• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي جي رسالي ۾ آيل نباتات جون تصويرون

رضا خاصخيلي

سينيئر رڪن
ڀٽائي جي رسالي۾ آيل نباتات جون تصويرون


zmOLujo.jpg


ڪانڊيرو
تحرير. رضا خاصخيلي

سنڌ ۾ هي ٻوٽو عام جام هر هنڌ ملي ٿو. هي ٻوٽو ٻن فوٽن کان چئن پنجن فوٽن تائين ڊگهو ٿيندو آهي. هن جي ٿڙ مان ڪيتريون ئي ٽاريون ڦٽي نڪرن ٿيون . ٽارين تي ننڍا ننڍا ميندي جي پنن جهڙا پن ٿيندا آهن . گل سنهڙا هلڪي گلابي رنگ جا گلاب جي گل جهڙا پر تمام ننڍا جهليندو آھي. ميوو ڪنڊي جي وڻ جي سڱرين جهڙو پر اهي تمام ننڍڙيون ۽ سنهڙيون سڱريون هونديون آھن . اٺ ۽ ٻڪريون هن ٻوٽي کي چاھ سان کائينديون آھن . سخت جان اهڙو جو ڪڏهن ڪڏهن روڊ چيري ٻاهر نڪرندي ڏٺو ويو آھي . هي مٺي زمين جي خشڪي جو ٻوٽو آھي. بغير پاڻي جي ڪيترو عرصو زندھ رهڻ جي طاقت رکي ٿو . هن جي پاڙ تمام گهڻي هيٺ ويندي آھي. سنها ڪنڊا جهجها هوندا اٿس . انڪري ئي هن ٻوٽي تي ڪانڊيرو نالو پيل ٿو ڏسجي.
ڪانڊيرو ٻهراڙي ۾ حڪمت طور پڻ ڪم ايندو آھي. ٻھراڙي جا ماڻهو اڪثر هن کي مختلف بيمارين ۾ دوا طور ڪم ڪتب آڻيندا آھن .
مددي ڪتاب .

لطيفي انسائيڪلو پيڊيا . ليکڪ . بدر ڌامراهو . پبلشر روشني . 2007
شاھ جي رسالي جي نباتات . ليکڪ. پرتم پياسي . پبلشر ثقافت کاتو حڪومت سنڌ . 2013
 
