الله شافي آهين شفا ڏي ( دُعا ) عبدالستار سيوهاڻي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالستار سيوهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2020۔

  1. عبدالستار سيوهاڻي

    عبدالستار سيوهاڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏1 اپريل 2020
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سعودي عرب ۾ نوڪري
    ماڳ:
    ڳوٺ رسول بخش رودناڻي، تعلقو سيوهڻ، ضلعو ڄامشورو

    الله شَافي آهين شَفا ڏي (دُعا)

    الله شَافي آهين شَـفـا ڏي، تُــــون رَزاق تُــــون رَحـمـان،
    ڇَـڏاءِ بِـيـمـارين مان جَـان، تُـون آهـيـن مالڪ مهربان.

    ڪي قََـلـبِـي ۽ جَـاني آهن، ڪي جِسماني رُوحاني آهن،
    اَسـان جــو تــوتـي آ اِيمان، تُـون آهـين مالڪ مهربان.

    تُـنهـنجـوئي سَهـارو آهــي، توکان سواءِ ڪو ٻِـيو ناهي،
    هِــت اســان جــو نِگهـبان، تُـون آهـيـن مـالڪ مهربان.

    بَخـش خَطائُون مُنهنجا الله، ديـر نہ آهـي ڪائِـي تـولاءِ،
    تُـنـهـنجو اعـليٰ آهـي شـان، تُـون آهـيـن مالڪ مهربان.

    سَــفــا ڪـمـزور آهــيُـون، اَســان شَــهــزور نــاهـيُـون،
    تُنهنجي نـالي تـان قُـربـان، تُـون آهـيـن مالـڪ مهربان.

    ٿورڙِي تو رَسِي ڇِڪِي آ، وائرس تہ ننڍڙو هِڪ ئِي آ،
    ٿِــي ويـا آهـيـون گُـمـنـام، تُـون آهـيـن مـالـڪ مهربان.

    نَبي جي اُمـت آ پـريشان، جنهن لاءِ خَلقيا ٻئي تو جهان،
    ٿِــئـي ڏاڌو ٿــو نُـقـصان،تُون آهــيـن مـالـڪ مـهـربـان.

    عبدالستار هِيڻو آ مگر، دُعا سيوهاڻي جي رَب لاه ڏَمر،
    هاڻي ڏاڍا آهـيون پريشان، تُـون آهـيـن مـالـڪ مهربان.
     
    آخري ترميم: ‏14 اپريل 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو