همير احمد گاد ،ايوب گاد جو ترتيب ڏنل ڪتاب جيئي لطيف جو جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    همير احمد گاد /ايوب گاد جو ترتيب ڏنل ڪتاب،
    جيئي لطيف جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.

    جيڪي ڏڏن ڏيئي، ڳجهائين ڳجھ ۾،
    سوجي سڻن ڪنن سين، ڪرت وارا ڪي،
    ته ساز سمورا سي ، پٿون ڪن پلڪ ۾.
    ( شاھ لطيف)
    جيئي لطيف، ڪي ٽي اين تان نشر ٿيندڙ ھفتيوار پروگرام، قسط پهرينءَ کان 100هينءَ قسط تائين سهيڙ جو ڪردار نڀايو آهي، همير احمد گاد - ايوب گاد. پوپٽ پبلشنگ هائوس خير پور، هن ڪتاب کي 2017ع تي شايع ڪيو. دراصل ڳالھ اها آهي ته جيڪي ڊراما سيريل ۽ فيوچر ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿين ٿا اُهي ڪتابي صورت ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. جس آهي همير احمد - ايوب گاد کي جنهن روءِ زمين جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي هفتيوار سلسلو پيش ڪري ان جو پلپل جيءَ ۾ سانڍي رکي ٻين آرٽسٽن کي اتساھ ڏئڻ جو دڳ مهيا ڪري ڏنو آهي. جيئي لطيف ڪتاب ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ڀٽ ڌڻيء سان محبت ڪرڻ وارن جا خيال، ڊرامي سيريل جيڪي خود ڀٽائي سائين جي فڪر، محبت ۽ فلسفي کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ تخليق ڪيا ويا آهن. ڀٽ شاهه تي روضي ۾ راڳي فقيرن جي ڳايل بيتن کي به سب ٽائيٽل ڪري ان کي آسان ڪيو ويو جيئن هر ماڻهو ڀٽائيءَ سرڪار کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي. هفتيوار پروگرام جيئي لطيف ۾ جن فنڪارن شاهه لطيف کي سرن جو روپ ڏنو انهن ۾ استاد منظور علي خان، محمد يوسف، حميرا چنا، ديبا سحر، استاد انور علي سانگي ،مظهر علي، غلام شبیر سمون، رحمت علي ميرالي، عاشق نظاماڻي، رياض سومرو، شيلا مهتاڻي ،مھر سيمي، نگهت سيما، فدا کوکر، فقير عبدالمجيد سيال ۽ انھن کان علاوه هندستاني راڳي، مورا لالا، راج جورياڻي، جتن اداسي، راجستاني شاهه جي راڳين ۽ لوڪ فنڪارن جا ڳايل ڪلام به هن پروگرام جا حصو بڻيا. پروگرام جيئي لطيف جي پهرين قسط 29 آگسٽ 2015ع تي ڇنڇر ڏهاڙي شام جو 6:10 لڳي منٽن تي ٽيليڪاسٽ ٿي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کان ميزبان جي حيثيت سان خالدہ سحر سومرو ۽ ڊاڪٽر آمنہ سومرو وڊيو لنڪ ذريعي انٽرويو ورتا جيڪي به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. جيئي لطيف پروگرام جي پهرين ميزبان شاعره روبينه ابڙو 10قسطن تائين ساٿ نڀايو، 11قسط کان 37قسط تائين شاعره خالدہ سحر سومرو ميزبان رهي، قسط 38 کان 41 تائين ڊاڪٽر آمنہ سومرو ۽ قسط 42 کان سنڌ جو ناليوارو شاعر ادل سومرو ميزباني جا فرائض سر انجام ڏنا. پس پردا ڪم ڪندڙ شخصيتن جا ايوب گاد فوٽو گرافڪ شامل ڪيا آهن.
    آغا سليم، پنهنجي انٽرويو ۾ چئي ٿو ته : لطيف سائين منهنجو سائين آ، مان جڏهن به لطيف سائينءَ جو نالو کڻندو آهيان ته مان ان کي سائين چوندو آهيان اهو ان ڪري ته جڏهن به مون سائينءَ کي پڙهيو آ، سائينءَ جي بيتن جو ترجمو ڪيو آهي، منهنجو مرشد لطيف سائين گھڻين ڪيفيتن ۾ محسوس ڪيو.
    آکون ڊاکون سرکنڊ شاخون،
    جت چوکا چندن ڪؤنر،
    ميئي سي ئي ماڻيا جت نه ڀِرن ڀئونر.
    يا
    اول ﷲ عليم، اعلي عالم جو ڌڻي،
    قادر پنهنجي قدرت سين قائم آ قديم.
    سائين جي بيت ۾ قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم، ته قديم لفظ جي تصوف ۾ معني پراڻو ناهي، پر تصوف ۾ قديم جي معني آهي ته جيڪو خلقيل نه هجي، جنھن کي ڪنهن به خلقيو نه هجي. اهو قديم ازل کان وجود ۾ آهي.
    جيئي لطيف جي قسط 24کان 30 تائين، اندر روح رهيام، سلسلي جي عنوان سان ڊرامي ۽ گفتگو کي ملائي ڪچهريءَ واري انداز ۾ جاري رکيو، جنھن ۾ مهمان اڪبر لغاري ۽ گفتگو ڪندڙ رياض سومرو رهيو. مَن اندر جي ڳالھڙي سلسلي ۾ مھتاب اڪبر راشدي ڀٽائي سرڪار کي هن ريت ڀيٽا ڏني. ڀٽائي سرڪار اسان اسان پنهنجي فڪر جو فڪر سان گڏ عمل جو هڪڙو محرڪ ۽ تحرڪ سمجهون ٿا. ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته : جيڪڏهن سامونڊي پٽيءَ تي لطيف سان وڃي ٿو ته، سرسامونڊي ۾ ڏسو ته اتان جي ٻولي ۽ اهي استعارا آهن ۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪوهستان ۾ وڃي ٿو ته ٻولي اها آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوي ٿو ته : شاهه لطيف جي روح کي حقيقت ۾ جيترو جي ايم سيد سمجھيو پيغام لطيف جيڪو ڪتاب سائين جي ايم سيد 1953ع ۾ لکيو ان اسان شاھ لطيف جو نئون پھلو متعارف ڪرايو. مختيار سمون لطيف سائين کي هن ريت ٿو ڏسي، ڀٽائي سائين جي شاعريءَ جو جيڪو پهلو ماڻهن کي ملي ٿو اهو آهي همت وارو، اهو آهي ارپنا وارو، اهو آهي مسلسل جدوجهد وارو پهلو آهي. انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي پرک ڀٽائي سائين لاءِ هن ريت آهي ته : شاهه لطيف جي شاعري ته سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي پر هن جو خيال يا تخيل آفاقي ۽ سڄي دنيا جي قومن جي لاءِ ساڳيو ئي آهي. عنايت ميمڻ چوي ٿو ته :ڀٽائي جو اهو عظيم ڪردار آهي جيڪو اسان جي سموري ادب تي سموري ڪلچر تي سموري سماجي تحريڪ تي حاوي آهي. ثمينا ابڙو چوي ٿي، شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ ايتري ته گهرائي ۽ موسيقي آهي جو هر انسان پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل سڌو ان جي دل تي اثر ڪري ٿو.
    پڇن سي پسن، هن عنوان سان قسط 31کان 41 تائين ڊرامي واري حصي کان پوءِ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، مصور ۽ پروگرام جي هدايتڪار ايوب گاد، شاھ سائين جي ڪنهن به هڪ بيت جي تصحيح ڪندو هو، جيڪي رسالي ۾ غلط لکيا ويا آهن. "ڪي ڏور به اوڏا سپرين" ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ورتل انٽرويوز جنهن ۾ ادل سومرو، اخلاق انصاري، بخشڻ مهراڻوي، بدر ابڙو، ذوالفقار قادري، عبدالغفار تبسم، امر اقبال ۽ شوڪت خاصخيلي مهمان طور شريڪ رهيا. جيئي لطيف قسط 42کان 63تائين پروگرام جو ميزبان سنڌ جو سهڻو شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو رهيو، پروگرام جي پهرين حصي ۾ درس لطيف جي عنوان سان سيد صالح محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر آمنہ سومرو جي آواز ۾ شاھ لطيف جا بيت سندس رسالي جي عڪس مٿان ڏنا ويا، ٻئي حصي ۾ ناٽڪ جي عنوان سان سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ آغا سليم جي لکيل اسٽيج ناٽڪ گل ڇنو گرنار جو کي اٺن حصن ۾ ڏيکاريو ويو. پروگرام جي ٽئين حصي ۾ لات جا لطيف جي پيش ٿيندو هو. ان سلسلي ۾ به سنڌ جي سڃاڻ ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن حصو ورتو، مون ڪوشش ڪئي آهي ته، جيئي لطيف ڪتاب جو مڪمل تت پيش ڪري سگهان، ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان اهو پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
    مذاڪرو! ميزبان اڪبر لغاري، مهمان ڊاڪٽر شير مهراڻي، سيما عباسي ۽ تاج بلوچ هئا.
    جنھن سان پسجي پرينءَ کي، ناٽڪ قسط 93کان 100 تائين شامل آهن. آخر ۾ شاھ سائين جا جيڪي ڪلام سنڌي فلمن ۾ آيل آهن اهي به ڏنل آهن، پهرين فلم سسئي پنهون، ٻئين لڄ رک ۽ ٽيون ڪلام سسئي پنهون شامل آهن. ڪتاب جيئي لطيف ۾ فقير سيد جمن شاهه لطيفي، اختر رند ۽ نور جوکيو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. 160 پيجن جي ڪتاب جي ارپنا، لطيف سائينءَ جي انهن فقيرن جي نالي ٿيل آهي جيڪي نسل در نسل لطيف سائينءَ جي روضي ۾ سائينءَ جو راڳ ڳائيندا اچن ٿا.
     
  2. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308

هن صفحي کي مشهور ڪريو