اصول تي عمل ڪيو ۽ هن "جيڪو کيڙي سو کائي" جو نعرو ڏنو. نذير احمد شاڪر بروهي، پنهنجي تحقيقي جائزيءَ ۾ لکي ٿو ته : سترهين صديءَ جو پويون ڏهاڪو ۽ ارڙهين صديءَ جي پهرين چوٿائي يعني 1692ع کان 1719ع تائين سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. ان دور ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو پيري مريدي جي دائري کان ٻاهر نڪري مڪمل طور سياسي ۽ فوجي طاقت جي زور تي سنڌ، هند ۽ بلوچستان جي تاريخ ۾ وڏي آب تاب سان نمودار ٿيو. ڪلهوڙا دور جي ڪتاب جي خوبصورتي اها به آهي ته :ڪلهوڙا حڪمرانن جا جتي مقبرا تعمير ٿيل آهن انهن جو هنڌ ۽ جيڪو حڪمران مقبري ۾ آرامي آهي ان جو نالو شامل ڪيو ويو آهي. جيئن : مقبرو، آدم شاهه ڪلهوڙو،( سکر ) ميان شاهل محمد ڪلهوڙو،( لاڙڪاڻو ) ميان غلام شاهه ڪلهوڙو،( حيدرآباد ) ميان سرفراز عباسي( حيدرآباد) تاريخي مسجد جامع، سوئي ڪنڌر، تاريخي مسجد ميان جندو، مٽياري تاريخي مسجد، ڍورو هنڱورو، تاريخي مسجد ٻئين، ڍورو هنڱورو، تاريخي مسجد مائي جامن، ٽنڊو مٺا خان، تاريخي مسجد مائي جامن، ڀوپي ٻيلو کپرو.
    مقبرو : جرنيل شاهه بھارو ،لاڙڪاڻو ،مقبرو ميان غلام نبي ڪلهوڙو، حيدرآباد، مقبرو، ميان نور محمد ڪلهوڙو، مورو، تاريخي جامع مسجد، چوٽيارو، تاريخي مسجد غلام نبي عباسي، حيدرآباد، مقبرو، ميان يار محمد ڪلهوڙو، خدا آباد، مقبرو، ميان مرادياب، خدا آباد، تاريخي مسجد خدا آباد، دادو، ميان يار محمد ڪلهوڙو مسجد، خدا آباد، تاريخي ڳاڙهي مسجد، تاريخي پڪو قلعو، حيدر آباد، تاريخي قلعو، عمر ڪوٽ، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جو کوٽايل تاريخي گھاڙ واھ لاڙڪاڻو ۽ مقبرو ميان نصير محمد ڪلهوڙو، خيرپور ناٿن شاهه، جيڪي تاريخ جي ڄاڻ بابت اهميت جوڳا آهن، اهي ئي شخص تاريخ جا انمول موتي آهن جن پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪئي.

    محبت جي ميدان ۾، ڪر پڙاڏو پٽ،
    سرسوريءَ ڌڙي ڪنگرين، متان ڪڇين ڪٽ،
    عشق نانگ نپٽ خبر کاڌن کي پوي.
    ڪلهوڙن جي صاحبي تي محمد پنھل ڏهر، غلام محمد ڀٽي، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ،جهانگير عباسي ،گوهر سنڌي، منظور سولنگي، پروفيسر موهن لعل پريمي، ڊاڪٽر هدايت پريم، پروفيسر محمد شريف شاد سومرو، پرويز شمس ڪلوڙ۽ راجا ڏاهر عباسي تحقيقي مقالن ۾ڪلهوڙا دور کي باريڪ بيني سان پيش ڪيو آهي. 176 صحفن تي مشتمل ڪتاب جيڪو جهانگير عباسي ترتيب ڏنو ان لاءِ حضرت احمد جام جون هيءُ سٽون ته : جيئن هڪ ڦڙو ۽ هڪ لک سمنڊ، هڪ قطرو ۽ هڪ لک دريا، هڪ معني ۽ بيشمار صورتون، هڪ خزانو ۽ هڪ لک موتي، اسان جي ڪثرت ۾ ان جي وحدت آهي، جيئن هڪ سج ۽ هڪ هزار ستارا...
     
    عبدالستار سيوهاڻي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو