دِل ٿِي چوي اَرمان ٿِيان (غزل) عبدالستار سيوهاڻي


دِل ٿِي چَوي ارمان ٿِيان

دِل ٿِــي چَــوي اَرمــان ٿِــيـان، ڪنهن جي دَردن جو دَرمان ٿِيان،
جـــو ســوز ۾ سَـــڙيــل ڏِسـان، تَنهـن جي سُورن جـو سَامان ٿِيان.

ڪـرونــا وائــرس ۾ کـــوڙ مُــئـا، ۽ مَــرِيــض آهــــن جَـــام ٿِـيـا،
وَس جــيـڪـر مُـنـهـنـجـو هَــلـي، تــن جــو جِـگــر ۽ جَــان ٿيان.

دُنـيا لُـٽـجـي وئِــي جَـنـهن جي، صـحـت بہ ناهي رهِـي تَنهن جِي،
آٿــت ڏيـئِـي تَـنهـن کـي وڃـي، تَـنهـن جـو سـاروئِـي جَـهان ٿِيان.

دانـهـن جنهـن جِـي هِــن دُنـيـا ۾، ڪو ٻُــڌڻ وارو نـاهـي رهـيـو،
مـــان داخــــل ٿِــــي ايــــوانـــن ۾، تَـنهن جـو وَڃـي فَــرمـان ٿِيان.

هِـــن سَــمـاج ۾ ڏُکــيـل گـهـڻـا، تُــون جـاچ مِـلــنـدئِـي اَڻ ڳَـڻـيـا،
سَـهـارو جَـنهـن جـو نـہ دُنـيـا ۾، تَنهن جو مان وَڃي مهمان ٿِيان.

يــا رَب مُـصِـيـبـت مــعـاف ڪــر، دُنـيا پـنهنجي کي صاف ڪر،
”عبدالستارسيوهاڻي“ توکان سواءِ، ڀَلا دَرڪنهن جي دَربان ٿيان.





 
Back
Top