گهر ويٺي مفت ٽيڪنيڪل ڪورس سکي وٺو

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2020۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ ڪلهه ڪرونا وائرس ڪري اسان گهر ۾ اضافي وقت گذاري رهيا آهيون... جتي اهو بوريت وارو وقت آهي پر جيڪڏهن ان کي پنهنجي قابليت ۾ اضافي جو سبب بڻائجي ته هي وقت توهان جي مستقبل لاءِ ڀلو ثابت ٿي سگهي ٿو..
    موجوده وقت کي ڏسي ڪجهه ڪمپنين پنهنجا پئسن وارا ڪورس مفت ڪري ڇڏيا آهن.. جيئن گهر ۾ ويهندڙ ماڻهون پنهنجي قابليتن ۾ اضافو آڻي سگهن.. هتي توهان جي مدد لاءِ مان ڪجهه ويب سائيٽس ونڊ ڪريان ٿو..

    *********
    [​IMG]

    Pluralsight دنيا جو مشهور آن لائين وڊيو سڪرين ڪاسٽ پليٽ فارم آهي جتي توهان سافٽويئر ڊيولپمنيٽ، مشين لرننگ ۽ مسقتبل جي ضرورت مطابق نين ٽيڪنالاجيز جا ڪورس سيکاريا ويندا آھن.. ھن ڪمپني اپريل جي مھيني ۾ پنھنجي سموري لائبريري جا ڪل ڪورس مفت ڪري ڇڏيا آھن.. ايتري قدر جو رجسٽريشن جي دوران توھان کان ڪو ڪريڊٽ ڪارڊ بہ پڇيو نہ ٿو وڃي.. تفصيل لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو...
    مشورو: Python for Data Analysts ڪورس ڪريو
     
    مومن ڏاهري هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    Udemy جو مان زبردست فين آهيان.. يقين ڪريو مون پنهنجي ٽيڪنيڪل صلاحيت گهڻي قدر هتان وڌائي آهي.. هتي موجود ڪورس ايترا مهانگا به ناهن ۽ ھتان جا استاد ريٽنگ جي حساب سان بہ اعليٰ آھن.. Udemy سيکڙاھٽن لاءِ 180 ٽاپ ڪورس مفت ڪري ڇڏيان آھن جن ۾ رڳو ٽيڪنيڪل بہ ناھن.. وڌيڪ تفصيل لاءِ ھت ڪلڪ ڪريو..

    مشورو: Amazon Web Services - Zero to Hero ڪورس ڪريو
     
    مومن ڏاهري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    upload_2020-4-6_13-11-34.jpeg

    Coursera ھميشہ توھان جي صلاحيتن کي گروم ڪندڙ رھي آھي.. ھتان سکي توھان نہ رڳو پنھنجي يونيورسٽي جا مليل ٽاسڪ پر گوگل ۽ ايمازون جھڙين ڪمپنين جا ٽاسڪ وٺي بہ مڪمل ڪري سگھو ٿا.. Coursera ڪجھ ڪورس چونڊي ايندڙ ڪجھ مھينن لاءِ مفت ڪري ڇڏيا آھن.. اھي ڪورس ڪري توھان ڪمپني کان ڪورس جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪري سگھو ٿا... وڌيڪ تفصيل لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو...

    مشورو: Machine Learning for Business Professionals ڪورس ڪريو
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    upload_2020-4-6_13-16-28.jpeg

    Udacity گوگل وارن جي تعاون سان نينو ڊگري پروگرام آفر ڪري رھيا آھن.. اھڙا ٽريننگ پروگرام شروع کان ماھر بڻجڻ تائين ڪارائتا آھن.. Udacity لڳ ڀڳ پنھنجا سمورا نينو ڊگري پروگرام مفت ڪري ڇڏيا آھن... تفصيل لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو...

    مشورو: Become an Android Developer ڪورس ڪريو
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    Google-owned Qwiklabs platform وارا گوگل ڪلائوڊ Google Cloud ، جي سوٽ GSuite ۽ ايمازون ويب سروسز سکڻ لاءِ تفصيلي مشقون آفر ڪري رھيا آھن.. ائين نہ تہ رڳو وڊيو سڪرين ڪاسٽ ڏسڻ پر Qwiklabs وارا hands-on training مشقون سکڻ جي آفر پيش ڪري رھيا آھن.. ھڪ مھيني جي مفت آفر جا وڌيڪ تفصيل ھتي ڪلڪ ڪري معلوم ڪريو..
     

    فائيل ڳنڍيو:

  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هتي ڪجهه وڌيڪ ڪمپنين کي شامل ڪجي ٿو جيڪي ڪرونا ڪرائيسز جي هن دور ۾ يا ته مفت ۾ ڪورس ڪرڻ جي سهولت ڏين پيون يا وري ڪافي سارو ڊسڪائونٽ ڏئي رهيو آهن..

    هن گوگل شيٽ ۾ ڪافي ڪمپنيون اهڙيون ٻڌايل آهن جيڪي يا ته مفت يا وري ڊسڪائونٽ تي ڪورس ڪرڻ جي آفر ڏئي رهيون آهن..
    MOZ Academy وارا SEO ٽريننگ 31 مئي تائين مفت آفر ڪري رهيا آهن بس ان سلسلي پرومو ڪوڊ wegotthis استعمال ڪريو...
    Nikon School ڪمپني وارا فوٽوگرافي بابت وڊيو اسٽريمنگ ڪورس اپريل مهيني ۾ مفت پيش ڪري رهيا آهن..
    Zoho ڪمپني وارا ريموٽ ورڪرز لاءِ پروڊڪٽوٽي ٽول ايندڙ مهيني تائين مفت پيش ڪري رهيا آهن...
    LinkedIn Learning وارا مفت وڊيو ڪورس جنهن ۾ ٽائيم مينيجمينٽ کان ورچوئل ٽيم مينيجنگ پيش ڪري رهيا آهن...
    Reddit وارا گهر ۾ ويهي مختلف شيون ٺاهڻ جي ترغيب ڏئي رهيا آهن..
    Audible آڊيو ڪتاب بغير ايمازون اڪائونٽ جي مفت ٻڌڻ جي آفر ڏئي رهيا آهن..
    Scribd وارا پنهنجو سمورو ڪيٽالاگ 30 ڏينهن تائين مفت مهيا ڪري رهيا آهن...
    YouTube وارن سائنس ۽ حساب سمجھڻ لاءِ Learn@Home نالي ھڪ مائڪرو پورٽل لانچ ڪيو آھي..
     
    رياض ملڪاڻي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو