سوڀون سر گهرن، شھيد ميجر ضياء الحق ڪانڌڙو.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سوڀون سِرَ گهرن: شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو
    فقير محمد سنڌي
    اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جـھان ۾
    سـدائيـــن نـشانَ تـــــي، سـدا امــــتحان ۾
    فردن جي سڃاڻپ قوم سان ٿئي ٿي ۽ قوم جي سڃاڻپ وطن سان ٿيندي آهي، جيڪي فرد وطن لاءِ جان ڏئي سرخرو ٿيندا آهن، اها قوم تاريخ ۾ هميشه لاءِ پنھنجو ڳاٽ اونچو ڪري گهمندي آهي، اهڙو ئي مخلص، باهمت ۽ حوصلي مند شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو به تاريخ جي ورقن ۾ ملڪي بقا جي سڃاڻپ آهي. شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو 14-مئي 1970ع تي موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ سيھڙ ۾ قاضي عبدالوهاب جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان ۽ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪيائين. اهڙي طرح گريجوئيشن جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو 1989ع تي پاڪ فوج ۾ شموليت ڪئي، محب وطن ۽ باهمت انسان پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ سنبل ۽ ريحان جي گلن کان وڌيڪ سھڻو هوندو آهي. اهڙو ئي مسڪرائيندڙ شخص پنھنجي محنت سان 1991ع تي سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور پنھنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. انگريز شاعر جي چوڻي آهي ته ”جنھن شخص کي دنيا ۾ ڪجهه ٿيڻو هوندو آهي، اهو ان وقت به ڪم ۾ مصروف هوندو آهي، جڏهن ماڻهو ستا پيا هوندا آهن“. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙي جون پاڪ فوج جي ڊيوٽيءَ کان سواءِ عام زندگيءَ ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو اٺين جماعت ۾ پڙهندي پنھنجي ڳوٺ ۾ غريب شاگردن لاءِ ايجوڪيشن ويلفيئر سوسائٽي جو قيام عمل ۾ آندو. هن شاگرديءَ واري دور ۾ به سماج سڌارڪ ۽ قوم لاءِ اُلڪو سيني ۾ سانڍي رکيو. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو جا ڪيل چڱا ڪم سندس حياتيءَ پڄاڻان به قوم هميشه ياد رکندي. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو لاڙڪاڻي شھر ۾ بي پھچ ۽ غريب شاگردن لاءِ ايجوڪيشنل سروسز سوسائٽي قائم ڪئي. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو سروس دوران پشاور، سيالڪوٽ، لاهور، ملتان، سرگوڌا، راولپنڊي، ڪوئٽا، ڪشمير، سياچن، ڪارگل، لنڊي ڪوتل، حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن جي ملڪي حفاظت لاءِ هردم اڳتي رهيا. ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو ڪراچي ۾ 32 ونگ جو سربراهه رهيو، سندس زندگيءَ جي آخري پوسٽنگ خاريان ۾ ٿي، مھمند ايجنسي ۾ آپريشن جي ڪمانڊ لاءِ گهرايو ويو، جتي هن دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، ڪيترائي دهشتگرد ختم ڪري امن ڪرايو، ڪافي علائقن مان دهشتگردن کي نيڪالي پڻ ڏنائين. پاڪستان کي ”نائين اليون“ جي واقعي کانپوءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون جنھن کي پاڪ آرمي پنھجي قربانين سان امن ۾ تبديل ڪيو آهي. انهيءَ ڇتي ويڙهه ۾ 10-اپريل 2011ع جي صبح تي امن جي پيغام جو علمبردار،سماج سڌارڪ ۽ تعليم کي بھتر زيور سمجهندڙ ۽ ملڪ جو دلير پٽ ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو ڌرتيءَ جي رتبي لاءِ شھادت ماڻي. شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو 1997ع ۾ شادي ڪئي، سندس اولاد ۾ چار ٻار آهن جن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن. شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اعلى اعزاز تمغه بسالت ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح شھادت کانپوءِ 30-اپريل 2012ع تي ملٽري جي اعلى اعزاز ”ستاره جرئت“ سان نوازيو ويو. اهڙي طرح 23-مارچ 2013ع تي ملڪي صدر آصف علي زرداري طرفان ايوان صدر ۾ هڪ اعلى ۽ پروقار تقريب دوران شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو کي ملٽري جي اعلى اعزاز ”ستاره بسالت“ سان پڻ نوازيو ويو. ڀٽائي سرڪار، مارئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته،”پنھنجي وطن کي ياد ڪندي جي هتي موت اچي وڃي ته مون کي پنھنجي مارن وٽ دفنائجو ۽ اُتي جي ولين جي خوشبو ڏجو، جي منھنجو جنازو ملير پھتو ته ڄڻ مان مُئي جيئري ٿي پيس. شھيد ميجر ضياءُ الحق ڪانڌڙو جي آخري آرامگاهه ڦل روڊ لاڙڪاڻي جي قبرستان ۾ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو