پروين موسي ميمڻ جي تحقيقي ڪتاب، سون ورنيون سوڍيون جو جائزو...

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    پروين موسي ميمڻ جي تحقيقي ڪتاب "سون ورنيون سوڍيون" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
    لھي وڃ گمان، سهي سڃاتم سپرين.
    ڪتاب "سون ورنيون سوڍيون" ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارائن جون چونڊ ڪهاڻيون، جيڪي 1932ع کان 2008ع تائين، پروين موسي ميمڻ جو تحقيقي پوريو آهي. تحقيقي ڪم لاءِ ليکڪ ڪيترا جتن ڪري ٿو، اهو ڪو پروين موسي ميمڻ ۽ ٻين تحقيق جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ وارن کان پڇي. مان ته جس ٿو پيش ڪيان پروين موسي ميمڻ کي جنھن سنڌي ادب جي عورت ڪهاڻيڪارائن جون 36 انمول ڪهاڻيون ۽4منيون ڪهاڻيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سنڌي ادب پڙھندڙن کي هڪ جڳھ تي ميسر ڪري ڏئڻ جو ڪم ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ جو آهي.
    ارڙهين صديءَ جي فرينچ ناول نويس سينٽ ايسوپري چيو آهي ته :"زندگيءَ اسان کي سيکاريو آهي ته سچو پيار فقط ھڪ ٻئي کي چتائي ڏسڻ ۾ ناهي پر هڪ ٻئي سان گڏجي ساڳئي طرف ٻاهر نهارڻ ۾ آهي" ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ جي نهار به ادب جي سٽاءَ سان ساٿ نڀائي ٿي. اهڙو خوبصورت سٽاءُ هن ڪتاب ۾ به آهي. ڪتاب جي سٽاءُ مهاڳ ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته :" سون ورنيون سوڍيون مرتب جي سلجهيل ذهن، ذوق ۽ حسن انتخاب جو عڪاس آهي، پروين موسي هڪ قابل قدر ڪهاڻين جي مجموعي کي جوڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جنھن کي اسين بلاشڪ سنڌي ادب جي حال جو آئينو چئي سگهون ٿا". پر منهنجي خيال موجب هي ڪهاڻيون ماضيءَ جون امين ۽ حال کي اتساھ بخشي رھيو آهن. ڪتاب جي تعارف ۾ ڪتاب متعلق ان جون ڏکيايون ٻڌايو ويو آهن. ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ سنڌي ادب ۾ هڪ حساس دل رکندڙ ليکڪا آهي، هن ڪتاب ۾ ڪهاڻي - ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون جي موضوع تي حوالن جي حسناڪي سان ڀرپور مقالو شامل آهي،جنھن ۾ سنڌي ڪهاڻي جي اسلوب کي سٺي نموني سان پيش ڪيو آهي. لکي ٿي ته : ڪهاڻي ادب ۾ جُڳن کان موجود ۽ هلندڙ آهي، قديم مافوق الفطرت آکاڻين، منظوم عشقي، رومانوي قصن، جنگي، رزمي داستانن ۽ نصيحت جي نڪتن ۽ حڪايتن مان تبديل ٿي انيڪ تجربن مان لنگهي، فني سان نوازجي جديد مختصر ڪهاڻي وجود ۾ آئي آهي، محققن موجب ته : دنيا جو هر نثري ادب ڪهاڻيءَ کان شروع ٿيو ۽ ٻوليءَ جي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند-ڪٿائن کان ٿي آهي.
    مختصر ڪهاڻي مٿين فني خوبين سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ترجماني ڪندڙ مڃيل نثري صنف آهي، جنھن جو لکندڙ جامي چانڊيو جي نظر ۾ " آرٽسٽ سرجن" آهي. ڪهاڻيڪار ماهر سرجن به آهي جو سماجي حقيقتن جي چيرڦاڙ ڪري ٿو ته گڏوگڏ هڪ آرٽسٽ پڻ آهي جو زندگيءَ ۾ حسناڪيون تخليق ڪرڻ لاءِ حسناڪيون پيدا ڪري ٿو. "سنڌو سڀيتا ۾ موهن جي دڙي واري دور ۾ عورت کي سنڌ ۾ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو". ويدڪ دور ۾ به عورت کي علم حاصل ڪرڻ جا دروازا بند نه هئا. اهي فلسفي ۽ حڪمت جو علم پڻ حاصل ڪنديون هيون، اپشند ۾ ٻن فلسفي خواتين گارگي ۽ ميتريءَ جا عالماڻا مڪالما درج آهن. عربن جي دور ۾ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏني. سنڌي ادب جي نظم ۽ نثر جي ٻنهي مورچن تي عورتن جو حصو ملي ٿو، مائي مرکاشيخڻ جا صوفيانه گيچ ۽ ٻين گمنام شاعرائن جا چيل سهرا ۽ گيچ سومرن جي دور کان ملن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سر سسئي، سرسهڻي۽ سرمارئي جا ڪجھ بيت سنڌي عورتن جي پڙهيل لکيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿا. پهرين سنڌي عورت گلي سدا رنگاڻي، جنھن اڳي ڪماري ڪرپالاڻي جي حيثيت ۾ ٽئگور جي گورا ناول جو ترجمو ڪيو هو، 1941ع ۾ سندس ناول اتحاد نڪرڻ سان پنگتي اڳواڻن ۾ چوءٻول مچي ويو. اهڙيءَ طرح مائي واساڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو "مائي واساڻي" جون ڪهاڻيون 1943ع ۾ شايع ٿيون. 1947ع کان پوءِ ڪهاڻيءَ جو دور سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ ۾ تمام اهميت جوڳو آهي خاص ڪري 1950ع کان 1985ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو سونھري دور سڏي سگهجي ٿو. بيگم زينت عبدالله چنا "مارئي" مخزن جي سنڀاليندڙ صحافي خاتون جو شمار ورهاڱي کان پوءِ پهرين عورت ڪهاڻيڪارا طور ٿئي ٿو.