ڀٽائي جي رسالي۾ آيل نباتات جون تصويرون


eZlxKeh.jpg


تحرير: رضا خاصخيلي
اڪ.
هي هڪ قسم جو ٻوٽو آهي . جهڳٽي جي صورت ۾ ڦٽندو آھي .هن ٻوٽي جون ٽاريون ٻن کان چئن فوٽن تائين ڊگهيون ٿين . خود ٻوٽي جو قد به اوتروئي ٿئي . گهڻو ڪري واهن وڪڙن ۽ درياھ جي ڪناري تي پاڻ مرادو ڦٽي . اڪ ڀٽن تي اصل ڪونه ٿين پر ننڍن ننڍن دڙن تي اڀرن, جتي زمين نرم هوندي آهي اتي اصل اڪن جون هڙيون هونديون آھن , ڄڻ ته پوک پوکيل آهي . پن موڪرا ,گول ڊگهيرا ۽ ٿلها ٿيندا اٿس .ڪي پن ايڏا به ٿيندا آھن جو ان کي پٽي ٿورا سڪائي پوء ورائي ڪنڊا هڻي وٽي ٺاهين جنهن ۾ وقتي طور پاڻي ۽ لسي وغيره به پيئندا آھن . ته ڪڏهن ڪڏهن پنن تي ماني ۽ ڀت به کائيندا آھن ته ڪي وري پنن کي ٻيڙي وانگر ورائي سلڦي ٺاهي تماڪ وجهي به ڇڪيندا آھن . ٽاريون اندران پوريون هونديون اٿس ٽاري ,گل يا پن ڇڻڻ سان يا ڀڃڻ سان اڇي کير جهڙو پاڻياٺ نڪرندو آھي جيڪو تمام ڪارائتو آهي .خاص ڪري کلون رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي . اڪ جا گل ڪٽوڙي جهڙا ٻاهران اڇا ۽ اندران ٿورا ڳاڙها نيري چٽ تي واڱڻائي رنگ مائل ٿين ٿا .جي ٽاري جي چوٽي تي ,ڇڳن جي صورت ۾ ڦٽندا آھن . جن کي ڦليا به چئبو آهي . انهن جو ميوو انبن جي انبڙين جهڙو ٿيندو آهي. جن کي ٿري زبان ۾ "اڪ پاڏيا " چون. اڪ جي انبڙي پچي راس ٿيڻ کان پوء ڦاٽي پوندي آهي اندران پشم جهڙا اڇا تاندورا نڪرن تاندوري جي ڇيڙي تي هلڪو ۽ نرم ٻج ٿئي ٿو. هوا وسيلي ٻج ۽ پشم پري پري تائين پکڙجي ويندا آهن . ٿر جا ڪافي ماڻهو اهڙا تاندورا گڏ ڪري وهاڻن ۾ وجهندا آھن . هي تاندورا ڪپھ کان به نرم ٿيندا آھن . اڪ جي ٻوٽي جو ٿڙ ننڍو ۽ نرم ڪاٺي وارو ٿيندو آھي . هن جون ڪاٺيون هلڪيون آھن پر ٿري ماڻهن لاء ڏاڍيون ڪارائتيون آھن , گهرن۾ ,لانڍين ۽ چونرن ۾ پٽين ۽ڪاين طور ڪم آڻيندا آھن . ڪاٺين کي پراڻيون ڪرڻ سان کليون لهيو پون جنهن کي اڪوارو چوندا آھن . اڪوارو ڏاڍو مهانگو آهي جنهن سان رسا , ورت ۽ واڻ ٺھندو آھي , جيڪو تمام نرم ٿيندو آهي . هي سڀ ڪم ٿري ڪندا آھن پر ڪولهي خاص ڪري اڪوارو ڪڍي وڪڻندا آھن . اڪ جي پاڙ ٿلهي ۽ سخت هوندي آهي .
اونهاري جو اڪ ڪجھ قدر ڪومايل هوندا آھن . پر برسات پئي ته يڪدم ساوا ٿي پوندا آھن . هن ٻوٽي تي سردي تمام گهڻو اثر ڪري ٿي , ان ڪري سيء ۾ ان جا پن جلد سڙي ويندا آھن . هن ٻوٽي تي هڪ چٽڪٻرو خاموش تڏ ويهندو آھي. جنهن کي "اڪڙ مڪڙ "چوندا آھن . سو پڻ دوائن ۾ ڪم اچي ٿو . هي ٻوٽو ذائقي ۾ تمام کارو هوندو آھي انڪري هن کي ٻڪري کانسواء ٻيو جانور ڪونه کائي . 1956 ع واري ڏڪار جنهن کي ڇپنو چوندا آھن ان ۾ سڀ وڻ ۽ ختم ٿي ويا هئا سواء اڪ ۽ ڪرڙ جي ۽ مال۾ اٺ ۽ ٻڪريون بچيا هئا. اڪ لاء ڪي چوڻيون مشھور آھن جهڙوڪ . اڪ تي اٽو هارڻ .
ڀڃي وجهندين جو آھي اڪ جي ڪاٺي
هيئن ڪندي جو آهي اڪ جي ماکي.
اڪن کان انب گهرڻ ناداني آھي.
کير ته گهڻو ئي اڪن ۾ پيو آھي پر کارو.
اڪ تي پروليون .
پيئي پاڻي ڏيئي کير .
جان وڃان واٽ وٺيو ته گل بڪاولي بيٺو آ
اسي ٻار ڄڻيا اٿس , اڃان ماريو ڍڪو آ.
ڳجهارتون .
بڙ جهڙا پن ڪمند جهڙي سوٽي ,
موگري جهڙا ڦل , انب جهڙي گوٽي .
سوڻ ساٺ .
ڇاتيء جو سور =
جيڪڏهن ڪنهن پيرسن يا ننڍي ٻار کي ڇاتي يا پٺن ۾ سور ٿي پوي ته اڪ جي پنن تي تيل مکي ان کي سور واري هنڌ ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آھي.
ٻاراڻو=
جيڪڏهن ٻار کي نمونيا ٿي پئي ته ماڪ جي ڏينهن ۾ اڪ جي پيلن پنن تي پيل ماڪ جا ڦڙا آڻي ٻار کي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آھي .
ٿڌجڻ=
جيڪڏهن ڪنهن کي سخت سيء سبب ٿڌ لڳي ته مٿي تي تيل مکي مٿان اڪ جا پن ٻڌن .
پورو ٿيو.
مددي ڪتاب .
شاھ جي رسالي جي نباتات. ليکڪ پريتم پياسي . پبلشر ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013
لطيفي انسائيڪلو پيڊيا. ليکڪ بدر ڌامراهو پبلشر روشني 2007
 
Back
Top