    شاهد حنائي بهترين سنڌي ڪهاڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪندي لکيو آهي ته :انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان ۾ ٻين ٻولين ۾ سڀ کان عمده ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن. ڪهاڻين جي گڏيل مجموعي جي پهرين ڪهاڻي "رتنا جا رنگ" جيسي ڪڏواڻي جي شامل آهي. جيڪا گهريلو ڪهاڻي جنهن جو مختصر حصو اوهان جي نظر : "اڄ ڪلھ جا ڇوڪرا ڀانئين ٿا ته شايد هو آسمان مان ڪري پيا آهن، ڇوڪريون مٽيءَ جا نپوڙا آهن ڇا جو سڀ تي ست ست ڪنديون"
    ٻئين ڪهاڻي، پوپٽي رامچند هيراننداڻي جي "منهنجي ناني" جو هڪ ڊائلاگ آهي ته :ڌيءُ! اڄ جي ڪنوار ٻه ڪنگڻ ٿي پائي ته مرڪي ائين ٿي ڄڻ ڪوءڙيمل جي گهر جي سڄي" سهاءِ" خريد ڪري پاتي اٿس. اسان جي ڏينهن جي ڪنوار ڪنوار هئي!،، سندر اُتمچنداڻي جي ڪهاڻي" شڪست "جو ننڍڙو جهوءنڪو آهي ته :"حشو هليو ويو ته ستي ڦٽيل پکيءَ جيان ترڦندي اچي منهنجيءَ گود ۾ ڪري ڏجهندي چيائين" دادي مونکي هاڻي مرڻ گهرجي "منهنجو من ڀرجي آيو ته به کلي چيم ايتري ۾؟" نه ته ڇا. هن جي اکين ۾ مون لاءِ جڏهن ڪابه عزت نه رهي آهي تڏهن مان ڀلا ڇا ڪنديس؟،، اهڙي گهريلو ڪهاڻيءَ ۾ تارا مير چنداڻي جي" ڀاونا "ڪهاڻي به آهي.
    " اشوڪ پڇيو، اهو ته ٻڌائي وڃ ته ڪيڏانهن ٿي وڃين؟،،
    ڀاونا ڪڙهندي چيو "جهنم ۾!،،
    اشوڪ چيو" ڪار ۾ ڇڏي اچانءِ؟،،
    ڀاونا چڪائيندي چيو,, ضرورت ڪانهي. مان پائيهي هلي ويندس,, منهنجو ذهني خاڪو اهو هيو ته سڀئي ڪهاڻيون هن مضمون ۾ شامل ڪيان پر اهو لکڻ مھل سڌ ٿي ته مضمون سڀئي ڪهاڻيون شامل ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، ڇو جو مضمون گهڻو تحويل ٿي ويندو. ايشور جوتواڻي جي ڪهاڻي "نڪتا" مختصر ۽ بهترين ڪهاڻي آهي. بيگم زينت عبدالله چنا"افسانو رانديڪو" دل کي ڳڙاٽڙي پائي ٿو. ثريا ياسمين جو افسانو "همسفر" افساني نالي وانگر پنهنجو احساس ڏياري ٿو. ثميره زرين، آءُ اُها ئي مارئي، واقعي ثميره زرين سنڌي ڪهاڻي جي مارئي آهي. خيرالنساء جعفري، "پيڙا جو پڙلاءُ "بلڪل محسوس ٿي ڪرائي محسوس ٿي ڪرائي. جيجي ۽ اها به سنڌ جي جيجي زرينه بلوچ ۽ ڪهاڻي جو عنوان به جيجي ڪمال ڪاريگري آهي.
    رشيده حجاب جي ڪهاڻي "رهزن" فهرست جي لحاظ کان ڪهاڻين جو نمبر ڪجهه اڳتي پوئتي آهن. عيبن هاڻي، تنوير جوڻيجو، ڪاري، ثريا سوز ڏيپلائي، ماهتاب چنا، ڪلا پرڪاش، ريٽا شاهاڻي، وينا شرنگي، فهميده حسين، نذير ناز، نورالهدي شاهه، سحر امداد، تهمينه مفتي، شبنم گل، ميمڻ روشن تبسم، تبسم ماهتاب قريشي، خديجه شيخ، ڊاڪٽر ناهيد مغل، رضيه کوکر، صنوبر سيد، ڪملاگوڪلاڻي، اندرا شبنم، شگفتہ شاہ ۽ ريحانه نظير جون ڪهاڻيون ۽ مني ڪهاڻيون سڀ جو سڀ ڪهاڻيون گلاب جي گل وانگر حسين کان حسين تر آهن. چيو وڃي ٿو ته :گل، محبت جي زبان هوندا آهن،پر هي سڀ ڪهاڻيون انساني احساسن جو ترجمان آهن. 242 صفحن جو ڪتاب، ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ ارپيو آهي، ملير جي مارئي، شھيد محترمه بينظير ڀٽو کي، جنھن جمهوريت کي پنهنجي خون سان ويساهه ڏنو. آخر ۾ ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ لاءِ "الف والڊو" جو قول آهي ته :ڌرتي به گلن وسيلي مسڪرائيندي آهي..
     
  2. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    پروين موسي ميمڻ جي تحقيقي ڪتاب سون ورنيون سوڍيون جو جائزو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو